پٽ جي پيدائش جون خبرون، نصيبو لعل” الحمد الله“ لکي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني گلوڪارا نصيبو لعل ڏاڏي بڻجڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪجهه ڏينهن کان مختلف سوشل ميڊيا پليٽفارمز تي افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته ته 56 ورهين جي نصيبو لعل تازو ئي پٽ کي جنم ڏنو آهي.
ان سلسلي ۾ نصيبو لعل جي مڙس ۽ تازي ڄاول ٻار سان گڏ هڪ تصوير پڻ وائرل ٿي وئي هئي.
وائرل تصوير ۾ نصيبو لعل ڳاڙهي رنگ جا ڪپڙا پاتل ۽ خوشيءَ ۾ ٻار کي ڏسندي نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته تصوير ۾ سندس مڙس پڻ موجود هو.
پر هاڻي گلوڪارا اهڙين افواهن تي خاموشي ٽوڙي مداحن کي حقيقت کان آگاهه ڪيو آهي.
فيس بڪ تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ نصيبو لعل الله جو شڪر ادا ڪندي اعلان ڪندي لکيو ته ” الحمد الله، مان ڏاڏي بڻجي ويس.“
ان کان اڳ، نصيبو لعل پنهنجي مداحن کان فيس بڪ پوسٽ ۾ تازي ڄاول ٻار جي تصوير شيئر ڪندي ڇوڪري لاءِ خوبصورت ۽ انوکو نالو تجويز ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.
ان دوران سوشل ميڊيا پيج تي نصيبو لعل جي اسپتال ۾ گانو ڳائڻ جي وڊيو پڻ سامهون آئي آهي، جنهن بابت چيو پيو وڃي ته نصيبو لعل ڏاڏي بڻجڻ جي خوشيءَ ۾ اسپتال جي عملي کي پنهنجي گيت ”ڪدي تي هنس بول وي“ ڳائي ٻڌايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.