راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز پاڪ-افغان سرحد وٽان خارجين جي گروهه جي داخل ٿيڻ ڪوشش ناڪام بڻائيندي خارجي ڪمانڊر سميت چئن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ-افغان سرحد جي ويجهو باجوڙ ۾ سيڪيورٽي فورسز خارجين جي گروهه جي چر پر جي وقتائتي نشاندهي ڪئي ۽ انهن جي داخل ٿيڻ جي ڪوشش کي اثرائتي نموني ناڪام بڻايو.
آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 4 خارجي مارجي ويا ، جن ۾ هاءِ ويليو ٽارگيٽ خارجي اڳواڻ امجد عرف مزاحم به شامل هو، جيڪو خارجي نور ولي جو نائب هو ۽ افغانستان ۾ رهي پاڪستان ۾ ڪيترن ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث رهيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل خارجين جو ليڊر ڀارتي اسپانسرڊ تنظيم فتنه الخوارج جي رهبري شوريٰ جو سربراهه هو، جيڪو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڊگهي عرصي کان گهربل هو ۽ مٿس 50 لک رپيا انعام مقرر هو.
پاڪ-افغان سرحد کان خارجين جي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، اهم ڪمانڊر سميت چار دهشتگرد ماريا ويا
You might also like