جهلم (ويب ڊيسڪ) جهلم جي علائقي دينا ۾ زميندار ٻنيءَ ۾ گهڙڻ تي ڳئون جي ڄنگهه ڪپي ڇڏي.
پوليس موجب دينا جي حدن موهال ۾ ٻنيءَ ۾ داخل ٿيڻ تي زميندار ڪاوڙ ۾ اچي ڪهاڙي سان حملو ڪري ڳئون جي ڄنگهه ڪپي، جنهن کانپوءِ زخمي ڳئون کي مقامي ماڻهن وٽرنري اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس ڳئون جي مالڪ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو پر جوابدار گرفتار ناهي ٿي سگهيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.
You might also like