نواز شريف جو 115 قومي تڪن تان چونڊ کٽڻ جو ڪاٿو، سادي اڪثريت لاءِ سرگرم

لاهور (عوامي آواز نيوز) چونڊن جي تاريخ 8 فيبروري مقرر ٿيڻ کانپوءِ  سياسي پارٽيون مستقبل جي حڪومتي جوڙجڪ لاءِ رٿابنديءَ  ۾ مصروف ٿي ويون آهن ۽ وڌ کان وڌ سيٽون کٽڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائڻ شروع ڪيو آهي، نامياري صحافي امداد سومري  جو چوڻ آهي ته (ن) ليگ جي اهم اڳواڻن جو چوڻ آهي ته  نواز شريف مستقبل ۾ اتحادي حڪومت ٺاهڻ  جي خلاف آهي ان ڪري هو ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ٻه ڀاڱي 3 اڪثريت نه ملي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ سادي  اڪثريت حاصل ڪري حڪومت ٺاهجي ان لاءِ هن  گهڻ رخي  حڪمت عملي جوڙي ان تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته  مختلف تڪن جوجائزو وٺڻ بعد اندازو ٿيو آهي ته ن ليگ  پوري ملڪ مان 115 قومي تڪن تان چونڊ کٽڻ  ۾ ڪامياب ٿيندي، سندن ڪاٿو آهي ته ڏکڻ  پنجاب جي 42 تڪن مان 30 تي ڪاميابي ماڻيندا. مرڪزي پنجاب جي 77 تڪن مان 7 تڪن هزاره ڊويزن مان ٽن تڪن پوٽوهار ريجن مان 6 ، ميانوالي ڀڪر ۽ جهنگ مان 4 شانگله مان هڪ اسلام آباد مان ٻن چترال مان هڪ سوات مان هڪ بلوچستان مان 6  سنڌ مان ٽن ۽ ڪي پي مان ٽن تڪن تي ڪاميابيءَ  جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، 115 سيٽن عيوض 6 مخصوص سيٽون ملڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي، جڏهن ته اٽڪل  25  آزاد اميدوارن کي پاڻ سان شامل ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي نواز شريف جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته گهٽ ۾ گهٽ سادي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي حڪومت ٺاهي وڃي. هوڏانهن پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ مان 50  قومي تڪن تي ڪاميابيءَ  جو ڪاٿو آهي،  بلوچستان مان 7  ڪي پي مان ٽن ڏکڻ پنجاب مان 15  کان 20 ۽ مرڪزي پنجاب مان 5 کان 7 تڪن تي ڪاميابي  جو ڪاٿو آهي، صحافي امداد سومري جو چوڻ  آهي ته ڪجهه اهم حلقن مان اهي سرٻاٽ به ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن ته شايد هن ڀيري سنڌ حڪومت پيپلز پارٽيءَ کي نه ڏني ويندي، جڏهن ته پ پ پنجاب جا اڳواڻ دعويٰ  ڪري رهيا آهن ته پيپلز پارٽي چونڊن ۾ پنجاب مان وڏو سرپرائيز ڏئي سگهي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري جي تقريرن مان به اندازو ٿي رهيو آهي ته هو نواز شريف تي تنقيد ڪري اصل ۾ پي ٽي آءِ  جي ووٽرن جو ڌيان ڇڪائي رهيو آهي، ان ۾  ڪيترو  ڪامياب  ٿئي ٿو اهو ته وقت  ٻڌائيندو  ڇو ته نواز شريف لاءِ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ اڃا تائين چئلينج بڻيل آهي، پر قيادت کان محروم هجڻ سبب ڇڙوڇڙ آهي ان هوندي به ڪجهه پي ٽي آءِ ۽ ڪجهه استحڪام پاڪستنا پارٽي سيٽون حاصل ڪري سگهي ٿي. نواز شريف ڪي پي ڪي وڃي رهيو آهي جتي جي يو آءِ ۽ اي اين پي سان اتحاد يا سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. ان هوندي به سياست آهي هر گذرندڙ لمحي تبديل ٿي رهي آهي، ان ڪري حتمي راءِ قائم نه ٿي ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.