ن ليگ سان ناراض ناهيون ۽ نه ئي کين لاڏلو سڏي رهيا آهيون: خورشيد شاهه

لاهور (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ن ليگ کان بلڪل ناراض ناهيون ۽ نه ئي کين لاڏلو سڏي رهيا آهيون. خانگي ٽي وي  سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اسان مسلم ليگ ن کان ناراض ڇو آهيون؟ اسان مسلم ليگ (ن) کان بلڪل ناراض ناهيون، گڏ رهيا آهيون ان ڪري ن ليگ کي مشورو ڏيون ٿا. خورشيد شاهه چيو ته ن ليگ وارا پاڻ کي لاڏلو ڏيکاري رهيا آهن، اسان اهو نه چئي رهيا آهيون ته هو لاڏلا آهن پر هو اهڙو ڏيک ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. خورشيد شاهه چيو ته جيڪڏهن اسان لاڏلا ٿيون ها ته بينظير شهيد نه ٿئي ها، ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهيءَ تي لٽڪايو نه وڃي ها،  نواز شريف جو نالو وٺڻ کانسواءِ خورشيد شاهه چيو ته اڳوڻي وزيراعظم کي آفيسرن طرفان سلامي ڏني وئي، سندس لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو، اسان ڏٺو ته اپوزيشن ليڊر به حڪومت سان گڏ بيٺو آهي، اسان جمهوريت کي بچائڻ لاءِ هميشه ساٿ ڏنو. ثابت ڪيو ته اسان جمهوري آهيون.راڻا ثناءُ الله جي پريس ڪانفرنس بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته راڻا ثناءُ الله سچو سياسي ورڪر آهي، هو صحيح ٿو چوي ته ڪوڙا ڪيس ختم ٿيڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.