سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران پورهيت جي قتل ڪيس ۾ جوابدار جي درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پورهيت جي قتل ڪيس ۾ جوابدار شهزاد جي بريت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت  جوابدار جي عمر قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا برقرار رکي آهي. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ٽرائل ڪورٽ جوابدار کي موت جي سزا نه ڏئي رعايت ڪئي آهي. سرڪاري وڪيل جوابدار جي خلاف ڏوهه ٽابت ڪرڻ ۾ ڪاميباب ٿيو. عدالت وڌيڪ چيو ته جوابدار پاران عرفان سميت ٻين پورهيتن تي 22 فبيروري 2014ع ۾ جمالي ڳوٺ ۾ ڪيبل جي مرمت دوران گوليون هڻڻ جو مطلب قتل ڪرڻ آهي. سرڪاري وڪيل چيو ته جوابدار شهزاد، ولي محمد ۽ محسن موٽرسائيڪل تي هئا. ملير ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي.

جنرل عاصم منير ڪرپشن جو سخت مخالف،ماضي ۾ هڪ جنرل کي هٽرائي چڪو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)صحافي ۽  وي لاگر سيد فيصل شيخ چيو آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جنرلن جي ڪرپشن جو سخت مخالف آهي، تڏهن هو ڊي جي آءِ ايس آءِ نه هو، هن تڏهوڪي آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي ٻڌايو ته وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي وئي آهي،هن ان سلسلي ۾ سمورا ثبوت به تڏهوڪي آرمي چيف حوالي ڪيا هئا، راحيل شريف ان جنرل کي گهرايو هو، ڪرپشن ۾ ملوث جنرل ڪورٽ مارشل کان  توبهه ڪري ڇڏي، جنهن بعد کيس نوڪري تان فارغ ڪيو ويو،صحافي چيو ته جنرل عاصم  منير جي ان ساک جي ڪري جنرل(ر) باجوا ڊنل هو، جنرل فيض حميد تي جنرل(ر)باجوا جي شفقت هئي، ٽاپ سٽي معاملي تي معيز خان سپريم ڪورٽ ۾ فيض حميد خلاف ويو آهي، عدالت درخواست گذار کي ڪورٽ مارشل جو رستو ٻڌائي ڇڏيو، فيض حميد جو ڪورٽ مارشل پڪو نظر اچي رهيو آهي، جنرل فيض حميد جنرل(ر) باجوا کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته مان جيڪڏهن نه بچيس ته پوءِ توهان به نه،جنرل عاصم منير 7 مهينن تائين ڊي جي آءِ ايس آءِ رهيو، فيض حميد جي ڪري ئي جنرل(ر) باجوا عاصم منير کي آءِ ايس آءِ سربراهه طور هٽائي ڪور ڪمانڊر گوجرانوالا مقرر ڪيو، فيض حميد خلاف ڪارروائي ٿي ته جنرل(ر)باجوا تي به ڇنڊا ڪرندا، پر اڳوڻي آرمي چيف طور کيس تحفظ حاصل آهي، هن چيو ته جنرل عاصم منير جنهن جنرل کي ڪرپشن تان هٽرايو ان جو نالو ايندڙ وي لاگ ۾ ٻڌائيندس

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.