گم ٿيلن جو ڪيس پاڻمرادو داخل ڪيو، عدالت جو پوليس کي حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جو ڪيس پاڻمرادو داخل ڪيو وڃي .جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ۾ چيو ته ضرروي نه آهي ته گم ٿيل ماڻهن جا وارث اچن. جيڪڏهن ڪو گم ٿي وڃي ته رياست جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو وڃي. پوليس جي ذميواري آهي ته ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري.عدالت سچل جي علائقي مان گم ٿيل شهري راشد ۽ نسيم جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ايس ايچ او سچل چيو ته هدايتون جاري ڪرڻ بعد به وارثن رابطو نه ڪيو. عدالت چئن هفتن ۾ پوليس سميت ٻين ادارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.