ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪريءَ ڀرسان ڳوٺ سونهري ۾ ٻن ٻارن جي ماءُ 28 ورهين جي بيگم خاتون جوڻيجو جو لاش گهر ٻاهران هٿ آيو آهي، گهر ٻاهران لاش پيل ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو. اسپتال انتظاميا جزا وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ مڙهه لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو. ان موقعي تي مقتولڻ جي مڙس مبارڪ جوڻيجي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻن ٻارن سان گڏ الڳ گهر ۾ رهندا آهيون، گذريل رات سارين جي ٿريشر جي مزدوري تي ويو ھئس، صبح تي ڳوٺاڻن اطلاع ڏنو ته گهر واري جو لاش پيو آهي، ھن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ هو ته فوتي عورت جي ڳلي تي گھٽن جا نشان هئا، واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. وڌيڪ ڪارروائي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪئي ويندي. هوڏانهن تعلقي اسپتال ڏوڪري ۾ ليڊي ڊاڪٽر ڍير سان پهچڻ بعد مقتولڻ جي لاش جو پوسٽ مارٽم جزا وٺڻ لاءِ 5 ڪلاڪ دير ٿي جنهن ڪري وارث سخت پريشان ٿيا، ليڊي ڊاڪٽر اچڻ بعد جزا وٺي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو. آخري اطلاعن تائين پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو.