حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو آهي ته سنڌ جي صورتحال فلسطينين کان مختلف ناهي. سنڌ جي زمينن تان ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪري لکين ايڪڙ زمينون عالمي سرمائيدار ڪمپنين جي حوالي ڪيون پيون وڃن. سنڌ جي ساحلي پٽي جون لکين ايڪڙ زمينون مال غنيمت سمجھي ڌرتي ڌڻين کان کسي عالمي ڪمپنين کي وڪرو ڪيون پيون وڃن. سامونڊي پٽي تي قبضو ڪري نئون اسرائيل ٺاھڻ جي منصوبا بندي ڪئي پئي وڃي. پيپلز پارٽي سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن کي اقتدار جي لالچ ۾ مڪمل طور تي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جو ادارو پاڪستان جي سڀني صوبن جي زمينن تي قبضو ڪري عالمي ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر حورالنساءِ پليجو، ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر ۽ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي حڪومت 2010 ۾ ڪيٽي بندر ۽ کارو ڇاڻ جي 6 لک 90 هزار ايڪڙ زمين جا کاتا غائب ڪري ڇڏيا آهي. هن وقت ڪينجهر جي ساڍا 6 هزار ايڪڙ زمين ڪويتي ڪمپني کي وڪرو ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته پيپلز پارٽي سرڪار ڪيٽي بند جي 7 ديهن جي مقامي ماڻهن کي بي دخل ڪري انهن جي 25 هزار ايڪڙ زمين عالمي سرمائيدار ڪمپنين کي وڪرو ڪري مقامي ماڻهن کي بي دخل ڪري ڇڏيو آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ذوالفقار آباد، ڪمانڊر سٽي جهڙن رهائشي منصوبن ۽ زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪري سنڌ جون زمينون عالمي ڪمپنين حوالي ڪيون ويون آهن.