وارھه /نصيرآباد ( رپورٽ: منظور قريشي + بشير بروهي ) ڏھه مهينا اڳ وارھه واسي علي احمد بروھي کي سندس سئوٽن ۽ چاچن لاڙڪاڻي مان دوکي سان گهرائي بيدردي سان قتل ڪري لاش گم ڪرڻ ڪري ڇڏيو، مقتول جي امڙ نور بيبي، ڀاءُ ابوبڪر ننڍڙن ٻارن سميت عوامي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو. مقتول جي امڙ چيو ته لڳاتار احتجاجن باوجود سمورا جوابدار گرفتار ناهن ٿيا ۽ نه ئي لاش ملي سگهيو آهي. هن چيو ته پٽ جي جدائي جيءُ جهوري ڇڏيو آھي، وحشي قاتلن کي مرڻ گهڙي تائين معاف نه ڪندس، سمورن قاتلن کي ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪندي ڏسڻ ٿي چاھيان. ھنن سپريم ڪورٽ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي اپيل ڪندي چيو ته روپوش جوابدار خيرمحمد بروھي کي گرفتار ڪري سمورن جوابدارن کي ڦاهي ڏئي انصاف ڪيو وڃي.