هريپور(م ڊ) اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر گوهر ايوب خان کي جنازي نماز جي ادائيگي کانپوءِ اباڻي قبرستان ريحانه هريپور ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. گوهر ايوب خان شديد بيماري سبب گذريل ڏينهن وفات ڪري ويو هو. مرحوم جي جنازي نماز ريحانه هريپور ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سياسي ۽ سماجي شخصيتن سميت زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.