نوازشريف سان آمريڪي سفير جي ملاقات مداخلت آهي: پي ٽي آءِ

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) نواز شريف سان آمريڪي سفير جي ملاقات واري پڌرائي کي مڪمل طور رد ڪندي ان  کي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ سنگين مداخلت قرار ڏنو آهي.تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو آهي ته نواز شريف ۽ آمريڪي سفير ڊونلڊ لو وچ ۾ ملاقات واري بيان جو مواد ان سازش جو تسلسل آهي جنهن تحت عمران خان جي حڪومت ختم ڪئي وئي ،هن چيو ته شريف خاندان پنهنجي اقتدار لاءِ هر اندروني ۽ ٻاهرين واپاري سان پاڪستان جي مفادن جو سودو ڪيو، اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته بيان جي مواد جو فوري نوٽيس وٺي ۽ آمريڪي سفارتخاني کان معاملي جي وضاحت طلب ڪري،هن چيو ته تحريڪ انصاف آئين جي بالادستي، جمهوريت جي حفاظت، چونڊن جي شفافيت ۽ قوم جي حقيقي آزادي جي ايجنڊا کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.