نواز شريف جي آمريڪي سفير سان ملاقات،سياسي ۽معاشي صورتحال تي ڳالهيون

لاهور(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف سان ڇنڇر ڏينهن آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جاتي امرا ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات  ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان جي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ عام چونڊ جي تيارين جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ سميت پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي نواز شريف پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن جي اهميت تي زور ڀريو. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مطابق نواز شريف مختلف آمريڪي اڳواڻن سان پنهنجي ملاقاتن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته سمورا آمريڪي اڳواڻ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن جي اهميت کي تسليم ڪن ٿا. فلسطين مسئلي جي حوالي سان نواز شريف اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ بيگناهه فلسطينين جي شهادتن جي مسئلي کي اجاگر ڪيو ۽ غزه ۾ فوري جنگ بندي تي زور ڀريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.