پاڪستان هڙني پاڙيسرين خاص ڪري افغانستان سان امن چاهي ٿو: فيلڊ مارشل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير واضح لفظن ۾ چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سرزمين تي افغان سرزمين تان دهشتگردي برداشت نه ڪندو، پاڪستان پنهنجي سڀني پاڙيسري ملڪن خاص ڪري افغانستان سان امن چاهي ٿو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پشاور جو دورو ڪيو ۽ ان دوران قبائلي اڳواڻن جي جرڳي سان ملاقات پڻ ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، دوري دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي پاڪ-افغان سرحد تي امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ جاري دهشتگردي ٽوڙ ڪارروائين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
ان کانسواءِ پشاور ڪور هيڊ ڪوارٽرز ۾ آرمي چيف کي علائقي جي موجودا سيڪيورٽي صورتحال ۽ آپريشنل تيارين بابت به آگاهي ڏني وئي.
فيلڊ مارشل عاصم منير جرڳي کي خطاب ڪندي قبائلي عوام جي ڀرپور حمايت کي ساراهيو ۽ تازو پاڪ-افغان ڇڪتاڻ دوران سيڪيورٽي فورسز سان سهڪار تي قبائلي عوام کي ڀيٽا پيش ڪئي.
آرمي چيف دهشتگردي خلاف جنگ ۾ خيبرپختونخوا جي بهادر عوام جي قربانين ۽ عزم جي به واکاڻ ڪئي.
فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين تي افغان سرزمين تان دهشتگردي برداشت نه ڪندو ۽ سڀني پاڙيسري ملڪن خاص افغانستان سان امن چاهي ٿو.
فيلڊ مارشل چيو ته گذريل ڪجهه سالن دوران پاڪستان، افغانستان سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ سفارتي ۽ معاشي قدمن کڻي چڪو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته افغان طالبان حڪومت ڀارتي حمايت يافتا دهشتگرد گروهن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي بدران کين هر ممڪن سهولت مهيا ڪري رهي آهي.
آرمي چيف چيو ته پاڪستان، خاص طور تي خيبرپختونخوا کي دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کان مڪمل طور تي پاڪ ڪيو ويندو.
آءِ ايس پي آر موجب، قبائلي اڳواڻن آرمي چيف جي واضح موقف کي ساراهيو ۽ پَڪ ڏياري ته خيبرپختونخوا جا ماڻهو امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستاني فوج سان گڏ آهن، فتمج الخوارج جي ورغلائيندڙ سوچ کي قبيلن ۾ ڪا حمايت حاصل ناهي.
قبائلي اڳواڻن دهشتگردي خلاف پاڪ فوج جي مڪمل حمايت جو عزم ورجايو ۽ افغان طالبان خلاف پڻ واضح موقف اختيار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.