اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) سياري لاءِ ارلي وارننگ رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته هلندڙ سال ملڪ ۾ معمول کان گهٽ برساتن ۽ گهٽ گرمي پد رهڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ موجب، ايندڙ ٽن مهينن دوران گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهندو، جڏهن ته برساتون معمول کان گهٽ ٿينديون.
اين ڊي ايم اي موجب، اولهندي هوائن جي شدت گهٽجڻ سبب سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ موسم خشڪ رهندي، اترين علائقن ۾ نومبر ۽ ڊسمبر ۾ ٿڌين هوائن جو راڄ هوندو، برفباري معمول کان گهٽ ٿيندي، جڏهن ته فيبروري ۽ مارچ ۾ وڌيڪ برفباري جو امڪان آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پنجاب ۾ نومبر ۾ گهڻي ٿڌ نه پوندي، جڏهن ته رات جي وقت ۾ گرمي پد وڌڻ سبب ڪوهيڙي ۽ فضائي گدلاڻ ۾ واڌ ٿي سگهي ٿو.
اهڙي طرح، سنڌ ۽ پنجاب ۾ نومبر ۽ ڊسمبر ۾ سموگ وڌڻ جا امڪان آهن.
اين ڊي ايم اي چيو آهي ته ارلي وارننگ سسٽم نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ اثرائتو ثابت ٿيو آهي، جنهن ذريعي سموگ ۽ موسمي تبديلين جي ٽي مهينا اڳ ڊيٽا حاصل ڪري سگهجي ٿي.
اختيارين خبردار ڪيو آهي ته خشڪ موسم ۽ گهٽ برساتون فصلن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته سياري جي شروعات هاڻي ڊسمبر بدران جنوري جي آخر ۾ متوقع آهي.
You might also like