ھونئن ته گذريل ڪيتري ئي وقت کان ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي جو سلسلو جاري ھو، پر پ پ سرڪار جي پڇاڙڪين ڏھاڙن ۾ ان ۾ تمام گھڻي تيزي ڏسڻ ۾ آئي، جتي مختلف ڪمپنيون جديد ۽ ڀاري مشينن سان ڪارونجھر جبل کي ڪٽڻ شروع ڪري ڏنو ھو. ان عمل جي خلاف سياسي جماعتن ۽ فطرت دوست ماڻھن سخت ردعمل ظاھر ڪيو ھو، جن سنڌ جي مختلف شھرن سان گڏ ڪارونجھر جبل تي پھچي پڻ پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ھو، ۽ وڪيل شنڪر لال ميگھواڙ سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ درخواست داخل ڪرائي ھئي، جنھن تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد برانچ 5 سيپٽمبر 2023ع تي محفوظ ڪيل فيصلو 19 آڪٽوبر 2023ع تي ٻڌائيندي ڪارونجھر جبل کي قومي ورثو قرار ڏنو ھو. بئنچ ۾ جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس حسين خان شامل ھئا، سنڌ ھاءِ ڪورٽ پنھنجي فيصلي ۾ ڪارونجھر جبل کي ورلڊ ھيريٽيج سائيٽ ۾ شامل ڪري لاڳاپيل ڌرين کي حڪم ڏنو ھو ته ڪارونجھر جبل تي ڪا به ڪمرشل سرگرمي نه ڪئي وڃي. عدالتي فيصلي کان پوءِ سياحت ۽ ثقافت واري نگران صوبائي وزير چيو ھو ته ڪارونجھر جبل سڄو ھيريٽيج ناھي.
سنڌ سرڪار ، سنڌ جي تاريخي، ثقافتي ۽ سياحتي ماڳ ڪارونجھر جبل کي تاريخي ورثو قرار ڏيڻ واري سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا آھن. نگران سنڌ حڪومت کي سنڌي ماڻھن جي راءِ، سندن جذبات جو قدر ڪرڻ گھرجي. ڪارونجھر جبل ھڪ قدرتي شاھڪار آھي، جنھن کي بچائڻ لاءِ سنڌ جا ماڻھون ان لاءِ آواز نه پيا اٿارين ته ھو سنڌ جي ملڪيت آھي، پر ان لاءِ پڻ جدوجھد ڪري رھيا آھن ته اھو ھڪ سياحتي ماڳ ۽ قدرت جو شاھڪار آھي.
سياحتي ماڳ ھر باذوق شخص جي ملڪيت ھوندي آھي ۽ اھڙن ماڳن کي بچائڻ ھر فطرت پسند ۽ زنده دل ماڻھن جي ذميداري ھوندي آھي. ڇا ڪاڻ ته سياحتي ماڳ ڌرتي جي سونھن ھوندا آھن، انھن جي تباھي ڌرتي جي تباھي ھوندي آھي، ڀلا ڌرتي جي تباھي ۽ بي رونقي کي ڪيئن قبول ڪري سگھجي ٿو؟
نگران حڪومت جيڪا اڍائي مھينن جي مھمان به مس آھي، ان کي اھڙا قدم کڻڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي، جنھن فطرتي سونھن جي تباھي، پکين جي دربدري ۽ ھزارين ماڻھن جا جذبا مجروع ٿين. ڇا ڪاڻ ته اڄ جو گذرندڙ ھر پل سڀاڻي جي تاريخ ليکي ويندي، ۽ تاريخ وڏي بي رحم شيء ٿيندي آھي، جنھن کان ڪير به بچي ناھي سگھندو.
-
ڪراچي ۾ رڳو ”سنڌي آبادين“ جي ڀڃ ڊاھ ڇو؟
ڪراچي جي سنڌي آبادين کي مختلف جواز بڻائي ڊاھڻ جو سلسلو تمام گھڻو پراڻو آھي. ويجھڙ ۾ غازي ڳوٺ کي ڊاھڻ لاءِ انتظاميه ڪيترائي ڀيرا چڙھائي ڪري چڪي آھي. ان سلسلي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا نه رڳو پرامن احتجاج ڪندڙ عورتن، معصوم ٻارن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائيندي رھي آھي، پر سياسي، سماجي ڪارڪنن سميت عام ماڻھن تي ڪيس پڻ داخل ڪيا.
تازو ھڪ ڀيرو ٻيھر غازي ڳوٺ کي ڊاھڻ لاءِ انتظاميه حرڪت ۾ آئي. نه رڳو غازي ڳوٺ کي ڊاھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر بنا ڪنھن اطلاع ۽ نوٽيس جي خميسا ڳوٺ تي ڪاھ ڪئي وئي آھي. خبر موجب ڪراچي جي قديم وسندي خميسا ڳوٺ تي اسسٽنٽ ڪمشنر ايئر پورٽ ۽ ڊي ايس پي ملير ڪينٽ طرفان وڏا اٽالا ساڻ ڪري ڳوٺ تي ڪاھ ڪري فائرنگ ڪئي ۽ عورتن سميت ٻارن تي پڻ تشدد ڪيو، جڏھن ته ڳوٺ جي مک ديوار ڪيرائي ڇڏيائون.
ڪراچي ۾ جيڪي به ڳوٺ آھن، اھي انگريز دور جا اڏيل ۽ قديم آھن، شھر جو وڌي وڃڻ سبب اھي ڳوٺ شھر ۾ اچي ويا يا ڪنھن رھائشي منصوبي لاءِ مناسب سمجھا ويا، جيئن بحريا ٽائون ڪيئي قديمي ۽ تاريخي ڳوٺ ڳھي ويو، اھڙي طرح اتان جي زمين جي قيمت به وڌي وئي. ان لاءِ انھن ڳوٺن ۾ سالن کان رھائش پذير ماڻھن کي لڏائڻ لاءِ مختلف حربا ھلايان وڃن ٿا ۽ ان ۾ انتظاميه جو ڪردار به ھڪ طرفو ۽ ڌر بڻيل وارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ھونئن ته ڪراچي ۾ ڪيئي وسنديون آھن، جتي غير قانوني غير ملڪين جو خاصو تعداد رھي ٿو ۽ اھي وسنديون پوليس سميت ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ پڻ نوگو ايريا بڻيل آھن، پر اتي اڄ ڏينھن تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آھي. ڏٺو اھو ويو آھي ته ڪراچي ۾ ھر ان علائقي کي تعصب جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، جنھن جي نالي ۾ "ڳوٺ” جو لفظ اچي ٿو.
ڪراچي ۾ ھيل تائين جن به ڳوٺن کي ڊاھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، اھي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ صدي جي تاريخ ضرور رکن ٿا، ڇو ته اھي شروع جو ننڍا ننڍا ڳوٺ ۽ شھر کان ٻاھر ھئا، پر شھر ۽ انساني آبادي وڌڻ سبب اھي ڳوٺ مان بدلجي شھر بڻجي ويا پر مٿن ڳوٺ وارو ساڳيو نالو برقرار رھيو. ان لاءِ سنڌي ڳوٺن جي تاريخي حيثيت تسليم ڪري انھن جي خلاف انتقامي ڪارروائي بند ڪئي وڃي.