پ ٽ الف جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ نيون چونڊون ڪرايون وڃن

تحرير: احمد رضا عطاري  

استادن جي سماجي تنظيم آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسو سيئيشن (پ ٽ آلف) هڪ وڏي تاريخ رکي ٿي پ ٽ الف جو 18 آڪٽوبر 2023ع تي 3 سالا مدو پورو ٿي ويو آهي. جنهن کان پوءِ سموري سنڌ جا سوا لک پرائمري استاد پنهنجي جمهوري نظام عمل کي برقرار ڏسڻ لاءِ نين چونڊن اليڪشن جو مطالبو ڪري رهيا آهن ۽ پوري سنڌ ۾ وري سنڌ جا پرائمري استاد جمهوري نظام جمهوريت ڀريو ماحول ڏسڻ جي خواهش ڏيکاري رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن استادن جي نمائنده جماعت تنظيم پ ٽ الف ۾ پنھنجو پيرڊ 3 سال گذرڻ باوجود به نيون چونڊون اليڪشن نٿيون ڪرايون وڃن ته پوءِ هڪ ٻه سئو هزار نه پر تقريبًا سوا لک استاد انهيءَ بي چيني ذهني الجهن ۽ ٽينشن جو شڪار آهي ته ڪا به ڌر غير قانوني، غير آئيني ۽ غير جمهوري انداز ۾ 3 سال عهدن تي رهڻ باوجود هاڻي قابض ٿيڻ ۽ چنبڙڻ جو باقي جواز نٿو رهي ته ڪو به گروپ ڌڙو ڊڪٽيٽرشپ غير جمهوري انداز سان ڏاڍ مڙسي ڪندي هروڀرو عهدن تي چنبڙي تعليم متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي. پنهنجا پراڻا عهدا ڇڏي نين چونڊن جو فوري طور تي اعلان ڪيو وڃي. جنهن سان هزارين استادن جي ذهني الجهن پريشاني دور ٿي سگهي ٿي.

انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ انڊسٽري ڊپارٽمينٽ، نگران حڪومت سنڌ، نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس ( ر ) مقبول باقر، وزير تعليم ميڊم رعنا حسين، سيڪريٽري ڊاڪٽر شيرين بيگم سميت تعليم کاتي سنڌ جا وش وارا فوري طور تي پ ٽ الف جي مدي ختم ٿيڻ بعد هنگامي بنيادن تي جهڙي طرح ملڪ پاڪستان ۾ جنرل اليڪشن جون تياريون آهن ۽ اهي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ حڪومت سرگرم عمل آهي اهڙي طرح استادن جي نمائندہ تنظیم پ ٽ الف جي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ به خصوصي احڪامات جاري ڪندي استادن ۾ جمهوري قانوني اخلاقي قدرن جي پاسداري ڪندي نئين اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو وڃي ۽ 3 سالا عهدن تي رهندڙ مدي خارج عھديدارن کي هاڻي ڇٽي موڪل ڪرائي وڃي.

اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر ڪار پ ٽ الف جي سيٽن تي رهندڙ ڪهڙي ڳالهه جي ڪري مدي خارج پيرڊ ٽي سالا پورو ٿيڻ باوجود ڪرسين عهدن کي ڇو چنبڙي پيا ويٺا آهن؟. لڳي ٿو ته انهن عهدن جي لالچ ۾ يا انهي ڊپ خوف کان عهدا نٿا ڇڏين ته وري استادن جو ووٽ ملي الائي نه، يقينن جن استادن جي بهتري لاءِ ڪم ڪار، استاد برادري، تعليم جي بهتري لاءِ انقلابي سوچ وارا ڪم ڪار ڪيا هوندا انهن کي استاد ڳولي ڳولي پنهنجو پاڻ ووٽ ڪندا. باقي جن ٽي سالا پنهنجي پيرڊ ۾ استاد ڪاز لاءِ وڙهڻ جدوجهد ڪرڻ بجاءِ آفيسرن ڪامورن جي خوشامد لوڀ لالچ دڪانداري ۾ گذاريو هوندو انهن کي ڪنهن به صورت ۾ استاد ووٽ نٿا ڪري سگهن.

استاد باشعور آهن پر ڪجهه ماڻهو گوسڙو ماسترن جي سهاري اليڪشن ۾ ووٽ وٺڻ ڄاڻين ٿا. اسان جي تعليم جو ٻيڙو اهڙن گوسڙو ماسترن ٻوڙيو آهي جيڪي نه اسڪول اچن، نه ئي تعليم ٻارڙن کي ڏين، ني ئي وري بهترين سٺن ڪم وارن انقلابي سوچ وارن عھديدارن کي ووٽ ڪن، تعليم کاتي ۾ بدنام زمانا گوسڙو ماسترن جي ڪري پوري تعليمي اسٽريڪچر جو ڊوان ڊول لڳو پيو آهي. هڪڙا نالي ۾ ماستر آهن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اهي يونين جي ڪمداري پٽيوالي سنهي ماري جي ڪري بدقسمتيءَ سان يونين جي وڏن عهدن تي تاڦيل رهن ٿا، حقيقت ۾ هتي جيڪو ڪجهه يونين جي نالي فراڊ هيرا ڦيري، داداگيري ۽ ڏاڍ مڙسي ڪئي ٿي وڃي انهيءَ تي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙهي رهي آهي. يونين جي نالي ۾ ادارن جي نيلامي ٿيندي رهي ٿي. غلط اڳواڻن عھديدارن جي ڪري تعليم کاتي ۾ نسورو ناحق ٿيندو رهي ٿو. فرنيچر جي کوٽ، اسڪولن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا به سهولت نه هجڻ تي چپ، استادن جا جائز ڪم ڪار نه ٿيڻ تي خاموشي، يونين جو ڪم صرف اهو آهي ڇا ته پنهنجي مٽن مائٽن، عزيزن، رشتيدارن، اولاد لاءِ مخصوص نوڪريون وٺي خاموش ٿي ويهڻ، باقي پوري سنڌ جي سمورن استاد برادري جي استاد اولاد ڪوٽا تي وات بند ڪري ويهي رهڻ، استادن جي 17 گريڊ وٺڻ لاءِ خاموش ٿي ويهڻ، پروموشن ۾ سينيئر 35.35 سالن کان وڌيڪ سروس ڪندڙ نظر انداز ٿيندا رهن پر ڪامورا ۽ يونين جا ماڻهو ملي ڀڳت ڪندي پنهنجا نوازي ۾ پروموشن نٿا کڻي سگهن ۽ پي ايس ٽي کان ايڇ ايس ٽي نٿا بڻجي سگهن؟

پ ٽ الف هڪ نه پر ڪيترا دفعا وڏي واڪي اعلان ڪري چڪي آهي ته بند پيل اسڪول کو لائڻ لاءِ حڪمرانن کي نيڪ نيت، مخلص تعليم دوست ٿيڻو پوندو.ا.سان پ ٽ الف وارا اهو پڻ چئون ٿا ته گوسڙو ملازم ڪٿي به هجي اهو اداري لاءِ ناسور کان گهٽ ناهي ۽ گوسڙو ملازم آفيسرن جي آشيرواڌ کان سواءِ نٿو هلي سگهي.ان۾ خود اهي وڏا هٿ ملوث ئي آهن جيڪي آءِ ڊيون ،سروس بوڪ ،رٽائر مينٽون، سرٽيفڪيٽ ، دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙن جا ڪاغذات جعلي ٺهرائي هيرا ڦيرا ڪن ٿا ان ۾ سڄي چين آهي جيڪي پاڻ سڀ اگهاڙا آهن پر پوءِ به استاد ن مٿان ڪوڙا الزام هنيا ٿا وڃن.هاڻي  مجرم ئي منصف ٿين ته پوءِ ڇا چئي سگهجي ٿو.استادن جي چونڊن ۾ استاد گهر گهر وڃي ووٽ لاءِ ايلاز منٿون تي ڪري رهيا آهن انهيءِ لاءِ ائين به آهي تي وري ڪٿي سينئر استاد اڳواڻ جوڙ توڙ ۾ به مصروف آهن تي ڪيئن ڪٿي ووٽ وٺجي.يونٽن مان ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪجي.اهو سلسلو اليڪشن جي ڏينهن تائين جاري رهندو آهي.

سنڌ جي استادن جي منشور ۾ هي ڳالهه واضح آهي ته تعليم جي بهتري لاءِ    تعليمي سيمينار ڪرائي، استادن ۽ شاگردن ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ جذبو پيدا ڪرڻ،هر تعليمي سال دوران شاگردن ۾ چٽاڀيٽيءَ ذريعي اهليت جي بنياد تي شاگردن ۽ استادن کي ميرٽ تحت ايوارڊ ڏيڻ، بند پيل اسڪول استادن ۽ انتظاميه جي سهڪار سان کولرائي ٻارڙن کي تعليم جي زيور سان سنواري قومي فرض ادا ڪرڻ. استادن جي جان مال ۽ عزت جو مڪمل تحفظ ڪرڻ،پ ٽ الف کي حقيقي روپ ۾ آڻي آئيني روح موجب هلائن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.