پنهنجي ڌرتي ۽ قوم جو خلوص دل سان سوچيو

تحرير: عزيزه حنا عباسي

اليڪشن ٿئي پئي، مخصوص پارٽيون جوڙ توڙ ۾ لڳي چڪيون آهن، جهڙي طرح سنڌ۾ ٻين صوبن جي ماڻهن کي ۽ غير قانوني غير ملڪين کي ڪاغذ ٺهرائي مخصوص سيٽون ڏيئي چونڊن ذريعي اسمبلين ۾ پهچايو وڃي ٿو ته اهي وري هتان جي دولت لٽي پنهنجي ملڪ يا پنهنجي صوبن ڏانهن موڪليندا آهن پر هتي ڪنهن کي به پرواهه ناهي.

جهڙي طرح هن ڌرتي جو رهندڙ هتي جي عوام ۽ ترقي جو سوچيندو ڇا ڪو ٻيو ٻاهريون ماڻهو سوچيندو؟ پر اڃان به اسان جا ماڻهو اک نٿا پٽين،گذريل ٻوڏ متاثر اڃان تائين سورن ۾ آهن ڇا انهن جي ڀلي لاءِ  ڪو غير سنڌ ي سنجيدگي سان سوچيندو جتي اسان جا پنهنجا سنڌي ئي سنجيده ناهن اتي ٻين کي ڪهڙو لاچار آهي، سنڌ جي معيشت سنڌ جو ترقياتي ڍانچو ،سنڌ جا تعليمي ادارا ،صحت مرڪز ،۽ تقريبن هر ادارو تباهي جي ڪنڌي تي ۽ ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي. گهڻو ٿيو هاڻي دنيا جون تبديل ٿيندڙ حالتون ڏسي سنڌ جي عوام کي به سوچڻو پوندو ته اسان پنهنجي نسلن جي مستقبل جي لاءِ  سوچيون، اڄ سنڌ جي تعليمي اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جون فيسون ٻڌي ڏندين آڱريون اچيون وڃن اتي اهو خيال به ذهن ۾ اٿي ٿو ته ڇا هاڻي تعليم به صرف پيسي وارن جي ميراث آهي؟ ،ڇو ته ڪي به  غريب مزدور ماڻهو يا مڊل ڪلاس تائين جا ماڻهو به اهي فيسون نٿا ڀري سگهن، مسڪين ماڻهن جي ٻچن لاءِ  اعلي تعليم ڄڻ خواب بنجي وئي آهي،ڇو اسان جي قوم سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن کان مڪمل طور لاتعلق آهي،ڇو اهي سوچين نٿا،پنهنجي زمين ،پنهنجا ڳوٺ شهر ڌارين حوالي ڪيا پيا وڃن،۽ پنهنجو اقتداري سيٽون جنهن وسيلي هو پنهنجي علائقن کي ترقي ڏياري سگهن ٿا سي به ٻين ڌارين کي ملندي ڏسي به خاموش چپ جو روزو رکيو ويٺا آهن.

اسان جا مقامي سياسي تنظيمن جا اڳواڻ چاهين ته پنهنجي پنهنجي سياسي پارٽين کي مجبور ڪري سگهن ٿا ته ڪنهن به غير مقامي ماڻهن کي پارٽي ٽڪيٽ نه ڏين، مخصوص سيٽون به نه ڏين پر سنڌ جي پڙهيل لکيل باشعور نوجوان قيادت کي اڳيان آڻي،ته هو سنڌ جي تباه ٿيل ڍانچي کي ڪا ترقي ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪن، سنڌ جا سچا هڏ ڏوکي ماڻهو چونڊي اسيمبلين تائين پهچايا وڃن ته جيئن ماضي ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ويساھ گهاتين ۽ تباهيءَ  جا ڪجهھ اثر گهٽجي سگهن، سنڌ جي معدنيات، پاڻي ،تيل، گئس جو ڀرپور نموني سان آواز اٿاري پنهنجا حق وٺي پنهنجي ڌرتي ايمانداري سان سجائين، ٿر جي ڪاري سون کي ٿر جي عام غريب مسڪين عوام لاءِ  لاڀائتو ڪن نه ڪي پنهنجا بينڪ بيلينس ڀرين،۽ ٿر جا معصوم ٻچا بکن وگهي زندگيون هارائيندا رهن.

سنڌ کي گهڻو تڻو پيري مريدي واري ۽ وڏيرڪي سسٽم جيڪو تباه ڪيو آهي ان کي ختم ڪرڻ لاءِ  جديد بنيادن تي سنڌ جي مستقبل جي معمارن لاءِ  بهترين تعليمي ادارا جوڙي ڪارائتيون پاليسيون جوڙيون وڃن ته جيئن سنڌ جو ٻار به دنيا جي تعليمي معيار تي پورو لهي.

هن وقت حالت اها آهي جو مقابلي جي امتحان  ۾ جيڪڏهن پنجاهه هزار شاگرد ويهن ٿا ته صرف پندرنهن سئو پاس ٿا ٿين، تازو سنڌ يونيورسٽي جي ٻه هزار چوويھه جي داخلا لاءِ ورتل ٽيسٽ جا نتيجا ڏسو ته ٽيسٽ ڏيندڙ اڻويهه هزارشاگردن مان صرف هڪ سئو اٺونجاھ اميدوارن ٽيسٽ ۾ ستر سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ مارڪون کنيون، اوڻيهھ هزار شاگردن مان صرف يارنهن سئو ڇاهتر اميدوار سٺ سيڪڙو يا وڌيڪ مارڪون حاصل ڪن ٿا ،اها حالت وڃي بيٺي آهي.

سو خدارا پنهنجي ڌرتي۽ قوم جو خلوص دل سان سوچيو ،سنڌ جي سياسي اڳواڻن کي به نماڻي گذارش ته پنهنجي پنهنجي ڏيڍ سر جي مسجد اڏڻ بدران گڏجي سنڌ سونهاري کي نئين سر اڏيو اهو اوهان تي سرزمين سنڌ جو فرض آهي ،جيڪو نڀائڻ اوهان جو ڪم آهي،

اسان جا مقامي سياسي تنظيمن جا اڳواڻ چاهين ته پنهنجي پنهنجي سياسي پارٽين کي مجبور ڪري سگهن ٿا ته ڪنهن به غير مقامي ماڻهن کي پارٽي ٽڪيٽ نه ڏين، مخصوص سيٽون به نه ڏين پر سنڌ جي پڙهيل لکيل باشعور نوجوان قيادت کي اڳيان آڻي،ته هو سنڌ جي تباه ٿيل ڍانچي کي ڪا ترقي ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪن، سنڌ جا سچا هڏ ڏوکي ماڻهو چونڊي اسيمبلين تائين پهچايا وڃن ته جيئن ماضي ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ويساھ گهاتين ۽ تباهيءَ  جا ڪجهھ اثر گهٽجي سگهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.