معاشي نظام ۾ سڌارا آڻڻ جو سوال

تحرير: رياض ابڙو 

اسان جو ملڪ يا اسان جهڙا ملڪ جيڪي ايف اي ٽي ايف جي لپيٽ ۾ هيا (يا آهن) سي ڪڏهن به آجا نه ٿي سگهندا توڻي جو ايف اي ٽي ايف (فائنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس) نما جيڪي به تنظيمون يا پريشر آرگنائيزيشنز آهن پر اهي سڀ معاشي زنجيرون آهن جيڪي غيرمسلم ملڪن جي لاءِ جوڙيل آهن، ۽ جيڪي به اسلامي ملڪن آهن اهي تنظيمون پنهنجا اهي سڀ نظام اتي لاڳو ڪنديون جيڪي انهن وٽ مروج آهن پوءِ اهي ڪيترا به غيرانساني ۽ غيراسلامي هجن پر آهستي آهستي اهي قوتون ڪامياب ضرور وينديون.

اسان جهڙا 27 ٻيا ملڪ جيڪي ٽين دنيا جا وائڙا ملڪ آهن، جن جي مٿان انٽرنيشنل ادارن جا ڪنٽرول گهٽ نه ٿا ٿين مثال آءِ ايم ايف قرض چاڙهي چاڙهي غريب ملڪن جا ترا ئي ڪڍي ڇڏيا آهن. هي ادارو انهن ملڪن کي اهڙا قرض ٿو ڏئي جيڪي پهرين به ”آپريشنل ڪاسٽ“ ۾ دٻيل آهن جيڪي پنهنجا خرچ نه ٿا ڪڍي سگهن جيڪي ملازمن جون پگهارون ۽ پنيشنون نه ٿا ڏئي سگهن، جيڪي ان ڳالهه ۾ پريشان آهن ته هيل جيڪي ملازم رٽائر ٿيندا اهي ملڪي ناڻي جي مٿان هروڀرون جو بارُ هوندا. ان ڪري اهي ان ڳڻتي ۾ آءِ ايم ايف جي هٿان پريشان آهن ته جي اهي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون پگهارون ادا نه ڪري سگهيا ته انهن جا ذيلي نظام درهم برهم ٿي ويندا ۽ جيڪي به بارڊر سيڪورٽي جا نظام آهن اهي خراب حالتن ۾ هليا ويندا، جنهن سان رياست کي حد درجي جي نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ جيڪي ڳالهه رياست جي برداشت کان ٻاهر آهي.

سو آءِ ايم ايف وٽ اهڙا پروگرام ناهن ته پيسي کي پيسو ڪمائي کائجي پر انهن وٽ سڪوڪ نالي بانڊ ضرور آهن جيڪي ڏيڻ سان اهي رياستون آءِ ايم ايف جي بار هيٺ دٻبيون وينديون ۽ رياستون گهر جا ٽپڙ ٽاڙي وڪڻي به گهر (رياست) جا ڪم اڪلائينديون رهنديون. ان ڪري آءِ ايم ايف پنهنجي نيت ۽ پرگرامن ۾ ڪامياب آهي ته جيڪي به 27 ملڪ يا جيڪي به 57 اسلامي ملڪ آهن اهي دٻجي وڃن. يا ”آءِ اي ئي اي“ ايٽمي اثاثن جي مٿان سرڻ وارا لامارا ڏيندي ٿي رهي، ڇو ته دنيا ٻي مهاڀاري لڙائي مان جان ڇڏائي ”يوني پولر“ ته ٿي وي آ پر آمريڪا چنبي ۾ پاڻ اڙائي ويهي رهي جو جيڪي سيهوني رياستون ۽ زيونسٽ مائيڊ سيٽ اڀري آيا انهن اسلامي ملڪن ۽ معاشرن کي بگاڙي رکيو ۽ پنهنجي سامراجيت کان باز نه آيا، ان ڪري ته سرد جنگين کانپوءِ انهن ملڪن خاص سيهوني ۽ زيونست (معني عيسائي ۽ يهودي) ملڪن پنهنجي هلائي انهن ”نيئولبرل اڪانومي“ جو نعرو هڻي اسان جهڙن ملڪن ۾ پنهنجي معيشت هلائي ڏيکاري جو اسان هاڻي برگر ۽ ڪوفي پي به انهن جي معيشت سڌارڻ ۾ ڏينهن رات ڪوشان آهيون.  انهن ملڪن ”برانڊ ڪانشس نيس“ ڏئي اسان جهڙن ملڪن کي کاري ماري ويهي رهيا جو اسان سان ڌوٻي جي ڪتي واري ڪار ٿي وئي آ جو هاڻي اسان کي ”برانڊيڊ شين“ جي بيماري ٿي پئي آ. اسان جيڪي به ”هوم اپلاينسز“ وٺون ٿا، اهي آهن ئي آمريڪي ۽ يورپي برانڊ جا يا سيليولر فونز کان وٺي کاڌي پيتي جي شين ۾ -هاڻي يورپين طرز لهي آئي آ ۽ هوم پروڊڪشن جو ڪو حال ئي ناهي رهيو. اسان جون جيڪي به دنيائون آهن اهي فيشن ۽ گليمر سان ٽٻٽار لڳيون پيون آهن. اها ڳالهه به ڪيون ته اسان جيڪي به ڪمايون ٿا ان ڪمائي جو 70 سيڪڙو ٻاهرين ملڪن جي ڪمائي ۾ جوڙيون ٿا، انهن ڪمپينن جي شين جي استعمال ۾ هاڻي زور لاهي ڏنو آ پوءِ اهو سُڪو کير هجي يا دوائون هجن يا کاڌي پيتي جون شِون هجن يا گاڏيون ڪمپيوٽر ۽ موبائيل فونيون ۽ هجن اهي اسان جي سموري دولت کسي ٿيون وڃن ۽ اسان جا کيسا خالي.

اسان وٽ خرچ ۽ ٽيڪسز ۾ توازن ناهي. ڪير ان ڳالهه جو خواهان ناهي ته معيشت جا سڌارا ڪيئن آڻجن، پر ان ڳالهه جو وڏو فڪر اٿن ته مخالفن کي ڪيئن چٿجي ۽ چٻجي ۽ ڪيئن عمران خان جي دور ۾ 39بل رات پيٽ ۾ پيش ۽ پاس ڪرائجن. شهبازسرڪار جنهن ڪپڙن کپائڻ جي ڳالهه ڪندي هئي. ان قوم کي ان نهج تي آڻِي بيهاريو جو قوم پنهنجا ڪپڙا کپائڻ جي حالت ۾ اچي وئي، پر اهي سڀ ان ڳالهه ۾ خوش آهن ته دنيا انهن تي کِلي ۽ هي قوم کي چونو هڻندا رهن ۽ دنيا جا ادارا انهن کي چونو هڻندا رهن. ان ڪري ته ورلڊ بينڪ هجي يا ورلڊ ٽريڊ آرگانئيزيشن هجي اهي سڀ جا سڀ ادارا اسان جي معيشت تي ٽوڪون ٿا ڪن. اهي سمجهن ٿا انهن ملڪن جي رياتسن جي سربراھ پاڻ چور آهن ۽ انهن جي رياست چوريءَ ۾ ٻڌل آهي، انهن جي سسٽم پاڻ ڪرپٽ آهي جيڪو ڪنهن به چور کي پڪڙي نه ٿو سگهي.

اها ڳالهه به مڃجي ته نون ليگ جي ڪنهن به لوڪل يا اوورسيز فيڪٽريءَ ۾ ڪرپشن نه ٿي ٿئي ڀلي پاڻ ڪيترا به چور هجن پر اهي به انهن انٽرنيشنل ادارن جا ساٿاري آهن جيڪي ”نيئولبرل اڪانامي“ ۾ هتان جي ادارن کي جمود جو شڪار ڪيون ويٺا آهن ۽ چاهن ٿا ته هي سوسائٽي ائين ”بِگَ ڪنزيومر سوسائٽي“ ئي رهندي هلي ۽ هتي جيڪي به ڪنزيومر آهن انهن جي ”ٽيسٽ بَڊس“ کي بگاڙي ڇڏجي ۽ ائين ڪجي جو اهي ماڻهو پنهنجو سڀ پيسو ٻاهرين ملڪن جي ”پروڊڪٽس“ تي اڏائن ۽ کائي کپائي سڀ جا سڀ پيسا ٻاهرين ملڪن جي ڪمپنين کي ڏئي ڇڏن ۽ بدلي ۾ ملڪ جي ”جي ڊي پي“ زيرو تي هلي وڃي ۽ ٻاهريان ملڪ سڀاڻي انهن ”سڪوڪ بانڊن“ ۽ ”سي پيڪ“ جي بهاني هتان جي ڪمپنين جا مالڪ ۽ سڀ ڪجھه هجن ۽ هي ماڻهو اهي ئي ملازم ۽ نوڪر هجن. هاڻي ائين به چئون ته اهي خطو جيئن ”برٽش ڪالونائيزيشن“ جو شڪار رهيو ۽ هاڻي ”نيئولبرل اڪاناميءَ“ جي نعري ۾ مفلوج رهجي وڃي ۽ هتان جي سڄي اڪانامي ٻين ملڪن ڏي هلي وڃي.

آمريڪا وانگي چين جون سڀ جو سڀ رياستون فل فليج آهن اهي پاڻ ڪمائن ٿيون ۽ جيڪڏهن ڪا رياست ڪنهن ٻي رياست کي ڪا شيءِ مهيا ڪري ٿي ته اهي ان رياست کي بدلي ۾ ڪجهھ رائلٽي به ڏين ٿا. جڏهن ڊينگ شيائوپنگ چين جي معيشت کي لبرل ڪيو ته هن نه صرف بيجنگ ۾ مرڪزي بيوروڪريسي کي استعمال ڪيو پر سڀني چيني رياستن اندر خاص اقتصادي زون قائم ڪيا، انهن مان ”شينزين“ رياست ۾ هنن هڪ تمام بهترين اڪاناميڪل زون ڪامياب ڪيو ۽ پنجن سالن اندر ”شينزين“ کان متاثر ٿي سڄي چين ۾ 35 صنعتي زون جوڙيائون جيڪي اڳتي هلي چيني ايڪسپورٽس ۽ ترقي جي لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيا. اڄ به اهو بهترين معاشي ڪارڪردگي وارو فارمولو نافظ العمل اٿن، جنهن کي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي مدد سان ترقي ڏني وئي آهي. هونءَ چيني معاشرو يا انهن جي معاشيات ڪنهن معجزي کان گھٽ ناهي ڇاڪاڻ ته مقامي معاشي عملدارن جي ڪوشش ۽ جوش جذبي سبب جيڪي هڪٻئي سان مقابلي واري ڳالهه ۾ هيا.

پر اسان جا ته چار وڏا صوبا به ڪو اهڙو معاشي مقابلو نه ٿا ڪري سگهن. جيڪڏهن اسان جون 38 ڊويزنون ۽ 100 کان وڌيڪ ضلعا به هڪٻئي سان معاشي مقابلو ڪن ته اسان کي ضرور بهتر نتيجا حاصل ٿي سگهن ٿا. هونءَ بهتر معاشي نظام اهو به آهي ته اسان رڳو اليڪشن اليڪشن نه کيڏون پر ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته جيڪي به ضلعا آهن اهي صنعتي زون به هجن ۽ انهن جي رقم انهن تي خرچ ڪئي وڃي. صوبائي ۽ قومي جيڪا ”آپريشنل ڪاسٽ“ آهي اها گهٽ ڪئي وڃي اهي 100 ضلعا جيڪا به معاشي ۽ اقتصادي اپت ڪن اهي انهن جي بنيادي نظامن تي خرچ ڪئي وڃي بجاءِ جو بلوچستان جي رقم يا معدني وسيلا پنجاب تي خرچ ڪيا وڃن. ان ڪري نظام بااختيار هجن جن ۾ صحت، تعليم، پوليسنگ، وغيره اهڙي هجي جو عام ماڻهن تائين اهي نظام بهترين پيغام پڄائن. ماڻهو سمجهن ته انهن کي تعليم، صحت ۽ بنيادي سهولتون بهتر ٿي ملن ٿيون ۽ ممڪن ٿي سگهي ٿي خرچن ۾ لاٿ آندي وڃي.

ايڪسپورٽنگ زونن جي جوڙڻ سان اها ڳالهه ڀلي ٿيندي ته جيڪي به ادارا ڪمائيندا انهن سان گهريلو ضرورتون پوريون ٿينديون ۽ جيڪي به لاڳاپيل نظام آهن انهن ۾ بهتري ايندي. ائين ڪرڻ سان جيڪي به انٽرنيشنل ادارا آهن انهن جي محتاجي ۽ مجبوري کان بچي سگهبو. ان ڪري ته ننڍڙا ننڍڙا صنعتي يونٽ ئي آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ جي قرضن کان نجات ڏياري سگهن ٿا، اهي صنعتي يونٽ ماڻهن ۾ خوشحالي جا پيغام ڏياري سگهن ٿا، اهي يونٽ ائين ئي بهترين معاشي نظام به جوڙي سگهن ٿا. ان ڪري چين کان وٺي آمريڪا ۽ روس ۽ فرانس تائين جيڪي به ملڪ آهن اهي ڄمندي ڄام نه هيا، انهن اهي سڀ تجربا ۽ مشاهدا ڪري ڏٺا، ۽ ائين آهستي آهستي ڦڙي ڦڙي تلاءُ  ٿي ويو ۽ هاڻي اهي ملڪ دنيا جون ازدها معيشتون آهن، ڇو ته اهي پهرين پاڻ ڀرا ٿيا پوءِ انهن انهن شين جي بهتري ۽ ضبط تي ڪم ڪيو ۽ قومي شناخت به پيدا ڪري ويا.

هاڻي اهي ملڪ پاڻ ڀرا به آهن، ۽ ساڳي جاءِ تي اهي ملڪ بهترين معاشي حَبَ به آهن، جن وٽ دنيا جي آسائشن جا سامان به آهن ته بهترين زندگيءَ جا فارمولا به، اهي قانون ٺاهي به ڄاڻن ته قانونن تي هلڻ به ڄاڻن، انهن وٽ معاشي فامولا به آهن ته اقتصادي اصول، قاعدا ۽ قانون به، ان ڪري هن ملڪ کي معاشي ترقي جي لاءِ اهي سڀ شيون ڪرڻيون پونديون جنهن سان انٽرنيشنل ادارن مان جان ڇڏائي سگهجي.

اسان جو ملڪ يا اسان جهڙا ملڪ جيڪي ايف اي ٽي ايف جي لپيٽ ۾ هيا (يا آهن) سي ڪڏهن به آجا نه ٿي سگهندا توڻي جو ايف اي ٽي ايف (فائنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس) نما جيڪي به تنظيمون يا پريشر آرگنائيزيشنز آهن پر اهي سڀ معاشي زنجيرون آهن جيڪي غيرمسلم ملڪن جي لاءِ جوڙيل آهن، ۽ جيڪي به اسلامي ملڪن آهن اهي تنظيمون پنهنجا اهي سڀ نظام اتي لاڳو ڪنديون جيڪي انهن وٽ مروج آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.