ايندڙ چونڊون ۽ سنڌ جا وڏيرا !

تحرير: غلام حسين لغاري

جيئن جيئن عام چونڊون ويجهيون ٿينديون پيون وڃن تيئن تيئن سنڌ ۾ وڏيرن ۽ سردارن جي چاندي ٿيڻ لڳي آهي۔ڳوٺن ۾ وڏيرن ۽ سردارن جون انتقامي ڪاروايون ۽ زيادتيون به عروج تي آهن ڇو جو کين پڪ آهي ته سنڌ ۾ ايندڙ وقت سندن جو ئي هوندو۔

سنڌ  ۾ نه عدالتون آهن نه وري ڪا انتظاميه ۽ پوليس ۔ عدالت به وڏيرا پاڻ , پوليس به وڏيرا پاڻ ته پوءِ  بيگناهه ڪونڌر ڇو نه پيا ڪسبا.  ڪونڌرن جي مال متاع تي ڇو نه پيو ناجائز قبضو ٿيندو . جتي انتظاميه ۽ پوليس جو وجود ۽ انصاف نه هوندو آهي اتي وڏيرا پنهنجو نظام لاڳو ڪندا آهن۔رعيت کي ڪهڙي مجال جو وڏيرن جي سامهون ٿي بيهن يا وڏيرن جو حڪم نه مڃين۔وڏيرا سچا رعيت ڪوڙي سمجهي ويندي آهي۔جتي وڏيرن جي حاڪميت هوندي اتي اسپتال روڊ رستا ناهن هوندا پيچرن تي هلڻو پوندو آهي ميتن کي ڪاٺ جي ٻڙانگي پل تان يا وري پاڻي ۾ ڪلهو ڏئي پار ٽپائي قبرستان پهچائڻو پوندو آهي.

استاد ته لڀندو ئي نه جو ٻارڙا اچي پڙهائي جو ٻارڙن کي پڙهائي ڪامورو ڪرائڻو ئي ناهي متان منهن ۾ پوي۔هن وقت تائين هڪ اڌ جيڪو به هاري جو ٻار پڙهي ڊي سي يا ايس پي ٿيو آهي اهو شهرن ۾ وڃي لڪ چوري پڙهيا هوندا۔هاڻ ته وڏيرن اسيمبلي ميمبرن وزيرن جو اولاد انتظامي عهدن تي ويٺل آهي اهي به وڏيرڪو رويو رکيو ويٺا آهن۔ظالم وڏيرن جو عروج تيستائين هوندو آهي جيستائين اهي جيئرا هوندا آهن۔گهڻن وڏيرن جو اولاد پندي به ڏٺم جيڪو عذاب الاهي کان گهٽ ناهي۔نه سندن اهي بنگله رهيا آهن نه اوطاقون جتي پکي به پر هڻي نه سگهندو هو۔جتي پکي پر هڻي نه سگهندو هو اهي هنڌ هن وقت بدنصيبي جو ڏيک ڏئي رهيا آهن.

وڏيرن وٽ ايمان ته رهيو ئي ڪونهي رڳو جهاٽا پيا هڻندي نظر ايندا ته من ڪا ڪٿان اسيمبلي جي سيٽ يا وڏي وزير جي معاونت وارو عهدو ئي ملي پوي تنهنڪري پيا سياسي پارٽيون بدلائيندا وري جيڪڏهن ڪٿان ڪو گرهه نه ملندن ته ماڻهن کي پيا اجايو ايذائيندا ته جيئن ڏهڪاء پئدا ٿئي سندن حاڪميت جو نالو رهي۔چيو ويندو آهي ته آمر ظلم ٿا ڪن پر آمرن کان وڌيڪ وڏيرا ئي آمر آهن۔وڏيرن جا پنهنجا قيد خانه ۽ اذيت گهر آهن جتي پنهنجي رعيت کي بند رکي تشدد ڪري ٻين ۾ ڏهڪاء پئدا ڪندا آهن ته جيئن سندن وڏيرڪي ماحول کي جاري و ساري رکي سگهجي۔وڏيرا ڪڏهن به انتظاميه جا محتاج نظر ايندا پر انتظاميه خود وڏيرن جي محتاج نظر ايندي جو کين اتان ئي مال ملڪيت ٺاهڻ ۾ آساني لڳندي آهي۔. اهوئي سبب آهي ملڪ ۾ حڪومتون وقت کان اڳ ٽٽيو پون پوءِ  چوندا ته ساڻن ناانصافي ٿي آها جيڪڏهن حڪومت نه ٽٽي ها ملڪ پئرس ٿي وڃي ها ڀلي کڻي پئرس ڏٺو به نه هوندن۔ سنڌ ۾ وڏيرو پنجاب ۾ چوڌري ۽ ملڪ , ڪي پي ڪي ۾ خان ۽ بلوچستان ۾ سردار سڏجي۔هاڻ سنڌ ۾ وڏيرو پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ  سردار چيف سردار شهزادو سڏائڻ لڳا آهن جنهن کانپوءِ  گهر گهر سردارن جو ڄم ٿي رهيو آهي۔

چوڻ جو مطلب ته هن وقت سنڌ ۾ سردارن ۽ وڏيرن جي مينا بازار لڳڻ واري آهي جنهن ۾ هوڪا لڳندا ته سردار ۽ وڏيرا سستي اگهه تي وٺو بمع ڏهه ڏهه هزار ووٽرن جي۔هونئن به ڊالر جو اگهه وڌي پيو ۽ پنهنجو سڪو گهٽجي پيو۔مني لانڊرنگ وارو پئسو به واپس ورڻ لڳو آهي جيڪو واڪ گهٽ ڏيندو سو ئي اگهامندو۔وڏيرن جي چاندي ٿيندي ڪي پئسن تي وڪامندا ته ڪي صلاحڪاري تي۔نٿو لڳي ته سنڌ ۾ هن ڀيري ڪو مضبوط اتحاد جڙي سڀني کي خبر آهي ته ڪنهن جو سندرو مضبوط آهي هن ڀيري به اهي حڪومت ڪندا ۽ ڪامياب ٿيندا جن سان سردار ۽ وڏيرا گڏ هوندا۔. وڏيرن ۽ سردارن کي عهدو ۽ پئسا گهرجن سو کين ملي ويندا بلڪه ملڻ شروع ٿي چڪا آهن پر هن ڀيري اليڪشن ڪميشن خود وڏو ملهه آهي انجو سندرو به ڪو ڪمزور ناهي جنهن کي ڪيرائي جنهن کي چاڙهي۔ جنهن   جو ميدان تي لهڻ جو وڏو  ۽ خطرو هو اهو خطرو به هاڻ ٽري چڪو آهي۔.

هن ڀيري به اهي حڪومت ڪندا ۽ ڪامياب ٿيندا جن سان سردار ۽ وڏيرا گڏ هوندا۔. وڏيرن ۽ سردارن کي عهدو ۽ پئسا گهرجن سو کين ملي ويندا بلڪه ملڻ شروع ٿي چڪا آهن پر هن ڀيري اليڪشن ڪميشن خود وڏو ملهه آهي انجو سندرو به ڪو ڪمزور ناهي جنهن کي ڪيرائي جنهن کي چاڙهي ۔جنهن  جو ميدان تي لهڻ جو وڏو  ۽ خطرو هو اهو خطرو به هاڻ ٽري چڪو آهي۔.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.