سنڌ حڪومت جو ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر ۾ مني فش هاربرز قائم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر ۾ مني فش هاربرز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه سان ماهيگيري کاتي واري وزير محمد علي ملڪاڻي ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر ۾ فني فش هاربرز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
مراد علي شاهه چيو ته ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر ماضي ۾ اهم قدرتي بندرگاهون رهيون آهن، منصوبي سان مالي استحڪام ۽ بهتر روزگار جا موقعا پيدا ڪري سگهنداسين.
هن چيو ته پهرئين مرحلي ۾ فني فش هاربرز، ٻئي مرحلي ۾ مڪمل بندرگاهون هونديون، منصوبي سان ماهيگيري، واپار ۽ سياحت جي شعبي ۾ فائدا حاصل ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.