ڪوهلي، روهت، گِل سڀ ناڪام، آسٽريليا پهرين ون ڊي ۾ ڀارت کي گهمائي لاٿو

پرٿ (ويب ڊيسڪ) ڀارت پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڀارت کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
پرٿ ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي ڀارتي ٽيم ڏکيائين جو شڪار رهي.
ڪپتان شڀمن گل 10، روهت شرما 8 ۽ ويرات ڪوهلي کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويا.
ڀارتي اننگز دوران هر هر برسات پوڻ سبب ميچ کي 26 اوور في اننگز تائين محدود ڪيو ويو.
ڀارت مقرر 26 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 136 رنسون ٺاهيون، ڪي ايل راهول 38 ۽ اڪشر پٽيل 31 رنسن سان اڳڀرا رهيا، نتيش ڪمار ريڊي 19 رنسون ٺاهيون.
آسٽريليا طرفان هيزل ووڊ، مچل اوون ۽ ميٿيو ڪوهنمين 2-2، جڏهن ته اسٽارڪ ۽ ايلس هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
آسٽريليا کي ڊي ايل ميٿڊ تحت 26 اوورن ۾ 131 رنسن جو هدف مليو، جيڪو ميزبان ٽيم آساني سان 3 وڪيٽن جي نقصان تي 21.1 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو.
آسٽريلوي ڪپتان مچل مارش 46، جوش فلپ 37 ۽ ميٽ رينشا 21 رنسون ٺاهيون.
ڀارت طرفان ارشديپ سنگهه، اڪشل پٽيل ۽ واشنگٽن سندر هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.