حسن مجتبيٰ جا نثري نظم ۽ تجريدي نظم، سرد هوا ۾ عورت جي ڀنل وارن وانگر آهن جيڪي هر اک کي سُرور ۽ خوشبو آڇي من ۾ نکري پون ٿا. ٻئي پاسي حسن جا نظم سرنهن جي ڦولهار ۾ ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ جا حسين لمحا آرس ڀڄندي محسوس ٿين ٿا. حسن جي نظمن جي اها بي خوبي آهي ته تاريخي طور تي پنهنجي ڌرتيءَ جي سونهن کي نروار ڪري مينار وانگر پنهنجو ڏيک ڏين ٿا.
مرڪ پبليڪيشن ڪراچي جو 172هون ڪتاب صاحب ڪتاب ”شاھ جي سرمد، اياز جي عزيز ۽ محبوبا جي نانءُ ڪيو آهي.
هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌي ٻوليءَ جي گيتڪار ۽لطيف شناس سرمد چانڊيي لکيو آهي، لکي ٿو ته : ”عروضي جفاڪشيءَ کان پوءِ نثري نظم جا نظارا به نهايت رنگين ۽ خوشبودار آهن. حسن مجتبي اهي بهار جا جهونڪا به ساڻ کڻي آيو آهي. ڪج بحثي جديد شاعريءَ جو وڳو آهي، ان ڪج بحثي نظم جو رس کٽو به آهي ته ڪڙو به آهي.“
حسن جي ننڍڙي زندگي هڪ نئين رخ تي بيٺل آهي، جنهن جا کوڙ سارا رستا آهن ۽ روڪ بند پڻ موجود آهن. حسن پنهنجي دل جي ڳالھه سماج تائين رسائي آهي ۽ سماج هن کي ڇا ٿو آڇي اهو وقت تي ڇڏيل آهي.
ڪتاب جي امهاڳ ۾ صاحبِ ڪتاب لکي ٿو ته :” تجريدي نظم فني هيئت ۾ نثري نظم جو هڪ نمونو آهي، تجريد جي لغوي معني آهي. ”تنهائي“ تنهائي جي لغوي معني آهي ”علحدگي“. اهڙيون ڳالهيون جيڪي سڌي ريت هوندي به ناممڪن هجن.”
”قداور ڌرتي“ نظم حُسن جي ڄاڻ پيو ڏئي پيار جي ۽ حب الوطني لاءِ نيڻ نڇاور ڪري، سمنڊ جي گهرائي جيترو اجرو من ٿو رکي ڌرتيءَ ماءُ لاءِ.
تنهنجي چمي!
سنڌ جي ٿڌڙي هير آهي!
هوائن جو عاشق هي فقير آهي.
مون تنهنجي
پيار ۾ سمنڊ کي نديءَ جو قرار ڏنو آهي.
مون ۾ تون
تو لاءِ مان ان جو آهيان،
جيڪو منهنجو ناهي!
قدآور ڌرتي منهنجي ماءُ آهي،
تون سنڌ جي انام ڪهاڻي آهين.
ڪنھن ڏاهي جو چوڻ آهي ته : ”ان ڳالهه جي چڱيءَ طرح خبر رکو ته توهان ڪنهن کي تبديل ڪري سگهو ٿا. جيڪڏهن نه ٿا تبديل ڪري سگهو ته پوءِ انهيءَ حقيقت کي دل سان تسليم ڪريو.“
حسن جي نظم جي خوبصورت تشبيهه جا ڌرتيءَ لاءِ، خاص فردن لاءِ، خاص ڪري شاعرن ۽ ان ۾ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز کي حقيقي محور طور پيش ڪيو آهي. حقيقت کي تسليم ڪرڻ به زندگي جو بي بها تحفو آهي، اهڙن تحفن کي وقت ۽ حالتون بهتر ئي ڪنديون آهن.
دنيا جي اندر پهرين نقش، نقاشي ۽ پوءِ تجريد جو جنم ٿيو آهي. اهو فنڪار جي قابليت سان ٺهڪي اچي ٿو ته هو اها شڪل ٺاهي جيڪو هو تصور ڪري ٿو ،چاهي حقيقت هجي يا تخيل ،مڪمل طور تي نئين شڪل ۾، جيڪا جاميٽري شڪلين کان پري رکندي ،حتمي ڊرائنگ جي اصل شڪل سان ملندڙ يا نه ٿي سگهي. دنيا ۾ تجريدي فن جي علمبردار پڪاسو کي سڏيو وڃي ٿو. ان سفر ۾ سنڌ جي شاعرن به پاڻ موکيو آهي. ان ۾ حسن مجتبيٰ به عملي وک وڌائي آهي.
تون سنڌ جي هنر جي تصوير آهين!
جديد عشق تنهنجي نيڻن کي سجدو ڪندو آهي،
ھوا تنهنجو سپنو آهي.
تون منهنجي جديد محبوبا آهين!
مان تنهنجي ڪائنات آهيان.
تنهنجو پيار مومل جو محل ناهي،
مان تنهنجو چشمو آهيان،
تون سنڌ جي هنر جي تصوير آهين،
مان تنهنجو عاشق
تون مومل
راڻو مان!.
ڪتاب جو پٺيون ٽائيٽل سنڌ جي نامياري ليکڪ اعجاز منگيءَ لکيو آهي، لکي ٿو ته: ”حسن مجتبيٰ فن جي نيل گگن مان نڪتل اهو ڪرڻو آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي دکن کي پنهنجي سرن ۾ سمائيندو. هو نيون راهون روشن ڪندو، هن جي شاعري صرف سنڌ وندي مٿان چمڪندڙ چنڊ ناهي پر هُن جي ڏات موهن جي دڙي جي مٿان اڀري آيل هڪ نئون سورج ثابت ٿيندي.“
حسن مجتبيٰ جا جذبا سچائي جي پار جا انمول امن پکين وانگر آهن، جن کي ڏسي پيار ۽ پريت جو ديس ياد اچي.
”ڪولرج“ جو ذهني خاڪو به ان نوعيت جو آهي ته ”خوشي هميشه اعلي گڻن تي قائم ڪري سگهجي ٿي ۽ ان جو بنياد هميشه سچ تي هئڻ گهرجي.“
آخر ۾ پنهنجي حسن مجتبيٰ لاءِ سندس ئي تخيل.
پٿر جو ماڻهو!
محبت جو جهنگل!
مٽيءَ جي ڌرتي!
هوا جي خوشبو!
۽ سنڌڙي ۾ تون
سدائين مونکي زندگيءَ جي اسائينمينٽ ٿي مليا آهن.