عوام لاءِ وڏي خوشخبري، آءِ ايم ايف سولر پينلز تي ٽيڪس وڌائڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) سولر پينلز جي شين تي ٽيڪس ۾ تجويز ڪيل واڌ واپس وٺڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏي ڇڏيو.
ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف جي ڪوششن کانپوءِ آءِ ايم ايف اسٽيشنري ۽ سولر پينلز تي ٽيڪس ۾ واڌ نه ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي.
هن اڳڀرائي کي ايندڙ مالي سال 27-2026 جي وفاقي بجيٽ جي تياري دوران عوامي مفادن جي تحفظ لاءِ حڪومت جي ڪوششن جي هڪ وڏي ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي.
ٻئي پاسي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ريئل اسٽيٽ سيڪٽر لاءِ تجويز ڪيل ٽيڪس رعايتن تي ڳالهيون جاري آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.