ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. اڳوڻي ڪپتان يونس خان ڪراچي ۾ بلديا ٽائون اسٽيڊيم جو دورو ڪيو.
ان موقعي تي يونس خان جو چوڻ هو ته جيڪڏهن موقعو مليو ته ڪنهن به حيثيت ۾ پاڪستان جي خدمت لاءِ تيار آهيان، جيڪڏهن پاڪستان ٽيم لاءِ ذميواري ملي ته ان کي چڱي طرح نڀائڻ جي ڪوشش ڪندس.
يونس خان وڌيڪ چيو ته رٽائرڊ رانديگرن ۽ سپورٽنگ اسٽاف جي ٽيم کي ضرورت هوندي آهي، پوءِ اهو يونس خان هجي يا ڪو ٻيو، جنهن کي به موقعو ملي ان کي پاڪستاني بڻجي خدمت ڪرڻ گهرجي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ خبر سامهون آئي هئي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان قومي ٽيم جي اڳوڻن ڪپتانن کي اهم ذميواريون ڏيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب يونس خان کي پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ بڻائڻ سان گڏ قومي سليڪشن ڪميٽي جو حصو بڻائڻ جو به امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ هو ته محمد حفيظ کي پي سي بي جو ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ انٽرنيشنل ۽ سليڪشن ڪميٽي ۾ ذميواري ڏئي سگهجي ٿي. ذريعن موجب، قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪوچ سرفراز احمد ۽ ڪپتان شان مسعود کي هٽائڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته شان مسعود جي جاءِ تي سلمان علي آغا کي ڊگهي فارميٽ جو ڪپتان بڻايو ويندو ۽ سرفراز احمد پاڪستان شاهين ٽيم سان پنهنجون ذميواريون جاري رکندو.