اسلام آباد/تهران/واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي کاتي چيو آهي ته آمريڪا جي تازن حملن ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ بندي کي عملي طور تي بي معنيٰ بڻائي ڇڏيو آهي.
هڪ بيان ۾ ايراني پرڏيهي کاتي جي ترجمان آمريڪا طرفان ڪيل غير قانوني ۽ مجرماڻن حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته اهي حملا گڏيل قومن جي چارٽر ۽ بين الاقوامي قانون جي بنيادي اصولن جي ڀڃڪڙي آهن.
ترجمان چيو ته هن ڇڪتاڻ ۾ واڌ جي نتيجن جي ذميواري آمريڪي قيادت تي هوندي.
هي بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ ٻڌايو ته اربع ڏينهن ڏکڻ ايران ۾ فوجي، نگراني ۽ ريڊار ٿاڪن کي نشانو بڻائيندي حملن جي هڪ نئين لهر مڪمل ڪئي وئي آهي.
ايران به بحرين، ڪويت ۽ اردن سميت سڄي خطي ۾ موجود آمريڪي فوجي اثاثن کي نشانو بڻايو آهي.
حملن ۾ تازي واڌ باوجود ايران جي ٽن ذريعن اڄ صبح رائيٽرز کي ٻڌايو ته سفارتي ڪوششون تيز ٿي ويون آهن ۽ ڳالهيون منجمد ايراني فنڊز جي بحاليءَ جي چوڌاري ڦري رهيون آهن.
ٻئي پاسي پرڏيهي آفيس جي ترجمان هفتيوار بريفنگ دوران چيو آهي ته پاڪستان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ ٻنهي ڌرين تي زور ڏئي ٿو ته اهي ڳالهين ۽ صبر جو رستو اختيار ڪن.
ترجمان چيو ته پاڪستان کي ايران-آمريڪا ڳالهين بابت اڃا به اميد آهي، جيتوڻيڪ ان ۾ درپيش چئلينجن کان به واقف آهي.
هن چيو ته پاڪستان مختلف ڌرين سان رابطي ۾ آهي ۽ سفارتڪاريءَ لاءِ گنجائش گهٽ هجڻ باوجود مثبت ڪوششون جاري آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان سمجهي ٿو ته ڌرين کي امن کي هڪ ٻيو موقعو ڏيڻ گهرجي.
بريفنگ دوران ترجمان ٻڌايو ته گهرو وزير محسن نقوي تازو ايران جو دورو ڪيو آهي، جڏهن ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جا ايران سميت خطي جي ٻين پرڏيهي وزيرن سان رابطا جاري آهن.
ايران آمريڪي حملن کانپوءِ جنگ بندي کي بي معنيٰ قرار ڏئي ڇڏيو، پاڪستان کي اڃا به ڳالهين جي اميد
You might also like