ڊمبولا (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ۾ جاري ٽه ملڪي سيريز جي ٻي ميچ ۾ افغانستان اي، ڊي ايل ايس ميٿڊ تحت ڀارت اي کي 4 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
رنگيري دمبولا انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت اي پهريان بيٽنگ ڪندي 49 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 349 رنسون ٺاهيون.
انڊيا اي طرفان پرڀسمرن سنگهه زبردست بيٽنگ ڪندي 84 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته رتو راج گائيڪواڙ ۽ تلڪ ورما 66، 66 رنسن جي اننگز کيڏي، نوجوان اوپنر جارحاڻو انداز اختيار ڪندي 22 بالن تي ويڀَو سوريا ونشي 44 ۽ سوريا نش شيڊگ 40 رنسون ٺاهيون.
افغانستان اي طرفان عبدالله احمدزئي شاندار بالنگ ڪندي 5 وڪيٽون ورتيون ڪيون.
جواب ۾ افغانستان اي کي ڊي ايل ايس ميٿڊ تحت 26 اوورن ۾ 174 رنسن جو هدف مليو، جيڪو افغانستان اي 25.5 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ڪپتان عمران 75 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي، بهير شاهه 51 ۽ حسن عيسيٰ خيل 34 رنسون ٺاهيون.
افغانستان اي جي عمران کي شاندار آل رائونڊ ڪارڪردگي تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
واضح رهي ته ڀارت پنهنجي پهرين ميچ ۾ سريلنڪا اي کي اٺ رنسن تان شڪست ڏني هئي.