ايران جو آبناءِ هرمز مڪمل بند ڪرڻ جو اعلان، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايران پاران آبناءِ هرمز کي مڪمل طور بند ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ تيل جا اگهه وڌي ويا آهي.
خميس جي صبح ايشيائي مارڪيٽن ۾ آمريڪا ۽ ايران جي تازي ڇڪتاڻ کانپوءِ تيل اگهن ۾ تيزي سان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
شپنگ روٽ جي مڪمل بندش جي اعلان ۽ سامونڊي جهازن تي امڪاني حملن جي اطلاعن کانپوءِ تيل جون قيمتون فوري طور وڌي ويون آهن.
عالمي تيل جي قيمت جو انڊيڪس سمجهيو ويندڙ برينٽ ڪرائوڊ آئل جي قيمت ايشيائي مارڪيٽن ۾ اٽڪل ٻه سيڪڙو واڌ کانپوءِ 95 ڊالر في بيرل کان به وڌي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.