اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻنهي ڌرين کي صبر ۽ جنگ بندي جي اپيل ڪئي آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي هفتيوار بريفنگ دوران چيو ته خطي ۾ تازي ڇڪتاڻ ڳڻتي جوڳي آهي ۽ پاڪستان سمجهي ٿو ته دشمني تي ٻڌل قدمن کان پاسو ڪيو وڃي.
هن چيو ته پاڪستان سفارتڪاري ۽ ڳالهين جي ذريعي مسئلن جي حل جي موقف تي قائم آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته اعليٰ سطحي رابطا جاري آهن، گهرو وزير تهران جو دورو ڪيو، جڏهن ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار 28 مئي تي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ ايران جي عباس عراقچي سميت خطي جي ٻين پرڏيهي وزيرن سان رابطا ڪري صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.
طاهر اندرابي وڌيڪ چيو ته اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ آمريڪي ڪوششن سان ٿيندڙ جنگ بندي هڪ هاڪاري اڳڀرائي آهي.
آزاد ڪشمير بابت ڀارت جي موقف کي رد ڪندي ترجمان چيو ته ڀارت اهڙا بيان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڏئي ٿو.
ڀارتي وزير طرفان پاڪستان کي پاڻي جي فراهمي روڪڻ واري بيان تي ترجمان سخت ردعمل ڏيندي چيو ته اهڙا قدم ڏکڻ ايشيا جي امن کي خطري ۾ وجهي سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن صورتحال خراب ٿي ته ان جي ذميواري ڀارت تي هوندي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته صومالي سامونڊي ڌاڙيلن جي قيد ۾ موجود پاڪستانين جي آزادي لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ اسحاق ڊار ان معاملي تي صومالي پرڏيهي وزير سان به رابطو ڪيو آهي.