سنڌ ڪاليج ڊپارٽمينٽ ۾، سترهين گريڊ ۾ ليڪچرار طور مقرريءَ جو هِڪڙو ئي شرط، ڪنھن به مضمون (سبجيڪٽ) ۾ سورنھن سال تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ پبلڪ ڪميشن (حيدرآباد) پاران امتحان پاس ڪرڻ آهي، پر ان بعد وڌيڪ اعلى تعليم حاصل ڪرڻ ان استاد جي ذاتي دلچسپيءَ تي مدار رکندو آهي. اهڙيءَ اعلى تعليم ۾ ايم فل (ماسٽر آف فلاسافي) ۽ پي ايڇ ڊي يعني ڊاڪٽر آف فلاسافي شامل آهن. پي ايڇ ڊي، ان اعلى تعليم يافته فرد کي ’ڊاڪٽر‘ جو لقب، سندس نالي اڳيان لکڻ جو حقيقي حقدار قرار ڏيندي آهي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي ڊاڪٽريٽ ڪيل فردن جا تحقيقي موضوع مختلف ٻولين جي ادبن سميت اسلامڪ اسٽڊيز، پاڪستان اسٽڊيز سان گڏ گهڻي ڀاڱي ڪيمسٽريءَ ۽ زولاجيءَ جا هوندا آهن. ڪي ٿورا ئي موضوع ٻين مضمونن ۾ اعلى تحقيق واسطي چونڊيا ويندا آهن. ان جو مُک ڪارڻ ٻين مضمونن ۾ تحقيق جي ڏکيائيُن سان گڏ ماهر سپروائيزرن جي کوٽ آهي. اهڙين حالتن ۾ جڏهن ڪنھن منفرد شعبي ۾ ڊاڪٽريٽ ڪيل ڪاليجي پروفيسر سان ملاقات ٿيندي آهي، ته سچ پچ ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي، پر جڏهن اهڙي فرد کي تحقيقي روايتن کي اڳتي وڌائڻ بدران روايتي ڪورس پڙهائڻ جي حد تائين محدود ڏسبو آهي، ته افسوس پڻ ٿيندو آهي. اهڙين حالتن ۾ ڪي اهڙا محقق استاد پڻ آهي، جيڪي ذاتي لڳاءَ ۽ شوق سان تحقيق ڪندي ۽ پاڻ کي وڌيڪ تدريس ۾ مصروف رکندي نظر اچن ٿا، ته پڪ ٿئي ٿي ته اڃا ڪي آهين جيڪي اميدن جا ڏيئا ٻاريون ويٺا آهن.
گذريل سال 2025ع ۾، ڪاليج ڊپارٽمينٽ جي مرڪزي ڊائريڪٽوريٽ ڪاليجز سنڌ ۾، ڊائريڪٽر انسپيڪشن طور منھنجِي تقرري ٿي ۽ مون مختلف ڪاليجن جا دَورا شروع ڪيا، ته منھنجي خاص دلچسپي انهن استادن سان واقفيت ۽ سندن تحقيقي موضوعن بابت ڄاڻڻ ۾ به رهي جيڪي مختلف مضمونن ۾ پي ايڇ ڊي ڪيل هئا. ان جو هڪ مقصد هيءُ به هو، ته نه صرف سنڌ جي ڪاليجن ۾ اعلى تحقيقي روين کي وڌائي سگهجي، پر جن ڪاليجن ۾ انٽرميڊئيٽ جي تعليم کان مٿي بِي ايس (BS) جي سورهن ساله تعليم ڏني وڃي پئي، ان جي موقعن کي به مختلف مضمونن تائين وڌائي سگهجي، گڏوگڏ سنڌ ڪاليج ڊپارٽمينٽ پاران تحقيقي جرنلن جو انگريزيءَ سان گڏ سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ به اجراع ڪرائي، سنڌ جي ڪاليجن ۾ تحقيق کي علمي موقعا ميسر ڪري ڏجن.
مون کي ڏاڍي گهڻي خوشي ٿي، جڏهن ڊائريڪٽوريٽ ڪاليجز سنڌ ۾ ئي، ڊائريڪٽر فنانس طور مقرر، ڊاڪٽر اِحسان احمد شيخ سان منھنجِي پھرين تعارفي ملاقات پياري شاعر ۽ سنڌي مضمون جي استاد عامر سيال ڪرائي، جيڪو پڻ ساڳئي سيڪشن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ذميواريون نڀائي رهيو هو.
ڊاڪٽر احسان شيخ معاشيات (اِڪنامڪس) جي مضمون ۾ پي ايڇ ڊي ڪيل ۽ ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي. پنھنجيءَ ملنسار، محبتِي ۽ نرم سان گڏ خوش مزاج ۽ مھمان نواز طبيعت جي ڪري، ڊاڪٽر اِحسان شيخَ ٿورن ئي ڏينھن ۾ مون کي پنھنجي ويجهو ڪري ورتو. ان جو هڪڙو ٻيو وڻندڙ سبب هيءُ پڻ هو ته اِحسان شيخ ادبي مزاج رکندڙ اهڙو ادب دوست آهي جنھن کي ڏاڍا گهڻا اردو شعر ياد آهن، جيڪي موقعي مھل جي نسبت سان سندس زبان تي تري ايندا آهن ۽ ’اسان‘ انهن مان ڏاڍا محظوظ ٿيندا آهيون. ’اسان‘ ۾ موجوده ڊائريڪٽر جنرل پروفيسر زاهد حسين راڄپر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر عزيز سومرو پڻ شامل آهن. اهڙا ڪيئي شعر، جيڪي احسان شيخ ٻڌايا، مون کي وڻيا، ۽ پوءِ مون سڄا غزل سرچ ڪري، فيس بڪ تي شيئر ڪيا. کيس اردو ٻوليءَ جي بھترين شاعر ساجد امجد جا پڻ تمام گهڻا شعر ياد آهن:
اپني آنکھوں ميں رکھو ميري آنکھيں
ميري تصوير ميرے بعد رکھنا
ڊاڪٽر احسان احمد شيخ جي جنم، تعليم ۽ نوڪريءَ تي اُڏامندڙ نظر وجهنداسين، ته معلوم ٿيندو ته سندس جنم پنجين فيبروريءَ 1967ع تي ٽنڊي آدم ۾ غلام محمد شيخ جي گهر ۾ ٿيو، جتي هُن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم حاصل ڪئي، جنھن کان پوءِ بِي اي ۽ ايم اي (آنرز) اڪانامڪس ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1993ع ۾ ڪئي. ان بعد هُن ماسٽر آف اپلائيڊ سائنس (ايم اي ايس/MAS) جي اضافي ڊگري اپلائيڊ اڪانامڪس (اطلاقي معاشيات) ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اپلائيڊ اڪانامڪ ريسرچ سينٽر مان 1996ع مان حاصل ڪئي. هُن ايم فِل همدرد يونيورسٽي ڪراچيءَ مان 2015ع ۾ ۽ پِي ايڇ ڊِي انسٽيٽيوٽ آف بزنس اينڊ مئنيجمينٽ ڪراچيءَ مان 2023ع ۾ ڪئي. معاشيات ۾ ڪيل ايم فل ۽ پي ايڇ ڊيءَ ۾ سندس تحقيقي مھارت بين الاقوامي فائِنانس ۾ آهي، جيڪا نھايت اهم ڳالهه آهي. هُن گورنمينٽ پريمئر ڪاليج ڪراچيءَ ۾ 27 سال اڪانامڪ اينالائسز اينڊ پاليسي جو مضمون بِي.ڪام جي شاگردن کي پڙهايو آهي. جڏهن ته، اضافي وقت ۾، 22 سال بحريه يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ بين الاقوامي فائنانس، بزنس ڪوانٽِيٽيٽِو ٽيڪنِڪس، بزنس فائنانس، ايڊوانس ريسرچ مئٿڊالاجي، ڊولپمينٽ اڪانامڪس ۽ اڪاناميٽرڪس جا مضمون بِي.بِي.اي (آنرز)، ايم.بِي.اي ۽ ايم.ايس جي شاگردن کي پڙهايا آهن، ان کان سواءِ جناح يونيورسٽي فار وومين ڪراچيءَ ۾ ٻه سال حسابي معاشيات جو مضمون ايم.اي جي شاگردياڻين کي پڙهايو آهي. سندس ڪريڊٽ تي پنجن سالن تائين ٽيچرس ٽريننگ اينڊ موٽيويشنل ورڪشاپن جو انعقاد پڻ آهي. هُن ريجنل ڊائريڪٽوريٽ ڪراچيءَ ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر فائنانس طور ڪم پڻ ڪيو، جنھن بعد گذريل سال 2025ع کان وٺي ڊائريڪٽوريٽ ڪاليجز سنڌ ۾ ڊائريڪٽر فائنانس طور مالي معاملن ۾ پنھنجيون مھارتون ڪتب آڻي رهيو آهي.
سنڌ جِي کتري ڪميونٽيءَ سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر احسان شيخ جي گفتگوءَ ۾ کتري ٻوليءَ ۽ ان جي لفظن جو ذڪر پڻ ايندو رهندو آهي. پاڻ مون سان اردوءَ ۾ ڳالهائيندو آهي، پر مان ساڻس گهڻي ڀاڱي سنڌيءَ ۾ نسبتن آهستگيءَ سان ڳالهائيندو آهيان، جيڪا هُو گهڻي ڀاڱي سمجهي ويندو آهي. جيڪي لفظ سندس سمجهه ۾ نه ايندا آهن، تن جي معنا پڇي وٺندو آهي. مان کيس اتساهه ڏيندو آهيان ته هُو به مون سان سنڌي ۾ ڳالهائي، ان طرح سندس ھٻڪ ختم ٿيندي. منھنجو ارادو آهي ته مان ڊاڪٽر احسان شيخ جي مدد سان ”سنڌي-کتري بنيادي لفظن جي لغت“ مرتب ڪيان. ڊاڪٽر احسان سماجي طور تي کتري ڪميونٽيءَ جي فرد طور پڻ متحرڪ آهي ۽ ان پاران هلندڙ فلاحي اسڪول جي نگراني پڻ ڪندو آهي.
ڪو به ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ جو متبادل ٿي نه ٿو سگهي ۽ نه ئي اهو ممڪن آهي، پر مون کي خوشي آهي ته هڪَ ڊاڪٽر احسان دانش کان دُوريءَ جي احساس کي، ٻئي ڊاڪٽر احسان شيخ جي ملڻ گهٽايو آهي. مان حيدرآباد ۾ رهندڙ پنھنجي ويجهي دوست ڊاڪٽر احسان دانش کي چيو، ته هِتي ڪراچيءَ ۾ مون کي پڻ ڊاڪٽر اِحسان مليو آهي، جيڪو ادبي ذوق به رکندڙ آهي ته اوهان جيان ئي محبتون ارپيندڙ اوهان جو ’نالي ڀائي‘ پڻ آهي. مان ڪاليج ۾ يا آفيس ۾ عام طور ڪنھن جو به رُکو نالو نه کڻندو آهيان، ان ڪري جڏهن به ڊاڪٽر احسان شيخ کي ’احسان صاحب‘ ڪري سڏيندو آهيان، ته منھنجي ذهن ۾ احسان دانش جي ياد جو خوبصورت احساس پڻ اُڀري ايندو آهي.