عوام جو بجيٽ جو انتظار ڪرڻ اجايو آهي

اعجاز ممنائي

ڪو دور هيو جڏهن ماڻهو سڄو سال انتظار ڪندو هو ته جون ۾ بجيٽ پيش ٿيندي ۽ عوام کي رليف ملندو ۽ سڄي سال جا ٿڪ لهي ويندا. ڇوته عوام کي سال ۾ صرف هڪ ڀيرو بجيٽ جي وڏي خبر ملندي هئي ته ڪهڙي شيءَ سستي ٿيندي ۽ ڪهڙي شيءَ مهانگي ٿيندي.پر هاڻي ته عالم اهو آهي جو روزانو جي بنياد تي نئين بجيٽ غريب عوام تي مسلط ڪئي وڃي ٿي، جنهن ڪري عوام کي هاڻي سال ۾ هڪ ڀيرو پيش ٿيندڙ بجيٽ جو ڪو اوسيئڙو ناهي هوندو جتي ضرورت وارين شين جي قيمتن ۾ روزانو اضافو ٿئي اتي جون واري بجيٽ طرف ماڻهو ڇو ڏسندا۔

هن وقت ظلم اهو آهي ته جيئن ئي پئٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌن ٿيون ته روزمره جون شيون هڪدم آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳن ٿيون. اڳي هڪ دفعو سال ۾ بجيٽ پيش ٿيندي هئي ته سڄو سال ان تي عوام گذر ڪري وٺندو هو۔پر هاڻي نه عوام حڪومتي فيصلن تي توجه ٿو ڏئي ۽ نه حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي ٿي۔ انڪري هاڻي بجيٽ مان اميدون رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي ڇو ته بجيٽ اچڻ کان اڳ ئي جيڪي خبرون گردش ڪري رهيون آهن،انهن مان غريب جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ کانسواءِ ڪجهه نه ملندو۔ خبرون ٻڌائين ٿيون ته حڪومت کي آءِ ايم ايف جي شرطن جي سامهون سر تسليم ڪرايو ويو آهي.بجلي جي اگهن ۾ واڌ، سڀ امير ٽيڪس کان آجا ۽ غريبن تي ٽيڪس لڳائڻ جي طرف راغب ٿي رهي آهي. هاڻي  سولر پليٽ تي به ٽيڪس جي شرح 10 سيڪڙو کان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جو امڪان آهي. نه رڳو جنرل سيلز ٽيڪس ۾ اضافي جا واضح اشارا ملي رهيا آهن پر  مختلف قسم جي شين تي ٽيڪس لڳائڻ جون تياريون عروج تي آهن۔ هن وقت مڊل ڪلاس ۽ غريب طبقي جي معاشي حالت نهايت بدتر آهي هو علاج معالج ۽ ٻارن جي تعليم جا خرچ به برداشت نه ٿا ڪري سگهن۔ جيڪڏهن وچولي طبقي جي ڳالهه ڪجي ته هو به پنهنجي سفيد پوشيءَ جو ڀرم رکڻ لاءِ زندگي جي گاڏي کي ڌڪي رهيو آهي. مهانگائي جنهن رفتار سان وڌي رهي آهي،تنهن ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارون اٽي ۾ لوڻ برابر محسوس ٿين ٿيون. ان ڪري ملازم مجبور ٿي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجا مطالبا مڃرائڻ ۽ پنهنجي حقن جي جنگ وڙهڻ لاءِ پارليامينٽ جي ايوانن ڏانهن رخ ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهن۔

اصل ڳالهه اها آهي ته حڪمرانن عوام جي نالي تي قرض کڻي پنهنجا بئنڪ اڪائونٽ ڀري پنهنجون ملڪيتون ٺاهي رهيا آهن ۽ پنهنجي قوم کي آءِ ايم ايف جي جهولي ۾ وجهي ڇڏيو آهي جنهن ڪري هن وقت قرضن جي ان ڦاهيءَ کان بچڻ لاءِ ڪو به رستو نظر نه ٿو اچي.چند ارب ڊالر جو قرض حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي قوم کي گروي رکڻ ڪٿان جو انصاف آهي.

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته حڪومت پنهنجي شهرين کي رليف ڏيڻ بدران آءِ ايم ايف جي دٻاءُ تي عمل ڪري رهي آهي. انهن ڪري غريب عوام لاءِ هن بجٽ مان ڪابه چڱي اميد نه رکڻ گهرجي. ايندڙ ڏينهن ۾ پيٽرول ۽ ٻين ضروري شيون جي اگهن ۾ وڌيڪ اضافي جا اشارا پڻ ملي رهيا آهن. جتي جنگ ٿي رهي آهي اتي عوام کي ڀرپور رليف ڏنو پيو وڃي پر افسوس اسان جنگ کان هزارين ڪلوميٽر پري هجڻ باوجود مهانگائي جي عذاب ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون۔ نه ملڪ ۾ گئس آهي نه بجلي  آهي نه پيئڻ جو   صاف پاڻي آهي نه تعليم آهي نه صحت آهي نه سيڪيورٽي آهي نه امن و امان جي صورتحال بهتر آهي اهڙي ملڪ ۾ زندگي گذارڻ ڪنهن عذاب کان گهٽ ڪونهي۔ هن وقت ڳالهه صاف آهي ته مشڪلاتن جو طوفان اڃا مڪمل نه ٿيو آهي ۽ اهو به سچ آهي ته ڪنهن به جنگ کانسواءِ ملڪ جي معيشت جو سڌرڻ ناممڪن آهي. اسان هتي ٽيڪس ڏئي ڪري ٿڪجي پيا آهيون ۽ حاڪم پنهنجا پيٽ ڀري رهيا آهن. ملڪ ۾ بيروزگاري خطرناڪ حدن کي ڇهي رهي آهي. نوجوان طبقو شديد ڊپريشن ۽ مايوسي جو شڪار آهي ۽ روزانو غربت سبب خودڪشيون ڪري رهيو آهي. صنعت جهڙوڪر بند ٿي ويئي آهي. سرڪاري شعبن ۾ روزگار جا موقعا محدود ڪيا ويا آهن. موجوده ملڪي حالات بلڪل سازگار نه آهي.

جيڪڏهن ملڪ جا حڪمران واقعي ملڪ ۽ عوام سان مخلص آهن ته انهن غريبن جو رت پيئڻ بدران اشرافيه جي اربن روپين جون مراعتون ختم ڪري ۽ پنهنجي شاهي خرچن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ بجيٽون پيش ڪن. نه ته ياد رکو ته جڏهن بک حد کان وڌي ويندي آهي ته اها انقلاب جون راهون هموار ڪندي آهي ائين نه ٿئي ته ان بجيٽ کانپوءِ ڪو اهڙو انقلاب اچي جو توهان کي ايئرڪنڊيشن وارن ايوانن مان ڪڍي توهان جي ملڪيتن تي قابض ٿي وڃي ۽ توهان کي ڪٿي پناهه به نه ملي سگهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.