پنجاب پاران تڪراري ڪئنالن مان پاڻي کڻت بند نه ٿي، سنڌ ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پنجاب پاران تڪراري فلڊ ڪئنالن مان پاڻي کڻڻ بند نه ڪيو ويو آهي، جنهن سبب سنڌ جي حصي مان ڪٽوتي جاري آهي.
آبپاشي کاتي موجب گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن جي ڪئنالن ۾ زرعي پاڻيءَ جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي.
آبپاشي کاتي جو چوڻ آهي ته ته هن وقت گڊو بئراج وٽ 30 سيڪڙو، سکر بئراج وٽ 39 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ 57 سيڪڙو پاڻيءَ جي کوٽ برقرار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.