دنيا جي رونق انسانن جي دم سان آھي پر اھي انسان جيڪي انسانيت جي اصولن تي عمل پيرا ھجن جن وٽ انسانيت رت جيان رڳن ۾ گردش ڪندي ۽ ساھ جي سڳي سان جڙيل ھجي جيڪي ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو خوش رھو ۽ خوش رھڻ ڏيو“جي ضابطن تحت زندگي گذاري سنسار کي امن، شانتي، سک، سڪون ۽ محبت جو مسڪن بڻائين پر ان جي ابتڙ عمل ڪندڙ به موجود آھن جن کي انسان چوندي به انسان لڄي ٿيندو آھي ڇو ته اھڙا ماڻھو ڪنھن به ذات، برادري، قوم، قبيلي، ملڪ ۽ انسانيت لاءِ ھاڃي کانسواءِ ڪجهھ ناھن ھوندا جن کي نفرت، نفاق ۽ شر پکيڙڻ جو شوق ھوندو آھي. امن تباھ ڪرڻ سندن ترجيح ۽ ٻن ماڻھن کي پاڻ ۾ ويڙھائڻ سندن وڏو مشغلو ھوندو آھي. احساس ۽ انسانيت نالي منجھن ڪا به شي ناھي ھوندي کين ميٺ، محبت بجاءِ ڏڦيڙ ۽ شيطانگيريءَ ۾ مزو ايندو آھي اھڙا ماڻھو ھر ذات برادري ۽ معاشري ۾ ھوندا آھن جن جون حرڪتون، شيطانگيريون ۽ حرامپايون ٻين لاءِ تڪليف ۽ اذيت جو سبب بڻجنديون آھن.
چون ٿا ڪنھن ڳوٺ ۾ ھڪ وڏو شيطان صفت رھندو ھو جيڪو ھر وقت سڄي ڳوٺ وارن کي پاڻ ۾ ويڙھائي، مارائي، ھڪٻئي کان ڪُٽرائي ٻڌرائي سندن ويڙھن ۾ ويڇا وجھائي ڏاڍو خوش پيو ٿيندو ھو. جڏھن مرڻ تي پڳو ته سڄي ڳوٺ وارن کي گھرائي چوڻ لڳو ته مون سڄي عمر توھان سڀني کي پاڻ ۾ ويڙھايو ۽ توھان سان ڏاڍيون جٺيون ۽ بي واجبيون ڪيم سو جڏھن مان مري وڃان ته مھرباني ڪري مون کي ڳوٺ جي ٻاھران وڻ ۾ ٽنگي منھنجي مٿان پٿر، ٺڪر، ڀتر، جوتا ۽ سروٽا وسائجو ته جيئن منھنجا گناھ من ڪجهھ گھٽ ٿين ۽ مون کي سزا ملي وڃي ۽ اڳتي بخشجي وڃان.جڏھن اھو ماڻھو مئو ته ڳوٺ وارن به ھڪدم کڻي سندس وصيت تي عمل ڪيو کيس وڻ ۾ ٽنگي اچي ٺڪر، ڀتر ۽ پٿر وسائڻ شروع ڪيا اھا خبر وڃي پوليس کي پھتي سو پوليس اچي سڄي ڳوٺ وارن کي ٻڌي ٿاڻي تي کڻي وئي ته اوھان سڀني پٿر ۽ سرون کڻي ھن ھمراھ کي ماريو آھي، ڳوٺ وارن ۾ موجود ھڪ پيرسن چيو ” نڀاڳو مرندي مري ويو پر شيطانگيريءَ کان نه مڙيو“
اسانجي سماج ۾ به اڄڪلھه اھڙن شيطانن جي گھڻائي نظر اچي ٿي جيڪي پنھنجي حرڪتن سان ھر ڪنھن کي آزاريندا ٿا وتن سندن جيئڻ به ٻين لاءِ اذيت جو سبب آھي ته سندن مرڻ به معاشري کي ڪنھن نه ڪنھن غذاب سان ھمڪنار ڪندو آھي. اھڙا ماڻھو انسانذات لاءِ ڪارو داغ ھوندا آھن جيڪي سڀني جو جيئڻ جنجال ڪري اطمينان محسوس ڪندا آھن جيڪڏھن پنھنجي ڀرپاسي ۾ نظر ڊوڙائيندئو ته اوھان کي به اھڙو ڪو نه ڪو شيطان صفت ضرور نظر ايندو جيڪو پنھنجي شيطاني حرڪتن تي لڄي ٿيڻ بجاءِ فخر محسوس ڪندو ھوندو. عقل جي تقاضا اھا ئي آھي ته اھڙن شيطانن کان پاڻ بچائي ۽ ڪنارو ڪري پاڻ کي انسانيت لاءِ راحت جو سبب بنجڻ ۾ مشغول رکجي ته جيئن شيطان صفتن جي شيطانگيرين تي انسانيت سدائين حاوي رھي.