سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي ترقيءَ جا ڏهه رستا

محمد احسان لغاري

پاڪستان ۽ سنڌ جي سطح تي غربت جي گهڻائي ٻهراڙيءَ ۾ آهي. جيڪڏهن ٻهراڙي جي لاءِ خوشحالي ۽ بهتري جا رستا ڳولبا ته ان سان غربت ۾ گهٽتائي ايندي. ٻهراڙيءَ ۾ ترقيءَ تائين پهچڻ لاءِ ڏهن رستن تي ڪجهه غور ويچار ڪريون ٿا.

پهريون رستو سياسي ترجيح جو آهي. ڪنهن به سياسي پارٽيءَ کي حڪومت حاصل ڪرڻ ۾ اڃان تائين برِصغير ۾ ٻهراڙي جو ووٽ فيصلي ساز هوندو آهي. پاڪستان ۽ سنڌ ۾ اِهو پڻ هڪ سياسي سچ آهي. حڪومت ۾ رهندڙ يا ايندڙ حڪومت لاءِ چاھ رکندڙ سياسي پارٽين  لاءِ لازم آهي ته هُو سنڌ جي ٻهراڙي کي پنهنجي سياسي ترجيح ۾ گهڻو اڳرو رکن. وڏيرن، سردارن  جي مالڪي واري تصور کان نڪري ’هڪ خوشحال ڳوٺاڻي ترقي‘ جو دنيا جي حوالي سان تجربو ٿيل ماڊل کي پنهنجي اليڪشن جي مينيفيسٽو/ منشور جو حصو بڻائين. ان تي سياسي بصيرت سان وڏيرڪي ڍنگ کان نڪري سوچڻ  ۽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان جو مقصد ايئن ناهي ته تر جي اهم ماڻهو، ذميوار، چڱي مڙس، تر جي عالم، سياسي  ۽ سماجي اڳواڻن کي ڪو چئلينج ڪري نئون نظام قائم ڪرڻو آهي؛ بلڪل به نه! انهن سڀن کي گڏائي، غريبن جو آواز ٿي، سڀن کي فائدا پهچائڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي

ٻيو رستو هڪ سگهاري زرعي پاليسي ۽ ادارتي نظام آهي. سنڌ شايد واحد صوبو آهي، جنهن وٽ هڪ تحقيق ڪيل ۽ زميني حقيقتن سان سلهاڙيل زرعي پاليسي آهي، جيڪا سنڌ حڪومت اپريل 2018ع ۾ منظور ڪئي. ان ۾ محترم ڊاڪٽر فتح مري جو اهم هٿ آهي. اِن زرعي پاليسي ۽ ان سان لاڳاپيل حڪمتِ عملين کي شفافيت ۽ شعور سان عمل ۾ آندو وڃي. زرعي شعبي ۾ پوين ڪجهه سالن ۾، هاڻ ۽ ايندڙ مستقبل ۾ ڪافي پئسن جا پراجيڪٽ لاڳاپيل آهن. اُهي ڪجهه بهتر ’نخلستانن‘ کان سواءِ غريب هاري، ننڍي ٻن ٽن يا  ڏهن ايڪڙن واري کاتيدار تائين پهچي نه سگهيا آهن. انهن سڀن پراجيڪٽن ۽ پروگرامن کي زرعي پاليسي جي ڏسيل رستن تي هلائڻ جي ضرورت آهي.

غربت گهٽائيندڙ پاليسيون  ۽ حڪمت عمليون ڊگهي عرصي واري پيداواري واڌ، ننڍن ننڍن کاتيدارن، عورتن  ۽ پوئتي پيل طبقن کي شامل ڪندڙ هجن. آڙتين ۽ وچين ماڻهو جي غير ضروري ۽ تمام گهڻي منافع خوري کي ختم ڪرڻ لاءِ هاڻ ته ڊجيٽل پليٽ فارم ۽ مارڪيٽون سڄي دنيا ۾ عمل ۾ اچي ويون آهن. ان کي ڊجيٽل/انٽرنيٽ جي ڀروسي جوڳي نظام، تعليم ۽ خدمتن سان گڏائي اڳتي وڌي سگهجي ٿو! هاڻ ته ڪاسبي ۾ ويٺل انتهائي نج، بنا ڪنهن دوائن جي استعمال جي فصل کي، دنيا جي ڪنهن ڏورانهين ملڪ ۾ وڪڻڻ ممڪن ٿي پيو آهي. ان لاءِ تحقيق، علم، پاليسيون ۽ حڪومتي طور تي ’مددگار ماحول‘ پيدا ڪرڻ ضروري آهن. زراعت يا انجنيئرنگ ۽ سوشل سائنس پڙهائيندڙ يونيورسٽين کي ٻهراڙي جي زميني مسئلن سان ڳنڍڻ جي ضرورت آهي. آخري سال جي سڀن شاگردن جا تحقيقي پراجيڪٽ، ماڻهن جي زميني مسئلن تي، انهن سان گڏ ويهي حل ڪرڻ لاءِ هجن. استادن کي تحقيقي بجيٽن سان گڏ ڳوٺن ۾ پڙاءُ هجن.

ٽيون رستو ٻهراڙي لاءِ يوسي کان وٺي تعلقي ۽ ضلعي تائين مربوط رٿابندي آهي. اِها رٿابندي ماڻهن سان گڏجي، ماڻهن ۾ ويهي ۽ انهن جي مسئلن، ترجيحن ۽ ترقيءَ لاءِ ضروري عملن کي ملائي ڪرڻي آهي. اسان جو پورو رٿابنديءَ جو محرڪ، آفيسن ۾ ويهي، وڏن عملدارن يا وڏن حڪمرانن/اقتدار ڌڻين جي چوڻ آکڻ تي پراجيڪٽ ٺاهڻ ۾ آهي. ان کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. رٿابنديءَ جو گهاڙيٽو هيٺان کان مٿي هجڻ گهرجي، نه ڪي مٿي کان هيٺ. ان پوري رٿابندي جي عمل ۾ صرف سرڪاري طور تي پراجيڪٽ يا پروگرام ۽ بجيٽون حدف نه هجن. ان سان گڏ خانگي، عام صنعتي شعبو، عورتن، ٻارن ۽ پوئتي پيل علائقن لاءِ عالمي پروگرام، گرانٽون ۽ مددون، ڪارپوريٽ ــ سماجي ذميواريءَ جا پراجيڪٽ، گڏيل قومن ۽ ٻيا جيڪي به پراجيڪٽ آهن، انهن کي مربوط طريقي سان ڳنڍي،  پنجن، ڏهن يا ان کان وڌيڪ عرصي جي رٿابندي ٺاهڻ جي ضرورت آهي.

ٻهراڙي جي بهتري ۽ ترقي لاءِ چوٿون رستو ”زرعي ۽ غير زرعي روزگار“ جي موقعن ۾ واڌارو ڪرڻ آهي. ان لاءِ ڳوٺاڻن جي مختلف موڙين (سرمايي)  ۽ ذريعن ۾ اضافو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان ۾ انساني سرمايو (تعليم، هنر، ڏاهپ، صحت وغيره)، طبعي سرمايو (ٻني تي استعمال ٿيندڙ سامان، سلائي جي مشين وغيره)، سماجي سرمايو (سماجي رابطا، سياسي شعور جو مسئلن سان سماجي ڳانڍاپو، اتحاد، تنظيمون وغيره)، مالي سرمايو ۽ ان جا متبادل (بچت، قرض، چوپايو مال وغيره)، قدرتي سرمايو يا وسيلا، انهن سڀن کي ذهن ۾ رکي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻا آهن.

صرف زراعت تي دارومدار جي غريب ماڻهو ڪنهن به هڪ آفت، يا فصل جي بيماري، ڪريل اگهه وغيره جي نتيجي ۾ سالن تائين پوئتي ڌڪجي وڃي ٿو. ان ڪري هنر، حرفت، بهتر مزدوريءَ جون تربيتن (بجلي، پمپنگ، جاين جا مستري، ٽائيل هئڻ وارا، واڍڪو جديد ڪموغيره وغيره) جا بهتر رستا پيدا ڪرڻا پوندا. جيڪڏهن روڊ رستا بهتر آهن ته ڳوٺ جا نوجوان مزدوري يا ٻيو روزگار ڪري ڀرواري شهرن مان موٽي سگهندا. ساڳي نموني اسان ڏسون ٿا ته بيروزگاريءَ جي ڪري سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ جو نوجوان ڪراچيءَ جي چؤڪيداري واري ڪمپنين ۾ فقط 20 هزار پگهار تي ڪم ڪري رهيا آهن. ان تي ليبر قانون ۽ گهٽ ۾ گهٽ پگهار تي عمل ڪرائڻ حڪومت جو ڪم آهي. نوجوانن ۾ جيڪڏهن، هنر ۽ حرفت پيدا ڪيو ويندو ته نه صرف سنڌ ۾ بلڪه وچ اوڀر (عرب ملڪ) ڏانهن وڃي ناڻو ڪمائي سگهندا.

ڳوٺاڻي ترقي جو پنجون رستو بهتر اڏاوتي نظام آهي! معياري روڊ، رستا، بجلي/توانائيءَ جي ترسيل، فون انٽرنيٽ جو نظام، اتي موجود پاڻي  ۽ نڪاسي جو نظام، خطرن کان بچاءُ واريون اڏاوتون، اسڪول، اسپتالون، سواري/پبلڪ ٽرانسپورٽ، گڏجي اڏاوتي نظام ٺاهين ٿا. جيڪڏهن اڏاوتي گهاڙيٽا بهتر آهن ته غربت ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي. اقتصادي ترقي، مارڪيٽن جو فعال هجڻ، معلومات کي تڪڙو پهچائڻ ۽ وٺڻ، ماڻهن جي تڪڙي اچ وڃ، مال، پيداوار جي مارڪيٽ تائين تڪڙي ترسيل هڪ مضبوط ۽ معياري اڏاوتي نظام جي نتيجي ۾ ٿي سگهن ٿا! ترقي پذير ملڪن ۽ ڪن صُورتن ۾ ترقي يافته ملڪن ۾ اڏاوتي نظام جي پراڻي/ڪمزور ٿيڻ، ان جي وقت سر مرمت نه ٿيڻ جي ڪري مسئلا سامهون اچي رهيا آهن. اسان جو ته اهم مسئلو ئي اِهو آهي ته اسان پنهنجي اڏاوتي نظام جي سار سنڀار نٿا ڪري سگهون. ان ڪري عالمي بئنڪ ۽ ٻين عالمي ادارن کان قرض وٺي، وري وري ساڳيون اڏاوتون ٺاهيون ٿا! جيڪڏهن اڏاوتي نظام جو هڪ فعال نظام برپا ٿي وڃي ته شايد اسان کي وڏن پراجيڪٽن ۽ قرضن جي ضرورت نه پوي. ڊگهي عرصي واري تربيت سان ماڻهن، ڳوٺاڻن، ڪميونٽين، مڪاني ادارن کي اڳتي اچي معياري سنڀار ۾ هٿ ونڊائڻا پوندا. انهن پراجيڪٽن جي ڊزائين کان وٺي ٺاهڻ تائين جيڪي ڪميشن وغيره جا سيڪڙا مقرر ٿيل آهن، انهن کي تمام گهڻو گهٽائڻو پوندو ۽ ان جي شروعات حڪمرانن کان ڪرڻي پوندي. آهستي آهستي منٿلين جا رواج ختم ڪرڻا پوندا. اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿي سگهندو. جڏهن ٺيڪيداري ۽ ان سان لاڳاپيل نظام کي شفاف، کليل ۽ سڀن جي آڏو پڌرو ڪري رکيو ويندو!

خانگي شعبي کي بهتر اڏاوتي نظام جي نتيجي ۾ زرعي پيداوار سان لاڳاپيل ننڍا ننڍا صنعتي يونٽ هئڻ ۾ پڻ آساني ٿيندي. اسان جا سياسي ۽ سماجي ڪردار ڪجهه اهڙا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ انهن صنعتن، واپار ۽ ڪاروبار کي ٻهراڙين ۾ پوئتي  ڌڪيو ويو آهي . جنهن کي سياسي ۽ سماجي طور تي چئلينج ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ڳوٺاڻي ترقي جو ڇهون رستو مائڪرو فنانس/ڪريڊٽ يا ننڍا ننڍا قرض  ڏيڻ جو نظام آهي. زرعي قرض ۽ لاڳاپيل وياج جي وزن هيٺ عام ٻهراڙيءَ جو هاري ناري، ننڍو کاتيدار ته ڇا پر وڏا وڏا زميندار پڻ ڪن حالتن ۾ مفلوج ٿي ويندا آهن. وري اِهو قرضي نظام هاري کي قرض ڏيڻ جي صورت ۾ نسل درنسل بانڊيڊ ليبر ”ٻانهپي واري مزدوري“ جي صورت ۾ پڻ نظر اچي ٿو. حڪومتي سطح تي زرعي بئنڪ کان وٺي مائڪرو فنانس جي بئنڪن تائين بهتر ڪم ڪيا ويا آهن. عالمي مددگار ادارا، جن جو محرڪ ڳوٺاڻي ترقي رهيو آهي، تن پڻ  بهتر ڪم ڪيو آهي. ان ۾ اڃان گهڻيون وِٿيون موجود آهن، جنهن تي هڪ مربوط ڳوٺاڻي ننڍن قرضن واري سرشتي جي صورت ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. محترم سليمان ابڙي صآحب جو ماڊل  ۽ ان جهڙن ٻين ماڊلن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. عام ڳوٺاڻن جي انهن تائين ترسيل ۾ آسانيون، سمجهه، طريقي کي عام فهم ڪرڻ ضروري آهي. مائڪرو فنانس جهڙا ”ڳوٺاڻي ترقي لاءِ مالياتي ادارا“ وڌائڻ جي ضرورت آهي.

ستون رستو آهي ”ڳوٺاڻي ترقي لاءِ مددگار ماحول پيدا ڪرڻ“. اِهو صرف طرز حڪمراني سان لاڳاپيل ناهي. اِهي سياسي ۽ سماجي جدوجهد جو ماحول، علم وڌائڻ لاءِ ڪم ڪار، بهتر پاليسي، قانوني، ادارتي، حفاظتي  ۽ عملداري ماحول، ڳوٺاڻن جا پاڻ ۾ فعال رابطا ۽ ڳانڍاپو، اتي بجلي، پاڻي، تعليم، روڊ جون سهولتون وغيره سڀ شامل آهن. ان ۾ پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ماڊل ڳوٺن جو رواج رهيو آهي، پر اهو پڻ اڌ رستي تي ڇڏيو ويو آهي. مختلف اين جي اوز جا مختلف ”ڳوٺاڻي ترقي ۽ پاڻ پرائپ“ وارا ماڊل پڻ رهيا آهن، جن ڪجهه بنيادي تبديليون آنديون آهن. انهي سڄي عمل کي وري پيرائتي طور تي ڏسڻ جي سخت ضرورت آهي.

ڳوٺاڻي غربت کي گهٽائڻ جو اٺون رستو، سڀ کان پوئتي پيل، عورتن، الٽرا / انتهائي غريب ماڻهن لاءِ سيفٽي نيٽ ”بچاءُ ۽ جياپي کي جاري رکڻ وارا جهوپا“ ٺاهڻ ضروري آهن. انهن کي پئسا ڏيڻ واري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ان جو هڪ بهتر ۽ ڪامياب مثال آهي. ان تي تنقيدون پنهنجي جاءِ تي پر عالمي طور تي اِهو مڃيل گهاڙيٽو آهي، جيڪو نه صرف ترقي پذير ملڪن ۾ پر ترقي يافته ملڪن ۾ پڻ مروج آهي. ان سان گڏ ٻيا جيڪي عورت جي اقتصادي سگهه، علم، سماجي حيثيت، ٻارڙن جي صحت ۽ کاڌ خوراڪ وارا طريقا آهن، اهي پڻ گڏائڻا پوندا.

ڳوٺاڻي ترقي ڏانهن نائون ويندڙ رستو ”ڏورانهن ۽ ڪٽيل علائقن“ کي ترقيءَ جي ٻين گسن سان ملائڻ وارو آهي. ڪاڇو، ڪوهستان، اڇڙو ٿر، سامونڊي پٽي وارا علائقا، يا ٻين ضلعن جا پرڀرا علائقا، جيڪا باقي سنڌ سان چڱي طرح جُڙيل ناهن، ان کي جوڙڻ سان آهي. تعليم، صحت ۽ روزگار جي موقعن سان ڳنڍڻو آهي. اُتي جي معدنيات، زمينن ۽ وسيلن تي اک ناهي رکڻي. بلڪه انهن کي بچائي سنڌ ۽ پاڪستان جي پائيدار ترقي کي مقدم ڪرڻو آهي.

ڳوٺاڻي ترقيءَ جو ڏهون دروازو شفافيت جي بنياد تي طرز حڪمراني آهي، جنهن کي هڪ ڪردار طور، باشعور ۽ ذميوار شهري  ۽ ملڪ جي صورت ۾ وڌائڻو آهي. ’طرز حڪمراني‘ جنهن کي انگريزيءَ ۾ گورننس چئجي ٿو، ان ۾ پاڪستان پوين بئنچن تي ويٺل شاگردن ۾ شمار ٿئي ٿو. طرز حڪمرانيءَ جا ڪئي مطلب ۽ وصفون آهن، پر ٿُلهي ليکي ان جي وصف ” فيصله سازيءَ جو عمل ۽ ڪيئن انهن ڪيل فيصلن تي عمل ڪيو ٿو وڃي يا نٿو ڪيو وڃي” آهي. حڪومت هلائڻ ۽ ان جي ڪارڪردگي طرز حڪمراني جو هڪ حصو آهي. طرز حڪمراني ۾ بهتري مرحليوار ۽ ترتيب سان اچڻي آهي. ان ۾ باشعور عوام،  پرنٽ ۽ سماجي ميڊيا جو اڻ ڌريو ڪردار اهميت رکي ٿو. ملڪ جي پاليسين تي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح اثر رکندڙ، حڪمراني ڪندڙن کي پڻ سمجهڻو پوندو ته بهتر طرز حڪمرانيءَ کان سواءِ سگهاري رياست جو تصور هن دؤر ۾ ممڪن ناهي.

بهتر’طرز حڪمراني جا بنيادي عنصر عام ماڻهن کي شامل ڪرڻ، سڀن جي صلاح کي اهميت ڏيڻ، نظام جو جوابده هجڻ، قانون جي حڪمراني، شفافيت، عام ماڻهن ڏانهن ترجيحي طور تي ڌيان ڏيڻ، برابري ۽ انصاف آهن. ان ۾ وڏا کاٽ لڳل آهن، هر هنڌ ڳلکڙا ٺهيل/کوٽيل آهن، جن کي علم جي روشني، ميرٽ، کليل نظام، سياسي ۽ سماجي تحرڪ جي نتيجي ۾ بند ڪرڻو آهي!

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.