اسرائيلي قيادت جو چوڻ آهي ته سندس زميني آپريشن ذريعي دنيا مان حماس جو نالو ۽ نشان مٽجي ويندا ۽ غزا بھ اڳوڻو نھ رهندو.وزيراعظم بنتمان نتن ياهو، چيو آهي ته "حماس جو هر ماڻھو مئل ھوندو” اسرائيل تي حماس حملي ۾ 1,300 ماڻهو ماريا ويا آهن.غزه ۾ اسرائيلي فوج جي ’آپريشن آئرن سورڊ‘ جا ڪيترائي وڏا هدف آهن، جن جو ماضي ۾ مثال نه ٿو ملي. پر ڇا اهو مشن حقيقي تي ٻڌل آهي ۽ ڇا اسرائيلي ڪمانڊر ان کي ممڪن بڻائي سگهندا؟
غزا جي پٽي ۾ زميني آپريشن دوران، شهري علائقن ۾ ويڙهه ٿيندي ۽ شهري آبادي لاءِ سنگين خطرا پيدا ٿيندا. غزا ۾ هوائي حملن ۾ سوين ماڻهو مارجي ويا آھن ۽ 4 لک ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي آھي.( ھن وقت بي گھر ٿيلن جو انگ 11 لک ٻڌايو پيو وڃي) اسرائيلي فوج گهٽ ۾ گهٽ انھن 150 يرغمالين کي بچائڻ چاهي ٿي جيڪي غزا ۾ نامعلوم هنڌن تي قيد آهن.
اسرائيلي فوج جي سربراهه هرٽز هليوي، حماس کي ”ختم ڪرڻ“ ڪرڻ جو پڪو پھھ ڪيو آهي ۽ غزا ۾ پنهنجي سياسي سربراهه جو ذڪر ڪيو آهي. غزا ۾ حماس جي تشدد جي 16 سالن جي دور کانپوءِ ان جو انجام ڇا ٿيندو؟
فوجي تجزيه نگار امير بار اسرائيل جي ”آرمي ريڊيو“ تي چيو ته ”مان نه ٿو سمجهان ته اسرائيل حماس جي سمورن ميمبرن کي ختم ڪري سگهندو ڇو ته اها تنظيم شدت پسند اسلام جي نظريي تي ٻڌل آهي. پر توهان ان کي ايترو ڪمزور ڪري سگهو ٿا جو اها پنهنجي آپريشنل صلاحيت وڃائي ويهي رھي“.
اهو حقيقت جي ويجهو ھدف ٿي سگھي ٿو. اسرائيل حماس سان چار جنگيون وڙهيون آهن ۽ ان جي راڪيٽ حملن کي روڪڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿي آهي.ترجمان ليفٽيننٽ ڪرنل جوناٿن ڪنريڪس چيو تھ ،ھن جنگ جي پڄاڻيءَ تائين حماس ”اسرائيلي شهرين کي ڌمڪائڻ يا مارڻ جي فوجي صلاحيت وڃائي ويهندي“.فوجي آپرشن دوران ڪيترن ئي پاسن کي نظر ۾ رکڻو پوندو، نھ تھ اھو مڪمل طور ناڪام ٿي ويندو.
حماس جي فوجي ونگ القسام برگيڊ، شايد اسرائيلي جارحيت خلاف تياريون ڪيون آهن. ڌماڪيدار ڊوائيسز نصب ٿي ويون آھن ۽ جوابي حملا تيار ٿي ويا ھوندا.حماس اسرائيلي فوج جي خلاف زير زمين سرنگن جو پيچيده نيٽ ورڪ پڻ استعمال ڪري سگهي ٿي.
سال 2014ع دوران غزا شهر جي اترين علائقي ۾ اسرائيلي فوج کي اينٽي ٽينڪ سرنگن، سنائپرز ۽ جوابي حملن جي نتيجي ۾ وڏو جاني نقصان ٿيو ھو.سوين شهري ماريا ويا ھئا.اهو ئي سبب آهي جو اسرائيل اتر غزا مان 11 لک فلسطينين کي ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو آهي.اسرائيلين کي خبردار ڪيو ويو آهي ته اھا جنگ مهينن تائين هلي سگهي ٿي، جنھن لاءِ 3 لک 60 ھزار رزروسٽ فوج کي ڊيوٽي تي سان گڏ ڊيوٽي تي سڏيو ويوآھي.
سوال اهو آهي ته اسرائيل ڪيتري وقت تائين عالمي دٻاءُ کي منهن ۾ڏيندي ھي مهم جاري رکي سگهندو ؟
گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري خبردار ڪيو آهي ته غزا تيزي سان ‘دوزخ’ بڻجي رهيو آهي، موت وڌي رهيا آهي جڏهن ته پاڻي، بجلي ۽ ٻارڻ جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي. اڌ آبادي کي ھتان لڏڻ جو چيو ويو آهي.
اسرائيل ۾ سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس مامرن جي صحافي،يوسي ملمن، چيو آهي ته "حڪومت ۽ فوج کي لڳي ٿو ته انهن کي عالمي برادر، گهٽ ۾ گهٽ اولهھ اڳواڻن جي حمايت حاصل آھي، ان ڪري ” فلسفو ھي آهي ‘اچوتھ مھم جوئي ڪريون، اسان وٽ ڪافي وقت آهي“پر هنن کي لڳي ٿو تھ اسرائيل جا اتحادي عوام جي بک جي حالت ۾ ڏسي معاملي ۾ جلد مداخلت ڪندا.
يرغمالين مان ڪيترائي اسرائيلي شهري آهن، پر انھن ۾ غير ملڪي شهري بھ آهن، ٻٽي شهريت رکندڙ بھ آهن. ڪيترن جو تعلق آمريڪا، فرانس ۽ برطانيه سان آهي ۽ اهي ملڪ انھن جي محفوظ واپسي چاهين ٿا.
فرانسيسي صدر ايمانول ميڪرون فرانسيسي نسل جي اسرائيلي خاندانن سان واعدو ڪيو آهي ته، سندن پيارن کي وطن واپس آندو ويندو. "فرانس پنهنجي ٻارن کي اڪيلو نه ڇڏيندو.”
يرغمالين جي قسمت فوجي رٿابندي ڪندڙن تي ڪيئن اثر وجھندي، اھو واضح ناهي. اسرائيلي اڳواڻن تي مقامي دٻاءُ پڻ آهي. امير بار ان صورتحال کي 1972 جي ميونخ اولمپڪس جي صورتحال سان ڀيٽي ٿو، جڏهن هڪ هٿياربند فلسطيني شخص اسرائيلي رانديگرن تي حملو ڪري 11 ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو هو.حملي ۾ ملوث ھر شخص کي ڳولي قتل ڪرڻ جو آپرشن شروع ڪيو ويو. سندن خيال آهي ته اهڙي طرح حڪومت اغوا ڪندڙن کي ڳولڻ چاهي ٿي.
غزا جي مختلف علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائڻ شايد اسرائيل جي ايليٽ يونٽ ”سيرت متڪل“ لاءِ مشڪل ٿي سگهي ٿو. حماس اڳ ۾ ئي اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ يرغمالين کي مارڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.
2011 ۾، اسرائيل پنج سال کان حماس جي تحويل ۾ پنھنجي فوجي گيلات شاليت جي بدلي ۾ ھڪ ھزار قيدين کي آزاد ڪيو ھو. بهرحال، اسرائيل هن ڀيري قيدين جي بدلي تي غور نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته انھن قيدين مان هڪ يحيي السنوار، بعد ۾ غزا ۾ حماس جو سياسي اڳواڻ بڻجي ويو ھو.
پاڙيسري ملڪ آپريشن تي نظر رکي رهيا آهن.زميني آپريشن جي مدت ۽ نتيجن جو دارومدار اسرائيل جي پاڙيسرين جي ردعمل تي به آهي. اسرائيل کان مصر مطالبا ڪري سگھي ٿو، جيڪو غزا جي سرحد سان لڳ آهي ۽ اڳ ۾ ئي رفع جي سرحد پار ذريعي امداد موڪلڻ تي زور ڀري رھيو آهي.
شايد قاهره فلسطينين جي اچڻ لاءِ سرحد نه کوليندو ۽ نه ئي اسرائيل خلاف فوجي ڪارروائي ڪئي ويندي.
لبنان سان اسرائيل جي اترين سرحد تي پڻ ويجهي نگراني ڪئي پئي وڃي.هٿياربند گروپ حزب الله ڪيترائي سرحد پار کان حملا ڪيا آهن، پر اهو ثابت نه ٿيو آهي ته اسرائيل خلاف ڪو نئون اتحاد آهي.ايران، جيڪو حزب الله جي حمايت ڪري ٿو، اسرائيل جي خلاف نئين تنظيمن جون ڌمڪيون ڏنيون آهن.آمريڪي صدر جو بائيڊن ساڳئي چتاءُ جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته "هر اھو ملڪ، هر ھا تنظيم جيڪو هن صورتحال مان فائدو وٺڻ چاهي ٿو، مان صرف اھو چوندس تھ ائين نھ ڪري.
اسرائيل وٽ آخري رستو ڪھڙو آھي ؟ جيڪڏهن حماس کي واقعي ڪمزور ڪر ڻو آهي ته سوال اهو آهي ته ان جي جاءِ ڪير وٺندو؟ اسرائيل 2005 ۾ غزا جي پٽي مان پنهنجي فوج ۽ هزارين آبادڪارن کي واپس گھرائي ورتو ھو.جتي ٻيهر قابض قوت طور وڃڻ جو ارادو ناهي.ماھر اوفر ونٽر جو چوڻ آهي ته اقتدار ۾ تبديلي فلسطيني اٿارٽي (PA) جي مرحليوار واپسي جو سبب بڻجي سگهي ٿي، جنهن کي 2007 ۾ حماس طرفان غزا مان ڪڍيو ويو هو، فلسطين اٿارٽي ڪا فوجي تنظيم ناهي پر اولهه ڪناري جي ڪجھ حصن کي سنڀالي ٿي. سندس خيال آھي تھ مصر بھ ان جي حمايت ڪري سگھي ٿو.
حماس جي اسرائيل تي حملن کان اڳ به غزا ۾ اھڙين شين جي اجازت نھ ڏني وڃي جيڪي فوجي مقصدن لاءِ به استعمال ٿي سگهن. اسرائيل وڌيڪ سخت پابنديون لاڳو ڪرڻ چاهي ٿو.غزا جي ڪراسنگ ويجهو بفر زون قائم ڪرڻ جو مطالبو پڻ ٿي رھيو آهي.جئين اسرائيلي برادرين کي تحفظ ملي سگھي. سيڪيورٽي سروس شاباڪ جي اڳوڻي سربراهه،يورام ڪوھن جو چوڻ آهي ته موجوده علائقي ۾ ٻه ڪلوميٽر ’سوٽ آن سائٽ‘ زون ٺاهڻ جي ضرورت آهي.هن زميني جنگ جا نتيجا جيڪي به هجن، اسرائيل چاهيندو ته اهڙا حملا ٻيهر نه ٿي سگھن.