پاڪ چين دوستي، معاشرتي تعمير ۽ سگھاري قوم

انوار الحق ڪاڪڙ

پاڪ چين لاڳاپا خاص نوعيت جا آھن.ھي ڀائچاري،دوستي ۽ اعتماد جو اھڙو باب آھي جنھن جو بنياد ستر سال کان بھ اڳ رکيو ويو ھو.ٻنھي ملڪن جي ان وقت جي قيادت ھڪ انتھائي بالغ نظري سان ھڪ مستحڪم تعلق جي شروعات ڪئي.جيڪو سالن گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ موثر،مضبوط ۽ سگھارو ٿيندو ويو.نھايت دانشمندي سان جوڙيل اھو تعلق وقت جي ھر آزمائش تي پورو لٿو ۽ ڊگھي عرصي جي اسٽريٽجي جي شراڪت تي ٻڌل آھي.مان اعتماد سان چئي سگھان ٿو تھ پاڪستان ۽ پاڪستان جا ماڻھو ان تعلق کي قدر جي نگاھ سان ڏسن ٿا ۽ فخر سان چين  کي پنھنجو دوست قرار ڏين ٿا.اھا ڳالھھ گھڻي خوشي واري آھي تھ چيني ڀائر پڻ ”لوھي ڀائپي“ جو اصطلاح  فقط پاڪستان جي لاءِ ڪتب آڻين ٿا.

پاڪستان ۽ چين جي لازوال شراڪتداري ۽ گھري دوستي ٻنھي ملڪن جي مفاد ۾ آھي ۽ اھا اسان جي ماڻھن جي تاريخي چونڊ آھي.چين سان پاڪستان لاڳاپا اسان جي پرڏيھي پاليسي جو اھم ترين ٿنڀ آھي.چين سان ويجھي دوستي کي پاڪستاني عوام جي مستقل حمايت حاصل آھي.

بي مثال دوستي تي ٻڌل ٻن برادر ملڪن جو ھي ڀائچارو ھر امتحان تي پورو لھي ٿو ۽ٻئي ملڪ ھر قسم جي زماني جي ڦيرڦار کان بي نياز ھڪ ٻئي سان گڏ بيٺل آھن.ٻنھي ملڪن جي گڏيل اسٽريٽجڊي شراڪت جو ھي ٻوٽو ھاڻي ھڪ مضبوط درخت بڻجي چڪو آھي ۽ ان جون پيار واريون پاڙون اسان جي ماڻھن جي دلين تائين پکڙيل آھن.ٻنھي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ محبت الفت جو ھي رشتو ”جبلن کان اوچو، سمنڊ کان اونھو ۽ ماکي کان مٺو آھي “

چين جي پھرين وزيرعظم چواين لائي،ھڪ ڀيري چيو ھو تھ چين ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ دوستاڻا ناتا قديم دور کان آھن.يقينن پاڪ چين لاڳاپا اسان جي ماڻھن وچ ۾ قديمي تھذيبي رشتن جو تسلسل آھن.قديم شاھراھ ريشم جي ذريعي ٿيندڙ واپار ۽ جاگرافيائي ويجھڙائي ٻنھي عظيم ايشيائي تھذيبن کي ويجھڙائپ جو سبب بڻي.قديم زماني کان چين جا راھب ۽ مفڪر ٽيڪسلا ۽ پاڪستان ۾ موجود ٻڌ مت جي ٻين مقامن جو سفر ڪندا آيا آھن.جن ذريعي گنڌارا آرٽ ۽بڌمت جي حڪمت چين تائين پھتي جيڪا ٻنھي قومن جي وچ ۾ لازوال ٻڌڻ جو باعث بڻي.

پاڪ چين لاڳاپن جي تاريخي ارتقا ۽علائقائي ۽ عالمي منظر نامي ۾ ان جي وڌندڙ  اھميت بين الرياستي لاڳاپن ۾ مثالي حيثيت رکي ٿو.مصبوط سياسي حمايت،گڏيل اعتماد ۽ گھڻ طرفي عملي سھڪار سان ستن ڏھاڪن ۾ جڙيل ھي منفرد رشتو ترويراتي شراڪداري جي صورت اختيار ڪري چڪو آھي.

مان عوامي تعاون جي لاءِ بيجنگ ۾ ٿيندڙ ٽين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت ڪري رھيو آھيان.سموري دنيا جي ترقي جي لاءِ ڏھھ سال اڳ شروع ٿيندڙ ھي پروگرام صدر شي چن پنگ جي بصيرت جو جيئرو جاڳندو ثبوت آھي.

اسان صدر شي جن پنگ جي مدبرانھ صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا،جنھن ڏھن سال اڳ ترقي جي لاءِ انسان ذات کي ھڪ ڪميونٽي قرار ڏيندي گڏيل مستقبل جي لاءِ عالمي شراڪتداري ۽ عالمي گورننس جو نئون تصور پيش ڪيو.صدر شي بين الاقوامي تعاون و تبادلي خيال جو نئون موجد ثابت ٿيو آھي،جنھن دنيا جي پاڻ ۾ ڳنڊجڻ اڇوتو عمل جوڳو ماڊل پيش ڪيو آھي.جنھن جي عملي شڪل آھستي آھستي سامھون ايندي پئي وڃي. ھن مدبراڻي تصور جو مرڪزي نقطو ھڪ اھڙي سماجي ۽ اقتصادي ترقي آھي،جنھن ۾ سڀ شامل ھجن.سڀني جو فائدو ٿئي ۽ سڀني جي فتح ٿئي.ھي ھڪ پاڻ ۾ جڙيل صاف سٿري،پرامن ۽ خوبصورت دنيا جو تصور آھي.ھڪ اھڙي دنيا جيڪا سڀني جي لاءِ آھي ۽ جنھن ۾ ڪنھن جي لاءِ ڪو خطرو ناھي.

چيني رياستي ڪائونسل جي طرفان تازو ئي وائٽ پيپر جاري ڪيو ويو آھي،جنھن ۾ٻڌايو ويو آھي تھ بي آر آءِ گڏيل مستقبل جي عالمي برادري جو ھڪ ٿنڀ آھي.بي آر آءِ جي سامھون ايندڙ تصور بشمول گلوبل ڊيولپمينٽ انيشيٽو(جي ڊي آءِ) گلوبل سڪيورٽي انيشيٽو(جي ايس آءِ) ۽ گلوبل سولائزيشن انيشٽو(جي سي آءِ) سان “گڏيل ڪميونٽي“ جو تصور وڌيڪ چٽو ٿي وڃي ٿو.

پاڪستان بي آر آءِ ۾ شامل ٿيندڙ اولين ملڪن مان ھڪ آھي.چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي جھنڊي کڻندڙ طور تي سي پيڪ پاڪ چين لاڳاپن ۾ ھڪ اھم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو.سي پيڪ جي ذريعي اقتصادي تعاون ۽ ڪنيٽوٽي پاڪ چين لاڳاپن جو مرڪزي نقطو بڻجي چڪا آھن ۽ ھن وقت ٻئي ملڪ اڳي کان ڪئين وڌيڪ ھڪ ٻئي سان جڙيل آھن.سي پيڪ اقتصادي خوشحالي ۽ رابطي جي حوالي سان بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي خواب جي بھترين تعبير جي طور تي سامھون آيو آھي.سي پيڪ پاڪستان جي سماجي و اقتصادي منظر نامي ۾ انقلابي تبديلون آڻيندو پيو وڃي، ان سان جديد انفراسٽرڪچر وجود ۾ آيو آھي،علائقائي رابطا بھتر ٿيا آھن،توانائي جي کوٽ پوري ٿي آھي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيا آھن.

ھن سال پاڪستان سي پيڪ جي ڪامياب ھڪ ڏھاڪي جي موقعي تي ڪيترن ئي تقريبن ۽ سرگرمين جي ميزباني ڪئي.چين پاڪستان راھداري جي ڏھن سالن وارين تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ صدر شي جن پنگ جي خصوصي ايلچي جي حيثيت سان چين جي نائب وزيراعظم ھي لائفنگ پاڪستان تشريف کڻي آيو،جنھن جو پاڪستان ۾ اڌر ڀاءَ ڪندي اسان کي گھڻي خوشي ٿي.

پاڪستان سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ اعليٰ معيار جي منصوبن تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آھي ۽ ٻئي مرحلي جي ڪامياب تڪميل جي لاءِ پرعزم آھي.اسان سي پيڪ کي ترقي ۽ روزگار جي فراھمي جو اھم ذريعو سمجھون ٿا ۽ سرسبز معيشت،نئين ٽيڪنالوجي،گڏجي ترقي ڪرڻ ۽ کليل معيشت جي لاءِ چين جي تجويزن سان اتفاق ڪريون ٿا.

پاڪستان جي ڊي آءِ  گروپ آف فرينڊز جو ھڪ اھم رڪن آھي ۽ ان سان وڌيڪ ٺوس شڪل ڏيڻ  ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو آھي.پاڪستان جي ڊي آءِ جي تحت پھريون ترجيحي شراڪتدار ۽ جي ڊي آءِ مفاھمت نامي تي دستخط ڪندڙ پھريون ملڪ ھئڻ جي حيثيت سان تعليم،صحت،موسمياتي تبديلي ۽ غربت گھٽائڻ جي شعبن ۾ سھڪار سان بروقت انداز ۾ مستفيد ٿيڻ لاءِ تيار آھي.اھڙي طرح اسان کي جٽادار ترقي جا مقصد وقت سر حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

پاڪستان جي ايس آءِ، جي پڻ حمايت ڪري ٿو ۽ ان کي گڏيل قومن جي چارٽي  ۽ گھڻ رخي اصولن ۽ اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت جي مطابق ڄاڻي ٿو.عرصي کان حل ٿيڻ جھڙن تڪرارن ۽ دھشتگردي سبب نقصان کڻڻ جي ڪري اسان ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏيل احترام تي ٻڌل ڳالھين جي حمايت ڪريون ٿا.

جي سي آءِ، صدر شي جن پنگ جو ھڪ ٻيوتاريخي ۽بروقت قدم آھي.جنھن ۾ تنوع،پرامن گڏيل بقا،ھڪ ٻئي کان سکڻ ۽ جمامعيت جي احترام کي فروغ ڏنو ويو آھي.جيڪو اختلاف ۽ تفرقي ۾ ورتل دنيا ۾ تھذيبن جي وچ ۾ مڪالمي،امن ۽ مفاھمت جو ذريعو ٿي سگھي ٿو.

پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي ارشادن جي روشني ۾ پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي جو مقصد ھميشھ “اندروني ۽ ٻاھريون امن “ رھيو آھي.تنھنڪري صدر شي جن پنگ طرفان پيش ڪيل قدمن جي توثيق پاڪستان جي لاءِ فطري عمل آھي.

تڪرار،معاشي ٻاڙائي،غذا عدم تحفظ،سماجي اڻبرابري ۽ موسمياتي تبديلي جھڙن ڪئين چئلينجن ۾ ورتل دنيا ۾ پاڪ چين اسٽريٽيجڪ پارٽنرشپ جي اھميت گھڻي وڌيڪ آھي.ھي ٻنھي ملڪن جي لاءِ فخر ۽ سڪون جو باعث آھي ۽ خطي جي اندر ۽ٻاھر امن و استحڪام جو عنصر آھي.اسان جي ماضي،حال ۽ مستقبل جي رشتو آھي ۽ ڪا بھ شيءَ ان حقيقت کي تبديل نٿي ڪري سگھي.

اسان جي پراڻين روايتن مطابق اسان بنيادي مسئلن تي ھڪ ٻئي جي حمايت ڪريون ٿا.اسان پاڪستان جي خودمختياري،علائقائي سالميت،اقتصادي استحڪام ۽ ڄمون ڪشمير جي معاملي تي چين جي اصولي حمايت جي لاءِ ان جا شڪر گذار آھيون.اسان ون چائنا پاليسي جي لاءِ پنھنجيءِ وابستگي ۽ تائيوان،ھانگ ڪانگ،تبت،سنڪيانگ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ سميت ان جي بنيادي مسئلن تي چين جي حمايت جو پڪو پهھ ڪريون ٿا.

ويجھن دوستن،اسٽريٽيجڪ پارٽنرز ۽ آھني ڀائرن جي حيثيت سان پاڪستان ۽ چين گڏيل مستقبل جي منزل ڏانھن وڌي رھيا آھيون.مونکي يقين آھي تھ اسان جي دوستي ايندڙ ڏينھن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندي ۽ ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ هٿي ملندي.

پاڪ چين دوستي زندھ باد !

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.