نواز شريف جو چوڌري نثار کي سرچاءَ لاءِ پيغام

لاهور (عوامي آواز نيوز) نواز شريف وطن  ورڻ کان اڳ مسلم ليگ (ن) جي ناراض اڳواڻن کي پرچائڻ لاءِ رابطا ڪيا آهن.

نامياري حافي مبشر  لقمان جو چوڻ آهي ته  چوڌري نثار علي خان کي به  نواز شريف جو سرچاءَ  لاءِ پيغام  مليو آهي. پر نواز شريف جو هن ڀيري پير ڳرو  ثابت ٿي رهيو آهي. هو سعودي عرب  پهتو ته فلسطين- اسرائيل جنگ شروع ٿي وئي.

هڪ ڏينهن بعد جنيد صفدر ۽ عائشه  سيف ۾ طلاق  ٿي وئي . ساڳي طرح ڪرڪيٽ ۾ به پاڪستان کي هندستان شڪست ڏئي ڇڏي. هوڏانهن نگران حڪومت پئٽرول ۽ ڊيزل ۾ عوام کي وڏو رليف ڏئي ڇڏيو آهي. ڊالر روزانو هيٺ اچي رهيو آهي ۽ رپيو مضبوط ٿي رهيو آهي.

ان قسم جو اڃا به عوام کي ڪو ٻيو وڏو رليف مليو ته عوام نواز شريف ۽ چونڊن کي وساري ڇڏيندو. عام ماڻهون ته چوندو ته هي نگران حڪومت ئي بهتر آهي.

ٻئي طرف پيپلز پارٽي  چئي رهي آهي ته نواز شريف ڊيل ڪري اچي رهيو آهي. پر ڪٿي ڦاسي نه پئي.

نامياري تجزئي نگار حفيظ الله  نيازي جو ته  چوڻ آهي ته مارچ ۾ مارشل لا لڳي سگهي ٿي. مطلب ته نواز شريف لاءِ چڱيون خبرون نه آهن.

نواز شريف جي جيل وڃڻ ۽ چوٿون ڀيرو وزيراعظم  نه ٿيڻ جون به اڳ ڪٿيون ٿي رهيون آهن.

نوٽ: هيءِ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 17 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.