نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ اهم معاملا طئه

لاهور (عوامي آواز نيوز) سعودي عرب ۾ موجود نواز شريف سان سعودي عرب جي ٻن اهم شخصيتن جي ملاقات ٿي آهي. جنهن ۾  اسٽيبلسمينٽ جي عيوضي طور  هڪ شخصيت به شرڪت ڪئي آهي.

نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي ضمانت سعودي عرب ڏني آهي. ملاقاتن ۾ پاڪستان ۽ فلسطين- اسرائيل  جنگ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ علائقائي صورتحال تي به غور ڪيو ويو آهي، مستقبل جي ڏيهي ۽ پرڏيهي پاليسي بابت ڪجهه معاملا طئه ڪيا ويا آهن.

پاڪستان جي معيشت کي مضبوط  ڪرڻ لاءِ به غور  ويچار ڪيو ويو آهي. طئه ٿيو آهي ته معاشي بحاليءَ  لاءِ مستقبل ۾ (ن) ليگ حڪومت آئي ته اها اسٽيبلشمينٽ جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائيندي سخت فيصلا ڪرڻا پيا ته ڪيا ويندا، جڏهن ته سعودي عرب ۽ عرب امارات پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندا، جنهن جو هر صورت ۾ تحفظ ڪيو ويندو. قطر سان به اين ايل جي بابت معاملا طئه ڪيا ويندا.

نامياري صحافي موجب هڪ طرف اسٽيبلشمينٽ جا نواز شريف سان معاملا  طئه ٿي رهيا آهن، ٻئي طرف استحڪام پاڪستان پارٽي کي به هٿي ڏني پئي وڃي، فرخ حبيب جي آءِ پي پي ۾ شموليت به ظاهر ڪري ٿي ته اسٽيبلشمينٽ صرف نواز شريف تي نه ٿي ڀاڙي نه ئي نواز شريف کي کليل ميدان ڏنو ويندو.

نوٽ: هيءِ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 17 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.