ٽوڙهي ڦاٽڪ سانحي کي 39 ورهيه مڪمل، شهيدن جي وارثن کي انصاف نه مليو

ڄامشورو ( رپورٽ: صدر جوڻيجو) ٽوڙهي ڦاٽڪ جي سانحي کي 39 ورهيه مڪمل ٿي ويا پر 5 سنڌي ڳڀرو نوجوانن جي شهادت تي وارثن سان انصاف نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي سنڌي ماڻهن کان هي دردناڪ واقعو وسري سگهيو، شهيدن جي39 هين ورسي اڄ 17 آڪٽوبر تي  ملهائي پئي وڃي، مختلف هنڌن تي تقريبون  رٿيل، شهيدن جي مزارن تي به حاضريون ڀريون پيون وڃن، فوجي جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ 17 آڪٽوبر  1984ع ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ ڄامشورو جي پٿريلي ڌرتي جي ٽن مادر علمين جي سنڌي شاگردن سان قهري واقعو پيش آيو، ان قهري ڪارروائي ۾ شهيد ٿيلن انور عباسي ۽ مٺو بليدي، امان الله وسطڙو، عبدالمالڪ خشڪ ۽ ذڪريا ميمڻ جي مزارن تي قومي هلچل جي مختلف قومپرست پارٽين جي گروپن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن حاضريون ڀري گلن جون چادرون چاڙهيندا، جنهن ۾ ڄامشورو ۾ مٺو بليدي ۽ انور عباسي، نوشهروفيروز لڳ مچر ۾ امان الله وسطڙو ۽ عبدالمالڪ خشڪ ۽ ذڪريا ميمڻ جي دڙو ۾ مزارن تي سنڌ جو قومي ترانو پڙهي کين ڀيٽا ڏيندا 17 آڪٽوبر 1984ع تي سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل ڪاليج (هاڻوڪي يونيورسٽي) جا شاگرد ان وقت جساف جي مرڪزي صدر ( موجوده پ پ سينيٽر) گل محمد جکراڻي ۽ جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر دودو مهيري ( ايس يو پي جو موجود نائب صدر) جي اڳواڻي ۾ بسن ۾ چڙهي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ نون داخل ٿيندڙ شاگردن جي مان رٿيل تقريب ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا ته مانجهند ويجهو ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ وردي پهريل هٿياربندن کين روڪي مٿن انڌاڌنڌ گوليون وسايون ويون، اونهاري جي ٽاڪ منجهند جو ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ ٿيل ان قهري ڪارروائي جي نتيجي ۾ سنڌ يونيورسٽي جا ٻه شاگرد انور عباسي ۽ امان الله وسطڙو، مهراڻ يونيورسٽي جا ٻه شاگرد عبدالمالڪ خشڪ ۽ ذڪريا ميمڻ شهيد ٿي ويا جڏهن قافلي جي بسن مان هڪ بس جو ڊرائيور مٺو بليدي پڻ گولين جو کاڄ بڻجي شهادت ماڻي، واقعي ۾ پنج ماڻهن جي شهيد ٿيڻ کان علاوه ڪيترائي شاگرد سخت زخمي ٿي پيا، وردي پهريل بي رحم هٿياربندن دانهن ڪوڪن باوجود زخمي کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ بدران شام تائين پوليس ڪارروائي ڪرڻ ۽ انهن کي ڌاڙيل قرار ڏيارڻ لاءِ ڊرامي بازيون ڪيون ويون ۽ رات جو قانون نافذ ڪندڙن ان قت جي شاگرد اڳواڻ گل محمد جکراڻي، ستار موريو، اقبال تنيو، ڊاڪٽر دودو مهيري، عمرالدين زرداري، نذير تنيو ۽ سڪندر ميراڻي سوڌو سمورن زخمي شاگردن کي پنهنجي گاڏين ۾ سٿي کڻي اسپتال پهچائي طبي امداد ڏيارڻ بدران حيدرآباد جي نارا جيل پهچايو ويو.

سانحي جو مک ڪردار گل محمد جکراڻي پيپلزپارٽي جو حمايتي بڻيل

ڄامشورو: ٽوڙهي ڦاٽڪ سانحي جي مک ڪردار گل محمد جکراڻي قومي هلچل کي ڇڏي پ پ پ جو سينيٽر ۽ عمرالدين زرداري پ پ  جو حمايتي بڻيل آهن، نذير تنيو قومي ڪارڪنن جي ساٿ سان سلهاڙيل آهي، اقبال تنيو، سڪندر ميراڻي ۽ ٻيا ساٿي خاموشي واري زندگي گذاري رهيا آهن، جڏهن ته ڊاڪٽر دودو مهيري پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ بعد بدين ضلعي ڪائونسل جو ميمبر بڻيل آهي.

عبدالحميد جتوئي سنڌي نوجوانن جو ڪيس اسپيشل ڪورٽ ۾ هلائڻ جو مطالبو ڪيو هو

ڄامشورو: محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ آيل اڌو گابري جمهوري حڪومت ۾ جيئي سنڌ هلچل جي باني سائين جي ايم سيد جي  صلاح تي قومي اسيمبلي ۾ سنڌ جي جهوني قومپرست اڳواڻ عبدالحميد جتوئي تقرير ڪندي ٽوڙي ڦاٽڪ جي سنڌي نوجوان اسيرن جو ڪيس ملٽري ڪورٽ بجاءِ اسپيشل ڪورٽ ۾ هلائڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن بعد حڪومت اسپيشل ڪورٽ جوڙي ڪيس هلايو ويو جيڪو ڪيس نامياري جسٽس (ر) عبدالسلام ٿهيم هلايو هو. ان ڪيس ۾ به قيد ڪيل ٽوڙهي ڦاٽڪ جي سمورن اسيرن گل محمد جکراڻي ۽ ڊاڪٽر دودو مهيري جي قيادت ۾ هڪڙو ڊرافٽ تيار ڪيو، جنهن ۾ سمورن اسيرن جون صحيحون ڪيل هيون ان ڊرافٽ جو نالو ”تاريخ اسان سان انصاف ڪندي“ رکيو ويو هو، آخر ڪار  1988ع ۾ پ پ جي حڪومت ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي اسيرن کي بي ڏوهي ۽ ضمير جو قيدي قرار ڏيندي آزاد ڪيو ويو.

قيدي نوجوانن کي اگهاڙي حالت ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

ڄامشورو: ٽوڙهي ڦاٽڪ وارو اهو واقعو آهي جنهن جي قيدي بڻايل نوجوانن کي ملٽري ڪورٽن ۾ ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پر سنڌي  نوجوان ان ڪورٽ ۾ اهو چئي وڃڻ کان انڪار ڪيو ته جن ماڻهن اسان جي نوجوانن جي قتل ڪيو ۽ اسان کي قيد ڪري رکيو آهي انهن جي جوڙيل ڪورٽ ۾ ڪڏهن به پيش نه ٿينداسين، تنهن هوندي به هڪ ڀيرو کليل دهشگردي جي انتها ڪندي قيدي ڪيل سنڌي نوجوانن کي جبري طور تي  اگهاڙي حالت ۾ فوجي عدالت ۾ پيش ڪيو، ٽوڙهي سانحي ۾ متاثر ٿيل شاگرد اڳواڻ سنڌ جا انقلابي نوجوان ان وقت جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر اديب انقلابي جي دعوت تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) جو مرڪزي صدر گل محمد جکراڻي پنهنجي ساٿين سميت قافلي جي صورت ۾ وڃي رهيا هئا ته ڏينهن جي رهزنن کين ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ ٽرين جو وقت نه هوندي به ڦاٽڪ بند ڪري اڳ ۾ ئي تاڙ ۾ لڪل سرڪاري هٿياربندن مٿن گولين جا وار ڪري ڏنا جنهن ۾ 5 سنڌي نوجوان شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.