سنڌ اندر موسيقيءَ جا اهڙا ڪردار به آهن جيڪي فن ۾ مالا مال ھوندي به نظرانداز ڪيا ويا آهن يا وساريا ويا آهن. اهڙو ئي نالو عمران صادق سومري جو به آهي جيڪو 42 سالن کان وٺي موسيقي سان سلهاڙيل آهي.
هي مختلف سازن وڄائڻ سان گڏ سريلو راڳي پڻ آهي۔ان سان گڏ هو هڪ شاعر ۽ ماهر ڪمپوزر به آهي جنهن سون جي تعداد ۾ پنهنجي شاعريءَ سميت لاکيڻي لطيف کان وٺي شيخ اياز، استاد بخاري ۽ انور پيرزادي کان صوفي بزرگن ۽ نئين ٽھيءَ جي شاعرن جي اڻ ڳاتل ۽ نئين شاعريءَ کي ڪمپوز ڪري پاڻ ڳايو آهي.
عمران صادق جون ڪمپوزيشنون نواڻ سان سلهاڙيل آهن ۽ هو سنڌي ٺمريون به ڪمپوز ڪري ٿو ته نئين ڪيلڪيوليشن واريون ۽ تجنيسي ڌنون به ڪمپوز ڪري ٿو. جڏهن ته سنڌ جي مختلف فنڪارن سندس ڪمپوزيشن ۾ ڪيترا ئي نڪور گيت، وايون، غزل وغيره ڳايا آهن. جن ۾ انينا فدا جتوئي، اقرار وحيد علي خان، عاشق علي راڄپر، شهنيلا علي، زاهد شيخ ۽ ٻين جا نالا اچن ٿا.
عمران صادق بيڪن هائوس سميت مختلف اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچر به رهيو آهي ته PACC ڪراچي،الحديد ميوزڪ ڪلب حيدرآباد،ويڊ ميوزڪلب گلشن حديد،شڪارپور ميوزڪ ڪلب شڪارپور ۾ ڪيترائي سال فن جي خدمت به ڪئي آهي ۽ ڪافي تعداد ۾ شاگرد به تيار ڪيا آهن۔جيڪي هن وقت اسڪرين تي اچي سٺو ڳائي رهيا آهن۔جن ۾ شهنيلا علي سمون،ذوهيب شيخ،ضمير شيخ،علي اظهر عباسي،امتياز علي ايري،نائلا ميراڻي،شازيه،ايمن صادق،لطف علي ميراڻي ۽ ٻيا ڪافي نالا اچن ٿا. سچ ته اسان وٽ فن ۽ فنڪار جي قدرداني نالي ماتر آهي. جو اهڙي منفرد قيمتي پورهئي کي به اڃا تائين حڪومتي سهائتا ناهي ملي سگهي. جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ سندن فن کي پروموٽ ڪيو وڃي ٿو. پر اسان وٽ آرٽسٽن کي پوئتي رکيو ٿو وڃي ۽ من پسند ماڻهن کي اڳتي ڪيو ويندو آهي. سو عمران صادق به نظرانداز ٿيل آرٽسٽ آهي جنهن جون خدمتون ساراهڻ جوڳيون آهن.
عمران صادق جو چوڻ آهي ته 1980 ۾ جڏهن مشڪل سان ڏھ يا يارنهن سالن جو هوندس ته منهنجي مامن سائين مٺل مسرور، لال بخش مسرور، ميران بخش مسرور ۽ سائين بيدل مسرور بدويءَ ۽ منهنجي ڀاءُ ادا پرويز سومرو جن جي راڳ جي محفلن ۾ وڃڻ ٿيندو هيو ۽ اتان کان ئي مان موسيقي جي دنيا ۾ گم ٿي ويس ۽ پوءِ 1982 ۾ استاد سائين خان صاحب عبدالغفور سومرو کان طبلي سکڻ سان گڏ و گڏ راڳ سکڻ جي به شروعات ڪئي جيڪا طبلي ۽ راڳداري سکڻ جي صورت ۾ هن وقت تائين جاري آهي۔جڏهن ته خان صاحب استاد بشير خان طبلا نواز کان به روحاني شاگرد طور هن وقت تائين طبلو سکندو ٿو اچان. عمران صادق بهترين طبلا نواز به آهي جنهن پنهنجي فني ڪيرئر ۾ استاد محمد يوسف،استاد گلزار علي خان دايو،استاد گلزار علي خان سانگهڙائي،استاد عبدالغفور سومرو،استاد حميد راڄپر،صادق فقير،ڪالو فقير،برڪت فقير،شفيع فقير،خان صاحب فتح علي خان،شمن ميرالي ۽ رحمت ميرالي،قاصر نوازشهنيلا علي،واحد بخش لاشاري ۽ ٻين ڪيترن ئي مشهور آرٽسٽن سان طبلي تي سنگت ڪري داد حاصل ڪيو آهي ۽ سنڌ اندر سندس طبلي جا ڪيترا ئي پرستار آهن.
هن ٻڌايو ته سنڌ ثقافت کاتي جا وڏا وڙ آهن جو هن سال کان ساليانو وظيفو ڏيڻ شروع ڪيو اٿائون۔باقي جيستائين رهيو سوال انعام يا اعزاز جو ته جڏهن هن وقت تائين ڪلچر ڊپارٽمينٽ مونکي ڪنهن به پروگرام ۾ فن پيش ڪرڻ جو موقعو ئي ناهي ڏنو ته کين ڪئين خبر پوندي ته مون شاھ عبداللطيف کان وٺي سنڌ جي گهڻن ئي بزرگن ۽ نئين ٽهيء جي شاعرن جون اهي ڪافيون،وايون،گيت ۽ غزل به ڪمپوز ڪيا آهن جيڪي هن وقت تائين ڪنهن به ناهن ڳايا. وچولي ۽ نئين ٽهيءَ جي شاعرن امر پيرزادو، اياز جاني،اياز گل، زاهد شيخ ۽ ڪيترن ئي ٻين شاعرن جون نڪور شاعريون ڪمپوز ڪري ڳايون آهن ۽ مون ھر فارميٽ تي ڪمپوز ڪيون آهن. جهڙوڪ۔۔گيت، غزل، وائي، ڪافي، ٺمري وغيره۔ ۽ ptv ڪراچي، ريڊيو ڪراچي، مهراڻ tv،ڪششtv، آواز tv،ڪي ٽي اين، آواز tv،ڌرتيtv ۽ ڪافي نجي محفلن ۾ فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهيان. تازو مون ملڪ لاءِ سنڌي،بلوچي،براهوي،پنجابي ۽ اردو زبان۔۔۔ڪل پنج زبانن ۾ هڪ اهم ملي نغمو لکي ڪمپوز ڪيو آهي۔جيڪو ايندڙ سال لاءِ سنڌ ثقافت کاتي جي سهڪار سان ڳائي ٽريڪ ٺهرائڻ به چاهيان ٿو۔
هن ٻڌايو ته اڄ ڪجھه راڳي بهترين ڪم ڪري رهيا آهن۔استاد فتح علي خان،استاد بشير خان،استاد عبدالغفور سومرو سميت ڪافي استاد اڃا به بهترين شاگرد ارپي رهيا آهن۔ ۽ اڃا به ڪجھه جيئرا استاد اسان جي سنڌ جو انمول سرمايو آهن۔پر مجموعي طور ڏٺو وڃي ته استاد منظور علي خان جهڙو نئون خاڪو استاد وحيد علي خان جي ڳائڻ جو انداز استاد محمد يوسف جهڙو سريلو ۽ سچو علمدار آواز استاد محمد جمن ۽ استاد سينگار علي سليم جهڙو ڪمپوزر 50 سالن کان پوءِ به (استادن کي پري ڪندي) نئين ٽهيء جي نون ميدان ۾ آيل آرٽسٽن منجهان وڏي طاقت سان نه اڀرڻ جو سبب اهوئي آهي ته رياضت ۽ محنت واري سچي راڳداريءَ کان سنڌي موسيقي پاسيري ٿيندي ٿي وڃي۔ان جو مک ڪارڻ ڊجيٽل ميڊيا واري آڊيو ريڪارڊنگ جو ماحول آهي۔ جنهن سان هر ٻيو ماڻهو آساني سان ڳائي ٿو سگهي۔جنهن سبب لائيو ساز به ناپيد ٿي ويا آهن ۽ آرٽيفيشل ازم تحت نج سنڌي سازن ثقافتي رنگ ۽ موسيقي جي ماحول کي ختم ڪري مغربي انداز جي موسيقي واپرائي پئي وڃي. پر اڳ ۾ سچو ۽ ميداني ڪم هوندو هيو. رياضت هوندي هئي هاڻي ڪمپيوٽر رستي بي سري ڳائڻن جا ڪلسرا سر به سڌا ٿيو وڃن ٿا. پر ان راڳ ۾ سوز و گداز ۽ سرور نٿو لڀي۔هاڻي ته سنڌي ٻوليءَ، گرامر ۽ تلفظ جو خيال به گهٽ ٿو رکيو وڃي.
آخر ۾ هن فن جي نئين سر سکيا وٺڻ وارن لاءِ پيغام ڏنو ته موسيقي سان وابستگي تڏهن ئي پختي ٿيندي آهي جڏهن اوهان ڪنهن مستند استاد کان سکيا وٺندا هجو۔رياضت ڪندا هجو۔باقي موسيقي شارٽ ڪٽ رستي آيل هر ڳائڻ واري کي ڪجھه وقت اندر ميساري ڇڏيندي آهي. موسيقيءَ ۾ اصلوڪو ڪم ئي انسان کي امر ٿو بڻائي سگهي۔ ان ڪري نؤن سکندڙن کي سچي محنت تي ڀاڙڻ گهرجي شارٽ ڪٽ تي نه .