ڪنهن سياسي پارٽي سان واسطو ناهي، ڌاڙيلن ۽ سهولت ڪارن کي نه ڇڏينداسين: گهرو وزير

ميرپورخاص(رپورٽ: صالح اوٺو) گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز ۽ آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو آهي ته اسان جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان واسطو ناهي اسان قانون موجب ڪم ڪري رهيا آهيون، سنڌ ۾ جيڪا  ٻاهران منشيات اچي پئي، ان خلاف سگهاريون ڪاروايون ڪيون ويون آهن جيڪي جاري رهنديون، گهرو وزير چيو آهي ته 14 لک افغان مهاجر اسان جا مهمان آهن قانوني طور رهندڙ افغانين خلاف نه پر ملڪ مان صرف انهن پرڏيهين کي ڪڍيو پيو وڃي جيڪي غير قانوني طور ترسيل آهن، قانوني طور ملڪ ۾ رهندڙ افغانين کي جڏهن افغان حڪومت گهرائيندي ته ان وقت کين واپس موڪلينداسين، ميرپورخاص جي دوري دوران ڊي آءِ جي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ واري آپريشن ۾ نه رڳو افغاني پر ٻين ملڪن کان آيل به شامل آهن ۽ گڏوگڏ غير ملڪين کي پناهه ڏيندڙن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي. گهرو وزير چيو ته ڌاڙيل خلاف جيڪو آپريشن هلي پيو، اسان پهرئين مرحلي ۾ ڪچي کان پهرين پڪي ۾ ڏوهارين کي ڏسي رهيا آهيون، ڌاڙيلن جي سپورٽرن خلاف انٽيلجنس بيسڊ ڪارروايون ڪري آهيون، ڌاڙيلن ۽ سهولتڪارن کي نه ڇڏينداسين، گهرو وزير چيو ته شهيد جان جا قاتل جلد گرفتار ڪيا ويندا، آءِ جي سنڌ رفعت مختار شهيد جان محمد جي معاملي تي وڌيڪ تفصيل ٻڌائيندي چيو ته قاتلن جي گرفتاري لاءِ اسان جي ڪوششن ۾ ڪا ڪمي ناهي آئي، جتي قاتل لڪل آهن، اتي پهچڻ ۾ ٿورو مسئلو هو، ڇاڪاڻ ته درياءَ جي ڪچي واري ان علائقي ۾ پاڻي تمام گهڻو آيل هو، جتي پهچڻ ۾ مشڪلاتون ٿي رهيون هيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.