هلندڙ سال 2189 غيرقانوني افغاني گرفتار ٿيا: ڪراچي پوليس

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) هلندڙ سال غير قانوني طور رهندڙ 2189 افغانين کي گرفتار ڪيو ويو،ڪراچي پوليس هلندڙ سال 721  ڪيس داخل ڪري 2189 غير قانوني افغانين کي گرفتار ڪيو، ڪراچي پوليس رڪارڊ موجب هن سال شهر جي مختلف علائقن مان غير قانوني طور تي رهندڙ 2189 افغانين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، رڪارڊ موجب جنوري ۾ 48 ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ 100 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو، فيبروري ۾ 59 ڪيس ڪيا ويا، 180 ۽ مارچ ۾ 29 ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ 83 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو .اپريل ۾ 31 ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ 79، جڏهن ته مئي ۾ 23 ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ 121 ۽ جون ۾ 64 ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ 205 افغانين کي گرفتار ڪيو ويو،رڪارڊ موجب جولاءِ ۾ 46 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن 195، آگسٽ ۾ 22 ۽ 71، سيپٽمبر ۾ 249 ۽ 817 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.