جنهن ڳالهه جو خدشو هو اها ٿي وئي اهي ماڻھو جيڪي وڌ کان وڌ ٽيڪس ڏيندا آھن انهن تي به ملڪ جي حڪمران اشرافيا طبقي عالمي بينڪ جي چوڻ تي وري ڳرو ٽيڪس مڙھڻ جي تجويز ڏني آھي جيڪا لڳي ٿو منظور ٿي ويندي .عالمي بينڪ پنهنجي تازيءَ رپورٽ ۾ پاڪستان جي حڪومت کي تجويز ڏني آهي ته اها پگهاردار طبقي جي سڀني کان هيٺئين ’سليب’ (درجي) تي به ٽيڪس لڳائي، جيڪو ساليانو 50،000 روپيا يا ان کان به گهٽ ڪمائي ٿو.محصول جي معاملن جي ماهرن ان تجويز جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته ان جي ڪري ٽيڪس جي آمدنيءَ ۾ وڌيڪ ڪمي ايندي.رپورٽ ۾ ٽيڪس جي شعبن ۾ سڌارن جو ذڪر ڪندي، چيو ويو آهي ته پگهاردار طبقي ۾ انڪم ٽيڪس کان ڇوٽ وارن نوڪري ڪندڙن جو انگ گهڻو وڌيڪ آهي.
’گهٽ آمدن وارو طبقو اڳ ۾ ئي مهانگائيءَ سبب ڏتڙيل آهي’ ٽيڪس معاملن جي ماهر، علي رحيم ان تجويز تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته ان جي ڪري پگهاردار طبقي تي وڌيڪ بار پوندو جيڪو اڳ ۾ ئي وڌندڙ مهانگائيءَ جو شڪار آهي.سندس چواڻي، ملڪ ۾ برآمد ڪندڙ امير، لکين ايڪڙ ايراضيءَ جا مالڪ زميندار، واپاري، ٿوڪ جو ڪاروبار ڪندڙ ۽ جائيداد جي خريد ۽ وڪرو ڪندڙ يا سان لاڳاپيل ڪم ڪرڻ وارا نالي ماتر ٽيڪس ڏيندا آهن.
هن چيو ته حڪومت پگهاردار طبقي کان جيتري ٽيڪس وٺي رهي آهي اها اڳ ۾ ئي گهڻي آهي. جيڪڏهن حڪومت ’ٽيڪس نيٽ’ ۾ واڌاري جي خواهش رکي ٿي ته ان کي هاڻي ٻين شعبن ڏانهن نظر وجهڻ جي ضرورت آهي.ان ڳالهه جي نشاندهي ڪندي ته ملڪي دولت (جي ڊي پي) ۾ 22 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو زراعت ادا ڪري ٿي، پر اتان کان ڪٺي ٿيندڙ ٽيڪس هڪ سيڪڙي کان به گهٽ آهي.هن وڌيڪ چيو ته ان صلاح تي جيڪڏهن حڪومت عمل ڪيو ته ان جي ڪري گهٽ آمدنيءَ واري طبقي ۾ بي چيني ۽ ٽيڪس چوريءَ ۾ واڌ ايندي. پر ان جي ڪري ڪي سٺا نتيجا نه نڪرندا.’وڌيڪ ڪمائيءَ واري طبقي تي ٽيڪس لڳائڻ جي ڪري حڪمران طبقي جي مفادن تي چوٽ رسندي’
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پوئين مالي سال ۾ پگهاردار طبقي گڏيل طور تي 264 ارب روپيا ٽيڪس ادا ڪئي، جڏهن ته پاڪستان جي امير ترين برآمد ڪندڙن رڳو 74 ارب روپيا ٽيڪس ڏني.اميرن تي ٽيڪس مڙهڻ جي معاملي تي، ٽيڪس ناتن جي ماهر ڊاڪٽر اڪرام الحق سميت ٻين تجزيه نگارن جو خيال آهي ته ان ڳالهه جو امڪان تمام گهٽ آهي ڇو ته ان ڳالهه تي حڪمران سرنديءَ وارن جي مفادن تي چوٽ لڳي ٿي.هن چيو ته ’ڊائريڪٽ ٽيڪسز’ سموري ٽيڪس جو رڳو 30 سيڪڙو آهي، ۽ حڪومت جو گهڻو انحصار ’ڊائريڪٽ ٽيڪسز’ تي ئي آهي، جيڪو غريب ۽ امير ادا ڪن ٿا.ڊاڪٽر اڪرام چيو ته غريب طبقي جي ڪمائي محدود هئڻ جي باوجود انهن کي گهڻي رقم حڪومت جي خزاني ۾ جمع ڪرائڻي پوي ٿي.هن چيو ته ’ٽيڪس ريٽرن’ فائيل ڪرڻ وارن جو انگ رڳو 30 لک آهي ۽ ملڪي دولت (جي ڊي پي) جو رڳو 10.2 سيڪڙو ٽيڪس ۾ ڪٺو ٿيندو آهي.
ڪير ڪيتري ٽيڪس ڏيندو آهي؟هن وقت جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪنهن اداري ۾ پگهاردار ملازم آهن ۽ 50،000 تائين ماهانو يعني ساليانو ڇهه لک روپيا ڪمائن ٿا ته توهان جي پگهار تي ڪا انڪم ٽيڪس ڪانهي.اهڙيءَ ريت جيڪڏهن توهان جي سالياني آمدني ڇهن کان 12 لک روپين جي وچ ۾ آهي ته توهان کي اڍائي سيڪڙو انڪم ٽيڪس ڏيڻي پوندي آهي.
جيڪڏهن پگهار 12 کان 24 لک سالياني آهي ته توهان کي 15000 روپيا في ڪس ۽ جن جي 12 لکن کان وڌيڪ پگهار آهي تن تي ساڍا 12 سيڪڙو جي حساب سان انڪم ٽيڪس ڏيڻي آهي.اهڙيءَ ريت، فرض ڪريو ته توهان جي پگهار 24 کان 36 لک روپيا ساليانو آهي ته توهان کي هڪ لک 65 هزار روپيا ’فڪسڊ ٽيڪس’ کان سواءِ 27.5 سيڪڙو جي حساب سان ٽيڪس ڏيڻي پوندي.آخري ۽ سڀ کان وڏي ’سليب’ ۾ جيڪڏهن توهان جي سالياني پگهار 60 لکن کان مٿي آهي ته توهان کي 10 لک 95 هزار روپيا ۽ پنهنجي ڪمائيءَ تي 35 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻي پوندي.
هوڏانهن گهٽ پگهار واري طبقي کان به انڪم ٽيڪس وٺڻ جي تجويز اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن ملڪ ۾ مهانگائيءَ تمام چوٽ چڙهيل آهي. جيڪڏھن اهو ڪم ٿيو ته گهٽ پگهار کڻندڙ ماڻھن ۾ به خودڪشين جو عمل شروع ٿي ويندو ۽ افراتفري جو عمل تيز ٿي ويندو، هن کان اڳ عالمي بينڪ جي ڇرڪائيندڙ رپورٽ پڻ شايع ٿي آھي ته هڪ سال ۾ وڌيڪ سوا ڪروڙ ماڻهو غربت ۾ جڪڙجي ويا، ’هاڻي سکڻين ڳالهين مان ڪجهه نه ورندو’
عالمي بينڪ جي عهديدارن چيو آهي ته رڳو هڪ سال اندر پاڪستان ۾ غربت ۾ پنج سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ آئي آهي، ۽ ملڪ ۾ غربت ڏهائي 34.2 سيڪڙي مان وڌي 39.4 سيڪڙو ٿي وئي آهي.ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته پاڪستان ۾ رڳو هڪ سال ۾ هڪ ڪروڙ ۽ 25 لک وڌيڪ شهري غربت ۾ جڪڙجي ويا آهن، ۽ هن وقت ملڪ ۾ هڪ ڏينهن ۾ 3.20 ڊالر يعني 950 روپيا پاڪستاني روزانو يا ان کان به گهٽ ڪمائڻ وارن جو انگ 9 ڪروڙ 50 لک تائين پهچي ويو آهي، جيڪو آدم شماريءَ جي ٽئين حصي کان به وڌيڪ آهي.عالمي بينڪ جي پنهنجي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان ڊوڙ ۾ پاڪستان ٻين ملڪن کان پوئتي رهجي ويو آهي ۽ غربت ۾ ڪميءَ جو عمل رڪجي ويو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ انساني ترقيءَ جا نتيجا اڃان به ڊيڄاريندڙ آهن، ۽ ترقيءَ جا سمورا فائده هڪ ننڍي طبقي کي غير واجبي طور تي ٿي رهيا آهن. هوڏانهن آدم شماريءَ ۾ تيزيءَ سان اضافي ۽ نوجوانن جي انگ ۾ واڌ جي ڪري، معاشي ترقي نه ٿيڻ سان نوجوانن ۾ بي چيني وڌندي پئي وڃي، ڇو ته انهن جي لاءِ ترقيءَ جي موقعن ۾گهٽتائي ٿيندي ٿي وڃي ۽ اهڙي وقت ۾ خاص طور تي نوجوان عورتن جي لاءِ ترقيءَ جي ڪنهن قسم جي موقعي ميسر اچڻ جا امڪان اونداها ٿي چڪا آهن.
غربت ۾ واڌ جا سبب ڇا آهن؟بينڪ غربت ۾ واڌ اچڻ جي جن بنيادي سببن جي نشاندهي ڪئي آهي انهن ۾ صحت، تعليم ۽ ٻين بنيادي خدمتن پهچائڻ ۽ سماجي تحفظ جي بيڪار نظام جي موجودگي، ان تي نه ٿيڻ جوڳو ۽ روهايل قسم جو خرچ، اجايا عوامي خرچ، محصول جو اڻ برابريءَ وارو نظام، وڌڻ کان وانجهي معيشت، گهٽ اپت ڏيڻ وارو زرعي سيڪٽر، توانائيءَ جو تمام مهانگو نظام جيڪو قرضن ۾ جڪڙيل آهي ۽ بيڪار ۽ اڻ موثر سرڪاري سيڪٽر جنهن ۾ سرنديءَ وارن جو ئي ڪنٽرول آهي، اهم آهن.
رپورٽ ۾ پاڪستان کي آڏو آيل مسئلن ۾ سڀ کان اهم مسئلو افرادي سگهه جي ميسارجي وڃڻ کي قرار ڏنو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته افرادي سگهه جي دولت، يعني انهن جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت، تمام گهٽ آهي ۽ ان جو استعمال ان کان به گهٽ آهي. ٻيو اهم مسئلو پاڪستان کي درپيش وڏي ۽ اڻ جٽادار ناڻي واري وڇوٽيءَ کي قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ٽيون مکيه سبب خراب پاليسين جي ڪري اتي سيڙپ ڪاريءَ جي اڻاٺ ۽ برآمد ۾ آيل گهڻي گهٽتائي آهي.
اهو به چيو ويو آهي ته سال 2022 جي هاڃيڪار سيلاب ۽ ٻوڏ سميت موسمياتي تبديليءَ پاڪستان کي بيحد متاثر ڪيو، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ موسمياتي تبديلين سان نبرڻ جي لاءِ سيڙپ ڪاريءَ جي گهٽتائي، رڪارڊ مهانگائي، رپئي جي قدر ۾ ايندڙ تيزيءَ سان ڪمي ۽ غير ملڪي ناڻي ۾ ايندڙ گهٽتائي به غربت ۾ واڌ جا سبب بڻيا آهن.عالمي بينڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ نوجوانن ۾ بي روزگاريءَ جي ڏهائي ڏهن سالن ۾ سڀني کان وڌيڪ آهي ۽ شهرن ۾ رهڻ وارا 7.4 سيڪڙو نوجوان ۽ 10.4 سيڪڙو عورتون بي روزگار آهن.
پبلڪ سروس تائين رسائيءَ ۾ عام شهرين کي تمام گهڻي ڏکيائي پيش اچي رهي آهي ۽ عام ماڻهوءَ کي صحت، تعليم، صفائي سٿرائي ۽ غذائيت جي ڪمي آڏو آهي. ملڪ ۾ شهرن ۾ رهندڙ 47 سيڪڙو ڪٽنب گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو رهڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته انهن سمورن حقيقتن سان ملڪ ۾ هر هڪ جي ڪمائي ۾ رڳو 1.7 جو واڌ آئي، جيڪا ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ سراسري واڌ جي اڌ جي برابر آهي.
سال1980 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۾ في فرد آمدني ڏکڻ ايشيا ۾ سڀني کان وڌيڪ هئي، پر هاڻي ان جو شمار پوئتي پيل گهٽ ترين آمدنيءَ وارن ملڪن ۾ ٿئي ٿو.’هاڻي سکڻين ڳالهين مان ڪم نه هلندو’اقتصاديات ۽ عوامي پاليسيءَ جي ماهر، ڊاڪٽر افتخار احمد چيو آهي ته اها رپورٽ پاڪستان جي لاءِ پاليسي بدلائڻ لاءِ ’کليل ۽ وقتائتو‘ چتاءُ آهي. هن چيو ته موجوده سماجي، سياسي، اقتصادي ماڊل بيڪار نظر اچي رهيو آهي ۽ ان جي رسائي پاڪستاني عوام جي بنيادي خدمتن تائين موجود ناهي. هن چيو ته بدترين حڪمرانيءَ جي ڪري حالتون ايتريون ته خراب ٿي چڪيون آهن جو هاڻي رڳو ’زباني دعوائن سان ڪم نه هلندو‘، پر هن گهوٽالي جي ڪيفيت مان نڪرڻ جي لاءِ عملي ۽ جرات وارا قدم تمام ضروري ٿي چڪا آهن.
هن چيو ته پاليسين ۾ تبديلي ڪري پاڪستاني نوجوان، قدرتي وسيلن ۽ پنهنجي جاگرافيائي حقيقتن مان فائدو وٺي سگهجي ٿو ۽ پاڪستان کي هاڻي ’سڌارن ۽ ڀائيچاري واري ترقيءَ يا بحرانن مان بچڻ’ يا ’اڃان تري ۾ ڪرڻ‘ منجهان ڪنهن هڪ رستي کي اختيار ڪرڻو پوندو.هن وڌيڪ چيو ته ان مقصد جي لاءِ حڪومتي ادارن کي مضبوط ڪرڻ سان گڏ زراعت تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو، جڏهن ته توانائيءَ جي شعبي ۾ هڪ عرصي کان تمام ضروري سڌارن کان جان نه ٿي ڇڏائي سگهجي ۽ هاڻي اهي سڌارا ڪرڻا پوندا.
ٽيڪس نيٽ يعني آمدني وڌائڻ کان سواءِ حڪومت غربت کي گهٽائي نه ٿي سگهي.معاشيات جي هڪ ٻئي ماهر، فرحان محمود چيو آهي ته معيشت جي حوالي سان ملڪ جو مستقبل في الحال اونداهو نظر اچي ٿو، ڇو ته معيشت لڳاتار ڪرندي ٿي وڃي ۽ ان قسم جي سوڪهڙي کي ٺيڪ ٿيڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو. سندس راءِ ۾ ان جي ڪري، روڪڙ جي واڌ يعني مهانگائي ۽ خريد ڪرڻ جي سگهه ۾ گهٽتائي اچڻ جي ڪري بي روزگاريءَ ۾ واڌ ايندي.
هن چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان کي واقعي انهن ڏکين حالتن ۽ وڌندڙ غربت مان ڪڍڻو آهي ته حڪومت کي انهن ماڻهن کي ’ٽيڪس نيٽ’ ۾ آڻڻو پوندو جيڪي اڄ تائين ان ۾ شامل ناهن. انهن ۾ زراعت جي پيشي سان لاڳاپيل ماڻهو، واپاري، رٽيلر ۽ ريئل اسٽيٽ رکڻ وارا سڀئي شامل آهن.