لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ ذهني مريض سان هڪ ڊاڪٽر ئي ڳالهائي سگهي ٿو، پي ٽي آءِ باني جي تڪبر ۽ پاڳل پڻو نئون نه آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته قومي سلامتي تي حملي جي اجازت نه ڏني ويندي، ملڪ خلاف سازش ڪندڙ جي سزا آئين ۾ واضح آهي، جيڪو به ڪِريل ۽ گٿي ٻولي استعمال ڪندو، تنهن سان قانون موجب منهن ڏنو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته نَوَ مئي تي 300 عسڪري ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو، آءِ ايم ايف کي خط لکيو ويو ته پاڪستان جي مدد نه ڪئي وڃي، اهڙن عنصرن کي ملڪ دشمنن وانگر منهن ڏينداسين. اڄ پاڪستان جي دفاع، سلامتي ۽ استحڪام جو معاملو آهي.
ذهني مريض سان هڪ ڊاڪٽر ئي ڳالهائي سگهي ٿو، پي ٽي آءِ باني جو تڪبر ۽ پاڳل پڻو نئون ناهي: مريم اورنگزيب
Next Post
You might also like