ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، اڄ به في تولو سوين رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 1600 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 43 هزار 762 رپين جو ٿي ويو .
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 1372 رپيا واڌ بعد 3 لک 80 هزار 454 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به اونس سون 16 ڊالر اضافي سان 4 هزار 214 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like