پنجاب ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪرڻ جو حڪم، سوئيپ اينڊ ڪومبنگ آپريشنز جي هدايت

لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور صوبي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ترت سوئيپ اينڊ ڪومبنگ آپريشنز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن لاهور، راولپنڊي ۽ ملتان سميت صوبي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.
آءِ جي هدايت ڪئي ته پنجاب ۾ فوري طور تي سوئيپ اينڊ ڪومبنگ آپريشنز ڪيا وڃن، ايس ڊي پي اوز، ايس ايڇ اوز ڪومبنگ آپريشنز ۾ سي ٽي ڊي، ٻين ادارن سان گڏ ٿيندا.
سي ٽي ڊي، ايس ڊي پي ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن سان گڏ صوبي جي تعليمي ادارن ۾ فرضي مشقون به ڪرائين.
آءِ جي پنجاب هدايت ڪئي ته تعليمي ادارن جي اچ وڃ وارن رستن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون وڃن، تعليمي ادارن ۾ سيڪيورٽي گارڊز سان گڏ ايمرجنسي بنيادن تي نيڪالي وارو عمل به يقيني بڻايو وڃي.
ڊاڪٽر عثمان انور چيو ته صوبي ۾ ٻاهران آيل ماڻهن جي فوري پروفائلنگ ۽ ڊيٽا چيڪ ڪئي وڃي، ٽي ايل پي سميت سمورين ڪالعدم تنظيمن جي مانيٽرنگ وارو عمل باقاعدگي سان جاري رکو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.