گرين ايڪسپريس ۾ منگهڻن جو راڄ، مسافرن جو بُرو حال، ريلوي انتظاميا جي ڪارڪردگي تي سوال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گرين لائن ايڪسپريس ۾ صفائي سٿرائي جي خراب نظام هڪ ڀيرو ٻيهر سوال اٿاري ڇڏيا، تازو مارگلا اسٽيشن کان ڪراچي ويندڙ ٽرين ۾ منگهڻن جي ڀرمار سبب مسافرن کي سخت پريشاني ٿي.
مسافرن موجب اسان 10 کان 12 هزار رپين تائين مهانگيون ٽڪيٽون خريد ڪيون پر سڄي رات منگهڻن سان گڏ سفر ڪرڻ تي مجبور رهياسين.
متاثر مسافرن ٻڌايو ته منگهڻن جي خوف سبب عورتون ۽ ٻار سمهي به نه سگهيا، جڏهن ته ريلوي اختيارين سان ڪيترائي ڀيرا رابطي باوجود ڪو جواب نه ڏنو ويو.
ڪيترن ئي مسافرن وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون آهن، جنهن تي واهپيدار سوال اٿاري رهيا آهن.
متاثرن ريلوي واري وزير ۽ لاڳاپيل اختيارين کان فوري طور نوٽيس وٺڻ، بوگين ۾ اسپري ڪرائڻ ۽ صفائي جو نظام بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
هوڏانهن ان معاملي تي ريلوي انتظاميا جو ڪو موقف سامهون ناهي آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.