آئون مٿي ڄاڻايل ٽن معاملن ڪري ڊڄي ويس. هڪ ئي ڏينهن ۾ جن تجربن مان گذرڻ جو اتفاق ٿيو، انھن احساس ڏياريو ته انٽرنيٽ جي سبب صحافت هاڻي ’ھڪ سٽي‘ ٿي وئي آهي. سادي لفظن ۾ پڙهندڙ يا ڏسندڙ صرف چند لفظن جي بنياد تي ’سرخي‘ يا ھيڊ لائين کي ’سڄي خبر‘ جو روپ سمجھن ٿا.جڏهن منهنجي عمر جي ماڻهن صحافت شروع ڪئي ھئي تڏھن ”هيڊ لائين“ جو بنيادي مقصد پڙهندڙن کي ”خبر“ تفصيل سان پڙهڻ لاءِ آمادو ڪرڻ هو. اھو وقت ياد ڪندي مرحوم عباس اطهر ياد آيو.
عباس اطهر مون کي انگريزي صحافت مان اردو ڪالم نگار ڏانهن ڌڪيو ھو. اسان کيس پيار سان ’شاهه جي‘ سڏيندا هئاسين. مرڻ گهڙيءَ تائين مان ساڻس بحث ڪندو رھيس ته هو بنيادي طور شاعر آھي. روزي ڪمائڻ کيس صحافي ٿيڻ تي مجبور ڪيو.منهنجي ڳالهه بغير ڪنهن بحث جي قبول ڪندو هو.
شاهه صاحب کي صحافت ۾ اصل شهرت خبرن جي مختصر ترين ’سُرخي‘ سبب نصيب ٿي هئي. ان سلسلي ۾ فقط هڪ مثال ڪافي ٿيندو. 1970ع ۾ اسان جون پھريون عام چونڊون بالغ ووٽنگ جي بنياد تي ٿيون. اڄوڪي پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي قائم ڪيل پيپلز پارٽي، انهن ڏينهن ۾ اولهه پاڪستان مان چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ملڪ جي مبصرن کي حيران ڪري ڇڏيو هو. پيپلزپارٽيءَ جي چونڊن کان اڳ واري جلسن ۾ هڪ نعرو هنيو ويو، جيڪو مختصر نظم جھڙو هو. انهيءَ شعر جهڙو نعرو هڻندڙ کي ’ ٺاھ ‘ چئي جواب ڏنو ويندو هو. ان نعري جي مقبوليت کان متاثر ٿي هڪ فلمي گانو پڻ ٺاهيو ويو جنهن ۾ ’اي سينا نال لگ جا ٺاھ ڪر ڪي‘ سڏيو ويو. پر جڏهن 1970ع جي چونڊن جا نتيجا آيا ته شاهه صاحب پنهنجي اخبار ۾ فقط هڪ لفظ جي سرخي رکي ۽ اها هئي ’ ٺاھ ‘.اھو لفظ پھرين صفحي تي قلم سان نھ پر برش سان لکيل لفظ جيان نمايان طور ظاهر ٿيو.1970ع جي اليڪشن جو ماحول ۽ ان جي نتيجن کي صرف هڪ لفظ ” ٺاھ“ مان مطلب ظاھر ٿي ويو.شاهه صاحب جي هٿ مان وري هڪ ٻي سُرخي بھ نڪتي جيڪا سموري حياتي ان کي پنهنجو دفاع ڪرڻ تي مجبور ڪندي رھي. ان جو پس منظر پڻ بيان ڪرڻ لازمي آھي.
ٿيو اهو ته 1970ع جي چونڊون کان اڳ، انهن ڏينهن جي فوجي آمر جنرل يحيٰ، ليگل فريم ورڪ آرڊر، جنهن کي LFO جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ذريعي اعلان ڪيو ته 1970ع جي چونڊن ذريعي وجود ۾ ايندڙ قومي اسيمبلي، پاڪستان جو آئين 120 ڏينهن اندر تيار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي تھ ان کي ٽوڙيو ويندو. مرحومه عاصمه جهانگير جي والد ملڪ غلام جيلاني سميت پاڪستان جا ڪيترائي ترقي پسند سياستدان مسلسل اها دعويٰ ڪندا رهيا آهن ته مٿين شرطن کي واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ ملڪ جي سالميت کي سخت خطرو ٿي سگهي ٿو. فوجي ڊڪٽيٽر ۽ ان جا ماڻهو پاڻ کي عقل ڪل سمجهندا ھئا. هو ان شرط تي ضد تي رھيا.چونڊون ان شرط تي ٿي ويون. شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ اوڀر پاڪستان ۾ ٻن کانسواءِ سموريون سيٽون کٽي ورتيون ۽ اڄوڪي بنگلاديش ۾ وڏي اڪثريت ڪامياب ٿي. انهن ڏينهن ۾ پاڪستان جي اڌ حصي ۾ جيڪو آبادي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو صوبو هو، عوامي ليگ جي فتح ان کي اڪثريتي پارٽي بڻائي ڇڏيو. هن مطالبو ڪيو ته نئين چونڊيل اسيمبلي جو اجلاس فوري طور تي گهرايو وڃي.
شيخ مجيب 1970ع جي اليڪشن ۾ ڇهن نڪتن جي بنياد تي کٽي ھئي. اهي نقطا مشرقي پاڪستان لاءِ اهڙي خودمختياريءَ جا گھرجائو ھئا،جنهن تي جيڪڏهن حقيقي معنيٰ ۾ عمل ڪيو وڃي ها ته پاڪستان اولهه ۽ اوڀر پاڪستان تي ٻڌل هڪ ’وفاق‘ جي بجاءِ ’ڪنفيڊريشن‘ بڻجي سگهي ها. اسان جي رياست جا مستقل ادارا ان امڪان کان ڊڄي ويا.هن ھنن کي اھو خدشو بھ ٿي پيو تھ جيڪڏهن شيخ مجيب جي مطالبي تي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس گهرايو ويو ته اولهه پاڪستان جا پشتون ۽ بلوچ قومپرست، جيڪي ولي خان جي اڳواڻيءَ ۾ نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ گڏ ٿيا هئا، اهي عوامي ليگ سان گڏجي پنهنجي لاءِ آئيني ”خود مختياري“ حاصل ڪري ويندا.
ذڪر ڪيل امڪان کي روڪڻ لاءِ، ذوالفقار علي ڀٽي مطالبو ڪرڻ شروع ڪيو ته نئين چونڊيل اسيمبليءَ جو اجلاس جلد بازيءَ ۾ گھرائڻ کان پاسو ڪيو وڃي.بھتر ھوندو ته ايوان جي اجلاس کان اڳ شيخ مجيب ۽ ڀٽو صاحب جي وچ ۾ ڳالھيون ٿين.
پاڪستان جي ٻنھي صوبن ۾ اڪثريتي پارٽيون اڀري آيون.جيڪڏھن اھي پارٽيون نئين آئين جي ٺهڻ جي حوالي سان چند اصولن تي متفق ٿين ته اهي ٻئي گڏجي چونڊيل پارٽين کي نئين آئين جي بنيادي خصوصيتن تي راضي ڪري سگهن ٿيون. جيڪڏهن توهان اڄ ان بابت سوچيو ٿا، اهو مطالبو ڪافي معقول آهي. انهن ڏينهن جي ڇڪتاڻ واري ماحول ۾، ڀٽو مخالفن جي اڪثريت اهو اصرار ڪندي رهي ته پيپلز پارٽي جي باني ”جمھوري اصولن جي خلاف“شيخ مجيب جي اڪثريت کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان سلسلي ۾ کيس ’پنجابي‘ بيوروڪريسي جي حمايت بھ حاصل آهي ۽ جنرل يحيٰ خان به سندس ڪجهه جنرلن ذريعي ساڻس رابطي ۾ آهي.
جڏهن ڀٽو صاحب جي مطالبي کي اھميت نھ ملي تھ هن لاهور ۾ مينار پاڪستان وٽ عام جلسي کي خطاب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان جلسي کان اڳ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل قومي اسيمبليءَ جي چند ميمبرن (جنهن ۾ احمد رضا قصوري به شامل هو، جنهن جي والد جو قتل بعد ۾ ڀٽو صاحب کي ڦاهيءَ جو سبب بڻيو ) ”ذاتي طور “ تي اخبارن کي ٻڌائڻ شروع ڪيو ته اھي قومي اسيمبلي جو فوري اجلاس گهرائڻ جي حق ۾ آهي ۽ جيڪڏهن گهرايو ويو ته ان ۾ شرڪت کي ترجيح ڏيندا.
اھا ڳالھه نڪتي تھ ان ذوالفقار علي ڀٽي کي شڪ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.ڪجهھ حڪومتي ايجنسيون ان پارٽيءَ ۾ مداخلت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون ھيون.
ان خوف کي روڪڻ لاءِ هن مينار پاڪستان جي اجلاس ۾ اعلان ڪيو ته پيپلز پارٽيءَ جا جيالا انھن چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبر جون ”ٽنگون ڀڃي ڇڏيندا“،جيڪي يحيٰ خان طرفان شيخ مجيب جي مطالبي تي پر ڍاڪا ۾ سڏايل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.
شاھ صاحب ان جلسي ۾ موجود هو. جلسي ختم ٿيڻ تي ته هو لاهور مان ڊان اخبار جي نمائندي مرحوم نثار عثماني سان گڏ ريلوي اسٽيشن تي آيو.ٻنهي جي وچ ۾ ڀٽو صاحب جي تقرير جي اثرن تي غور ڪيو. عثماني صاحب کي ڊپ هو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ شيخ مجيب جي مطالبي تي يحيٰ خان جي سڏايل قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي ته پوءِ اوڀر پاڪستان اسان کان جدا هڪ الڳ ملڪ بڻجي ويندو. عثماني صاحب جي خدشن کي نظر ۾ رکندي شاهه صاحب لاهور واري جلسي جي عنوان ”اِڌر ھم اُوڌر تم“ واري سرخي ھنئي.
اھا سرخي ڀٽو مخالف پيپلز پارٽي جي باني خلاف “چارج شيٽ“ طور استعمال ڪندا رهيا. ھيدنگ ھڻڻ وقت عباس اطهر جي ذهن ۾ ”چارج شيٽ“ واري ڳالهه نه هئي.ھن جي ذھن تي رڳو نثار عثماني صاحب جا بيان ڪيل خدشا ڇانيل هئا.سو، سرخي لڳي وئي جنھن بعد شاهه صاحب مرڻ گھڙي تائين ان بابت وضاحتون ڪندو رهيو.
خدا جا لک شڪر ته،جيڪي سرخيون مون کي پريشان ڪري رهيون هيون، انھن جا نقصان اهي ’اِڌرھم اُوڌر تم‘ جهڙا سنگين نٿا ٿي سگهن.مان بھ’تاريخ‘ بيان ڪندي گمراهه ٿي ويو آهيان ۽ انهن ’سرخين‘ جو تفصيل سان ذڪر نه ڪري سگهيس.مان پنهنجي نوجوان ساٿين کي رڳو اها گذارش ڪندس ته پنهنجي ”خبر“ جي ”هيڊ لائن“ يا ”انٽرو“ يا ۽ ٽي وي لاءِ ”ٽڪر“ ٺاهيندي ”ٺاھ“ جهڙا خوشگوار حيرت جھڙيون تخليقون ڪن پر”اڌر ھم اوڌر تم“جھڙي سنسني خيزي کان بچن.