عورت جي دانهن تي بس ۾ فحش فلمون ڏسندڙ شخص گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊائيوو بس ۾ سفر دوران هڪ مسافر عورت جي وقت سر ڪارروائي جي نتيجي ۾ ان شخص کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو سفر دوران پنهنجي موبائل فون تي فحش فلمون ڏسي رهيو هو.
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ عورت بهادري ۽ حاضر دماغي جو مظاهرو ڪندي بس جي عملي کي صورتحال کان آگاهه ڪيو، جنهن کانپوءِ بس انتظاميا فوري طور ان شخص کي مقامي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
عورت مسافر ٻڌايو ته جوابدار سڄي رستي ۾ فحش فلمون ڏسندو رهيو ۽ سيٽ پوئتي ڪندي مون کي به ڏسندو رهيو، مون وٽ وڊيو ثبوت به موجود آهن.
واهپيدارن عورت جي همت کي ساراهيو ۽ مطالبو ڪيو ته اهڙن ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن عوامي هنڌن تي اخلاقي رويي جي حوصلا افزائي ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.