“ٿڪجي پيو هئس تڏهين غيرقانوني ايڪشن سان بالنگ ڪئي“، شڪيب الحسن جو انڪشاف

بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر شڪيب الحسن ڄاڻي واڻي غيرقانوني ايڪشن سان بالنگ ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
شڪيب الحسن جي بالنگ ايڪشن کي 2024ع ۾ انگلش ڪائونٽي طرفان کيڏندي غير قانوني قرار ڏئي کيس معطل پڻ ڪيو ويو هو.
هڪ انٽرويوءَ ۾ شڪيب الحسن انڪشاف ڪيو آهي ته هو سمجهي ٿو ته مان ٿوري گهڻي ڄاڻي واڻي غير قانوني ايڪشن سان بالنگ ڪئي.
هن چيو ته سري طرفان سمر سيٽ خلاف ميچ ۾ 70 کان وڌيڪ اوور بالنگ ڪئي ۽ جڏهن ته پنهنجي سموري ٽيسٽ ڪيريئر ۾ ڪڏهن به ايڏا اوور نه ڪيا هئا.
شڪيب الحسن چيو ته ڊگهي بالنگ ڪري ٿڪجي پيو، پاڪستان خلاف بيڪ ٽو بيڪ ٽيسٽ ميچون شيڊيول هيون، اسان پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز کٽي ۽ پوءِ ڪائونٽي ڪرڪيٽ کيڏڻ هليو ويس.
آل رائونڊر جو چوڻ هو ته مون سوچيو ته امپائر وارننگ ڏيندا، پر هنن قانون موجب ڪم ڪيو، رپورٽ ڪرڻ تي مون به شڪايت نه ڪئي، مان ٽيسٽ ۾ فيل ٿي ويس، پوءِ ٻيهر ٽيسٽ ڏئي پاس ٿيس.
واضح رهي ته بنگلاديشي آل رائونڊر ان ميچ ۾ مجموعي طور تي 63.2 اوور ڪيا هئا، شڪيب الحسن جو ايڪشن هلندڙ سال جي شروعات ۾ ٽيون ڀيرو ٽيسٽ ڪرائڻ کانپوءِ ڪليئر قرار ڏنو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.